هر لاپتا ماڻهو جي گمشدگي کي رياست سان نٿو جوڙي سگهجي: ترجمان پاڪ فوج

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ڊفينس آف هيومن رائٽس جي چيئرپرسن آمنا مسعود جنجوعا ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آمنامسعود جنجوعا ۽ ميجر جنرل آصف غفور وچ ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جي دل گم ٿيل ماڻهن جي گهروارن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، آرمي چيف ان حوالي سان جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ خاص سيل قائم ڪيو آهي. هن چيو ته هر گم ٿيل ماڻهو جي گمشدگي کي رياست سان نه ٿو جوڙي سگهجي، ڪيترائي گم ماڻهو افغانستان ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر ٽي ٽي پي جو حصو آهن ۽ ڪيترائي گم ٿيل ماڻهو ٽي ٽي پي طرفان وڙهندي مارجي ويا آهن، هن چيو ته رياست وٽ موجود گم ٿيل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي آمنا مسعود جنجوعا چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي گهروارن کي ملڪ دشمن طاقتن جي هٿان استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں