پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجي شادي ويجهي آهي پر تفصيل نه ٿو ٻڌائي سگهان. پشاور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 هين ترميم تي حملا ٿي رهيا آهن، وزيراعظم ان ترميم کي واپس ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هر قسم جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر 18 هين ترميم پنهنجي نظرين ۽ اظهار جي آزادي تي ڪوبه ڇيهو رسڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته پريس ڪلب ۾ اسان مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو وري ڪنهن آمر جو مقابلو ڪرڻو پيو ته ملڪ جون سموريون پريس ڪلب اسان سان گڏ هونديون، هن چيو ته اليڪشن ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي، سياست بدران ذاتيات کي نشانو بڻايو ويو، اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جمهوريت ناهي اڄ پارليامينٽ وٽ اها طاقت ناهي اسان پنهنجي انساني حقن تي سوديبازي ڪندا پيا وڃون. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته آمرن ۽ انهن جي ڪٺ پتلين معاشري، معيشت ۽ جاگرافيا کي سخت نقصان پهچايو، ضياءَ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن سان ملڪ ۾ نفرت، لسانيت ۽ مذهبي نفرتن جو ٻج پوکيو جڏهن ته شهيد ڀٽو سمجهندو هو ته غربت قدرت جي نه انسانن جي پيدا ڪيل آهي، شهيد ڀٽو پوري قوم کي جاڳايو ۽ ان کي بااختيار بڻايو. بلاول چيو ته بيگم ڀٽو ۽ شهيد بي بي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، قائد عوام طرفان ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ تي استحصالي گروهه جاڳي پيو جڏهن ته استحصالي گروهه جي سازشن شهيد ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائي سگهون ٿا ڪٺ پتلي حڪومت خلاف نئين نسل کي گڏ ڪندس پاڪستان ۾ جمهوري ۽ انساني حقن غضب ڪيا پيا وڃن، ملڪ ۾ جمهوريت هوندي ته آمريت کي موقعو نه ملندو هن چيو ته منهنجو خاندان ۽ پارٽي کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو پوءِ به موقف تان هٿ نه کڻنداسين 73ع جي آئين ۽ 18هين ترميم تي حملا ٿي رهيا اهن 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جون سازسون ٿي رهيون آهن عمران خان پاڻي حوالي سان بيان ڏنو هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم به ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي، اسان ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟