ن ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُالله منشيات فروش ۽ ڪالعدم تنظيمن سان لاڳاپن جي الزام هيٺ گرفتار

0Shares

لاهور (بيورو) ن ليگ اڳواڻ ۽ ايم اين اي راڻا ثناءُالله گرفتار، خبر موجب ن ليگ جي اسيمبلي ايم اين اي راڻا ثناءُالله  کي اينٽي نارڪوٽڪس فورس گرفتار ڪري ورتو راڻا ثناءُالله کي سکيڪي واري علائقي مان حراست ۾ ورتو ويو، اي اين ايف ذريعن موجب راڻا ثناءُالله جا ڪيترن ئي منشيات فروش سان لاڳاپا آهن راڻا ثناءُالله تي ڪالعدم تنظيمن سان لاڳاپن جو به الزام آهي اي اين ايف موجب راڻا ثناءُالله کان منشيات فروشن جي لاڳاپن جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي کانئن پڇاڳاڇا ڪئي ويندي ٻئي طرف ن ليگ به راڻا ثناءُالله جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف اي اين ايف راڻا ثناءُالله جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته راڻا ثناءُالله جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي منشيات جو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ڪيتري مقدار ۾ آهي، راڻا ثناءُالله فيصل آباد کان لاهور منشيات کڻي وڃي رهيو هو سکيڪي وٽ گرفتار ڪيو ويو آهي، منشيات رکڻ جي ڏوهه ۾ راڻا ثناءُالله کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں