نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتار ڪري ورتو

0Shares

اسلام آباد (بيورو)  نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پارڪ لين ڪيس ۾ به گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ٻئي ڪيس ۾ به گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي. آصف عليزرداري احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو ته نيب طرفان پارڪ لين ڪيس ۾ به سندس جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارڪ لين ۽ بلٽ پروف گاڏين جي ڪيسن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ضمانت جون درخواستون واپس ورتيون هيون. اڳوڻو آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پهريون ئي گرفتار آهي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري تي الزام آهي ته هنن پنهنجي ڪمپني پارڪ لين اسٽيٽس پرائيويٽ لميٽيڊ ذريعي 2009ع ۾ اسلام آباد جي مهانگي 2460 ڪنال زمين رڳو 6 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ خريد ڪئي جڏهن ته ان جي قيمت 2 ارب رپيه کان به وڌيڪ هئي.اهو سودو پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري ناصر خان ذريعي ڪيو ويو جنهن کي آصف زرداري جو فرنٽ مين قرار ڏنو ويو. آصف علي زرداري تي الزام آهي ته هن اڍائي هزار ڪنال زمين زبردستي حاصل ڪئي ۽ 300 خاندانن کي بي دخل ڪيو. هي زمين اتان جي مالڪن کان چار هزار روپيه في ڪنال جي حساب سان خريد ڪئي وئي هئي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں