سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ بابت ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو، ڪميٽي قائم، ايم ڪيو ايم پاران مخالفت

0Shares

ڪراچي() سنڌ جي وڏي وزير  سد مراد علي شاهه شهر ۾ پاڻي جي بحران کي ڏسندي سمورين سياسي ۽ غيرسياسي اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ اجلاس گهرايو ۽ انهن جي گڏيل ڏاهپ سان گهٽ ۽ ڊگهي مدي وارا حل ڳولهيا ويندا. هن ڪي فور رٿا بابت اسٽيڪ هولڊرز جون غلط فهمي پڻ ختم ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 30 سيڪڙو پاڻيءَ جا نقصان جيڪي 174 ايم جي ڊي بڻجي ٿو کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انتظامي اپائن ذريعي پاڻيءَ جي چوريءَ کي ضابطو آڻڻ بابت فيصلو ڪيو ويو، آڪٽوبر جي آخر تائين 100 ايم جي ڊي ۽ء 65 ايم جي ڊي پاڻي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندو ۽ وقت سان گڏ ڪيل ڪاوشن ڪري ڪي فور رٿا پڻ مڪمل ٿي ويندي جيڪو هڪ ڏکيو هدف آهي. ڪثيرالجماعتي ۽ اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ جي ستين ماڙ تي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير بلديات سعيد غني، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، راشد رباني، ميئر ڪراچي وسيم اختر، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي فور اسد ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وفدن جن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي انهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي، پي ٽي آءِ جو حليم عادل شيخ ۽ جنيد شاهه، ايم ڪيو ايم جو خواجا اظهار، محمد حسين، عوامي نيشنل پارٽيءَ جو شاهي سيد، يونس بنيري، سني تحريڪ جو ثروت اعجاز قادري، پي ايس پي جو مصطفيٰ ڪمال، ارشد وهڙا، آصف حسنين، حفيظ الدين، جي يو آءِ جو قاري عثمان ۽ مولانا عبدالڪريم، پي پي آءِ جو ملڪ ايوب ۽ عمران گجر، پي ڊي پي جو بشارت مرزا، جماعت اسلامي جو سيف الدين ۽ جنيد موتي، فاروق ستار جو نمائندو ڪامران اختر، ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو احمد شاهه، آباد جو حسن بخش، ڪي سي سي آءِ جو زبير موتي والا ۽ جاويد بلواڻي، ايف پي سي سي آءَ جو اختيار بيگ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو امتياز فاران شرڪت ڪئي، وڏي وزير چيو ته شهر ۾ پاڻيءَ جو سنگين مسئلو آهي، اسان جي سسٽم ۾ مشڪل سان 480 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي جڏهن ته پاڻيءَ جي ضرورت 1000 ايم جي ڊي آهي. هن چيو ته صورتحال ڪجهه اهڙي ريت بڻجي ٿي ته ڪجهه ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جو اڌ گلاس موجود آهي، جيڪڏهن اسان هر هڪ کي هڪ جيترو پاڻي ورهائينداسين ته انهن کي پاڻيءَ جو ڌڪ کي ملي سگهندو ۽ انهن کي جيڪڏهن غيرمساوي طريقي سان ورهايو وڃي ته ڪجهه ماڻهو جي اڃ پوري ڪري سگهندا ۽ ٻيا اڃايل ئي رهندا. هن چيو ته هن شهر جي صورتحال ڪجهه اهڙي طرح آهي يا ته اسان پاڻيءَ جي کوٽ کي شيئر ڪريون يا ڪجهه ماڻهن کي فائدو پهچايون. هن چيو ته مسئلي جي حل جي ڳولها لاءِ سندس اڄ گهڻ جماعتي ڪانفرنس منعقد ڪئي آهي جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اسٽيڪ هولڊرز شريڪ آهن. هن چيو ته اسان جي هتي موجودگي اهو ظاهر ڪري پئي ته اسان جي دلين ۾ ڪراچيءَ جي ماڻهن لاءِ درد آهي جيڪي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن  چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان (سمورا شرڪت ڪندڙ) انهن معاملي تي دل ۽ دماغ سان غور ويچار ڪري ان جو حل ڳولهيو وڃي ته جيئن اسان گڏجي ان مسئلي جي حل لاءِ ڪم ڪريون. وڏي وزير جي هدايت تي ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان شرڪت ڪندڙ کي پاڻيءَ جي موجوده صورتحال بابت آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته ڪراچي جي آفيشل آبادي 17 ملين آهي ۽ روزاني پاڻيءَ جي گهرج 45 گيلن في ماڻهو آهي، جيڪي روزانو 918 ايم جي ڊي بڻجي ٿي، هن وقت شهر کي پاڻيءَ جي مجموعي فراهمي 580 ايم جي ڊي آهي، جنهن ۾ 480 ايم جي ڊي پاڻي ڌاٻيجي ۽ گهارو مان ايندو آهي ۽ 100 ايم جي ڊي حب مان ايندو آهي، شهر ۾ پاڻيءَ جا نقصان 30 سيڪڙو ريڪارڊ ڪيا ويا آهن جيڪي 174 ايم جي ڊي بڻجي ٿو، انڪري شهر کي پاڻيءَ جي 406 ايم جي ڊي ٿي رهي آهي جيڪو گهرج مطابق 44 سيڪڙو آهي ۽ اهڙي ريت گهرج جو 56 سيڪڙو يعني 512 ايم جي ڊي جو شارٽ فال آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته واٽر بورڊ کي گهرجي ته پنهنجي پاڻيءَ جي نقصانن کي گهٽ ڪري جيڪي تمام گهڻا آهن يعني 147 ايم جي ڊي پاڻي روزاني ضايع ٿي رهيو آهي.  هن واٽر بورڊ ۾ شفافيت ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏني. هن اها پڻ تجويز ڏني تي حڪومت استعمال ڪيل پاڻي جي ري سائيڪلنگ ڪئي وڃي ۽ ان کي صنعتڪارن ۽ ٻين ادارن جتي پاڻيءَ جي گهرج آهي کي فرام ڪيو وڃي. خواجا اظهار الحسن چيو ته موجوده بحران جو حل پاڻيءَ جي چوري کي روڪڻ ۾ آهي. هن پاڻي چوريءَ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي تجويز ڏني. ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو ته ڪي فور رٿا مڪمل ٿي وڃي ته واٽر بورڊ ان قابل نه هوندو ته اهو شهرين کي پاڻي فراهم ڪري ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام تمام ناقص ۽ خراب آهي. هن پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام جي ڊانچي جي ٻيهر تعمير جي تجويز ڏني. هن ڪي ڊبليو ايس بي تي زور ڀريو ته اهي سندن عملي ريشنلائيزڊ ڪري ۽ پراڻي اسٽاف ميمبرن جيڪي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن کي هٽايو وڃي. ڪي سي سي آءِ جي جاويد بلواڻي ۽ زبير موتي والا چيو ته ڪراچي دنيا جو واحد شهر آهي جتي پاڻيءَ جو بل نه آهي. هنن چيو ته ماڻهو سندن پاڻيءَ جا بل ادا ناهن ڪندا. انڪري پاڻيءَ جي استعمال لاءِ سليبس تيار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن واٽر بورڊ جي مالي صورتحال بهتر ٿي سگهي. هنن شڪايت ڪئي ته صنعتن جي مختص ڪيل لائين ٻين مقصدن لاءِ منتقل ڪئي وئي. زبير موتي والاچيو ته شهر جي صنعتي علائقن لاءِ 174 ايم جي ڊي پاڻي جي گهرج آهي ۽ اهو گٽر جو پاڻي جيڪو سمنڊ ۾ وهايو ويندو آهي کي ري سائيڪل ڪري گهرج کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪراچيءَ جا صنعتي علائقا پاڻيءَ جا بل ايڊوانس ۾ ادا ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود صنعتڪارن تي پاڻيءَ جي چوريءَ جو الزام مڙهيو ويندو آهي. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته ڪراچي ايف بي آر ۽ ايس بي آر کي ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپيا ادا ڪري رهيو آهي پر ان جي باوجود شهر کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. هن ورهاست واري نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرور-ت کي زور ڀريو. شاهي سيد چيو ته ڪراچي شهر ۾ ماضيءَ ۾ تمام گهڻو خون وهايو ويو ۽ هاڻي جڏهن صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ته پاڻيءَ تي سياست ڪئي پئي ُوڃي. هن واٽر بورڊ تي زور ڀريو ته سندن پاڻيءَ جي نقصانن کي ضابطو آندو وڃي ته جيئن 170 ايم جي ڊي يا ان کان گهٽ پاڻي سسٽم ۾ شامل ٿي سگهي. محسن شيخاڻي تجويز ڏني ته پاڻيءَ جي بلن ۽ وصولين کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. هن چيو ته اوهان پنهنجي اداري (ڪي ڊبيلو ايس بي) کي مالي طور تي هڪ بهتر ادارو بڻايو ٻئي صورت ۾ اهڙي کوٽ جو مسئلو سدائين رهندو. اڳوڻي ميئر ۽ پي ايس پي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪي فور جي 130 ڪلوميٽر اسٽرپ ۾ تمام گهڻو مهانگو ڪم پاڻيءَ جي پمپنگ جو آهي. هن چيو ته 130 ڪلوميٽر اسٽرپ ۾ پاڻي 80 ڪلو ميٽر جي اندر گريوٽي ۾ وهندو ۽ ان بعد باقي علائقي ۾ پمپنگ جي ضرورت پوندي. هن چيو ته 660 ايم جي ڊي پاڻي مان رڳو 5 ايم جي ڊي پاڻي بحريا جي ضرورت هئي پر ريت واويلا ڪيو ويو ته سڄو منصوبو اوڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. هن وڏي وزير کي تجويز پيش کي ته هُو پنهنجي ڪراچي پئڪيج جي اسڪيمن ۾ اضافي منصوبا شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڻيءَ جون لائنون هر روڊ سان گڏ هيٺ وڇايون وڃن، جيڪي ڪراچي پيڪج تحت تعمير ٿي رهيون آهن. قاري عثمان حڪومت کي تجويز ڏني ته اهي ڪي ڊبليو ايس بي کي وڌيڪ موئثر ۽ فعال بڻايو وڃي ٻئي صورت ۾ اهي مسئلا سدائين رهندا، ان موقعي تي ٻين جن خطاب ڪيو انهن ۾ آرٽس ڪائونسل جي احمد شاهه، آباد جي حسن بخش، ايف پي سي سي آءِ جي ڊاڪٽر اختيار بيگ، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز فاران ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ هر هڪ گروپ جو هڪ نمائندو شامل هوندو جيڪو پاڻي جي ليڪيج، نقصانن، چوري، گهٽ مدي ۾ ورهاست جي نظام کي بهتر بڻائڻ وارن ڪمن کي ڏسندا. وڏي زوير ڪي ڊبيلو ايس بي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي پاڻي جي ذخيرن کي بهتر بڻائي ۽ بلنگ ۽ وصولين واري نظام ۾ بهتري آندي وڃي ۽ هڪ بهتر مساوي پاڻي جي ورهاست جو منصوبو بڻائي ۽ پاڻي  جي ڪنرزوينسي شروع ڪئي وڃي، شارٽ ٽرم ۾ ري سائيڪلنگ پاور پلانٽ لڳايو وڃي. لانگ ٽرم  بابت هن ڪي ڊبليو ايس بي کي چيو ته اهي پنهنجي ڊومين ۾ الڳ سيوريج جو ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ۽ پنهنجي ورهاست واري نظام جي ريڪنسٽريشن لاءِ منصوبو تيار ڪري ۽ انهن علائقن جتي ان جو نيٽورڪ وڇايل نه آهي انهن کي شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر اجلاس جي شرڪت ڪندڙ کي ٻيهر دعوت ڏيندو جڏهن نيسپاڪ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندو. هن چيو ته مان اوهان سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس ۽ اوهان جي ڪي فور رٿا جي تڪميل جي حوالي سان تجويزن مان پڻ فائدو حاصل ڪيو ويندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں