اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي. حڪومت کي ملڪ جو سڀ کان وڏو خسارو مليو.آءِ ايم ايف جي ڊالر جي قدر وڌائڻ متعلق ڪا به شرط ناهي. هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ماڻهن کي ٻڌائي رهيا آهيون ته اسان کي ڪهڙي معيشت ملي ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون. ڊالر ڇو وڌيو ان جو سبب ڄاڻڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جو ساڍا 19 ارب خسارو اسان کي مليو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قطر، سعودي عرب، چين سميت ٻين ملڪن جو شڪر گذار آهيون، جن مشڪل حالتن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو، جيڪڏهن اهي دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اسان ديواليا ٿي وڃون ها. قرضن جي سود جي مد ۾ 10 ارب ڊالر ادا ڪري چڪا آهيون. اڳوڻي حڪومت 14 ارب ڊالر جو ڪمرشل قرض ورتو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ سخت پاليسيون بڻائي رهيا آهيون. معيشت جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته معاشي اصلاحات تمام گهڻا ضروري آهن. ترڪي ۾ طيب اردوان معاشي اصلاحات ڪيا، جنهن کانپوءِ ترڪي مسئلن کان نڪري ترقي جي راهه تي پهچي ويو. هن چيو ته سڀني يقين ڏياڻ چاهيان ٿو ته ملڪ کي ترقي جي طرف وٺي ويندس ۽ مسئلا ختم ٿي ويندا. جنهن کي ٻاهر وڃڻو آهي، اهو لٽيل ناڻو واپس ڪري هليو وڃي، بي نامي ملڪيتون ضبط ڪنداسين اڳوڻا حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيا آهن، آيان علي جهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون سري محل جو ڪيس ن ليگ جي حڪومت ۾ تيار ڪيو ويو هو، گذريل حڪومت 14 ارب ڊالرن جو ڪمرشل قرض ورتو پرويز مشرف اين آر او ڏئي نوازشريف ۽ آصف زرداري کي بچايو، حسن نواز لنڊن ۾ 43 ملين پائونڊ جي گهر ۾ رهندو آهي، حديبه ڪيس پ پ دور ۾ ٺهيو ڊالر جو اگهه ڇو وڌيو ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻا پوندا، برآمدات گهٽجڻ سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويندو آهي، اسان کي تاريخ جو بدترين خسارو مليو هاڻي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي، آءِ ايم ايف سان ڊالر وڌائڻ جو ڪوبه شرط ناهي، سعودي عرب، چين، قطر ۽ عرب امارات اسان جي مدد ڪئي هر پاڪستاني وٽ ملڪي معيشت جو سوال آهي، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اڄ ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، اڳوڻي حڪومت رپئي جو قدر وڌائڻ لاءِ 7 ارب ڊالر خرچ ڪيا هي اهي ماڻهو آهن جن کي ملڪ جو ڪوبه فڪر ناهي، عيدون به ٻاهر ملهائيندا آهن، مشڪل مهينو گذري ويو، ڊالر جي قيمت پنهنجي پوزيشن تي اچي ويندي اپوزيشن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن کي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي، شريف خاندان جي ٻن پٽن ٻاهرين ملڪن کان سفارشن جا پيغام موڪليا آهن ڪليئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن کي به اين آر او لاءِ سفارش نه هلندي، ساڍا 5 هزار ارب تڏهن گڏ ٿيندا جڏهن ٽيڪس نيٽ وڌندو ايڪسپورٽ وڌائڻ کانسواءِ معيشت مضبوط نه ٿيندي، امپورٽ تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ ڪري سگهي ٿو، ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ وارا اسان کان حساب گهري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جنهن کي ٻاهر وڃڻو آهي اهو لٽيل ناڻو واپس ڪري ڀلي هليو وڃي، ڪرپشن ۾ گرفتار جوابدارن لاءِ وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪنداسين، سڀني جوابدارن سان هڪجهڙو ورتا ڪرڻ گهرجي آءِ ايم ايف سان سڀاني ميٽنگ ٿيندي ان کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي مون کي سليڪٽيڊ چوڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي، بلاول مائينڊ اينڊ ميٽر آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کانسواءِ ڪوبه ليڊر ناهي، هن چيو ته بي نامي ملڪيتون ضبط ڪنداسين، ريرهي وارن، پٽيوالن ۽ ٻين جي نالن تي بي نامي اڪائونٽ مني لانڊرنگ آهي مني لانڊرنگ خلاف قانونسازي ڪري رهيا آهيون نوڪرن، بورچين جي نالي تي بي نامي ملڪيت ضبط ٿيندي دالر جي اسمگلنگ روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهيون نواز شريف جي پرڏيهه دورن تي 40 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ سڀ فائلرز ٿيو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟