ايف بي آر چيئرمين جو صوبائي چيف سيڪريٽرين کي خط، بي نامي ملڪيتن جا تفصيل طلب

0Shares

اسلام آباد(بيورو) ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي صوبائي چيف سيڪريٽريز کي خط لکي ظاهر نه ڪيل ملڪيت جي تفصيل طلب ڪري ورتي. تفصيل موجب ايف بي آر صوبائي حڪومتن کان ظاهر نه ڪيل ملڪيتون رکندڙن جي تفصيل طلب ڪئي آهي. اداري طرفان 500 مربع گز يا ان کان وڌيڪ ظاهر نه ڪيل ملڪيت رکندڙن جي ڊيٽا طلب ڪئي وئي آهي. ايف بي آر 2 هزار مربع فٽ ڪورڊ ايريا وارن فليٽن جي مالڪن کان به تفصيل  طلب ڪئي آهي. حڪومتي ذريعن موجب صوبائي حڪومتن، ڪينٽ ايرياز ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کان ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي. ايف بي آر سان بهتر رابطن جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، جنهن تي جلد عملدرآمد جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں