سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورت ميمبرز وڙهي پيون، حليم عادل خلاف استحقاق جي رٿ معاملو سليڪٽ ڪميٽي حوالي، گوڙ

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر حليم عادل شيخ خلاف پ پ ميمبرن جي استحقاق واري رٿ پيش، معاملو سليڪٽ ڪميٽي حوالي، پ پ ميمبر هير سوهو پاران مخالف ڌر ميمبر کي بل بتوڙي ڪوٺڻ تان مخالف ڌر جواحتجاج، ايوان ۾گوڙ ٿي ويو، تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ  شروع ٿيو، اجلاس ۾ سوال جوابن کانپوءِ پ پ جي عورت ميمبرن فريال ٽالپر، عذراپيچوهو، سميت 19 ميمبرن طرفان پي ٽي آءِ ميمبر حليم عادل شيخ خلاف استحقاق واري تحريڪ هير سوهو پيش ڪئي ۽ چيو ته حليم عادل شيخ پ پ جي عورت ايم پي ايز خلاف غيرپارلياماني لفظ استعمال ڪيا، ان سان اسان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، اهي ڳالهيون قابل قبول نه آهن، معاملي کي اسٽنيڊنگ ڪميٽي کي موڪليو وڃي، ان دوران مخالف ڌر جي عورت ميمبرن وچ ۾ ڳالهايو ته پ پ ميمبر هير سوهو چيو ته  جنهن ميمبر کي ڳالهائڻو آهي مائيڪ تي ڳالهائي، بل بتوڙي نه ڳالهائي، مون ڳالهايو ته ٺيڪ نه هوندو، ان تي مخالف ڌر جي ميمبر نصرت سحر عباسي احتجاج ڪندي سيٽ تي اٿي بيهي رهي ۽ احتجاج ڪيو، ان دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي عورت ميمبرن به سندس ساٿ ڏيندي احتجاج ڪيو،  احتجاج وڌي وڃڻ تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري چيو ته هن اهي لفظ ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد پ پ عورت ميمبر هير سوهو پنهنجا چيل لفظ واپس وٺندي چيو ته جيڪڏهن سندس لفظن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته هو معافي وٺي ٿي، ان باوجود مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ختم نه ڪيو، نصرت سحر عباسي مطالبو ڪيو ته کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته  معافي ورتي وئي، نصرت هاڻ توهان ويهي رهو، پر مخالف ڌر جا ميمبراحتجاج ڪندا رهيا، هڪ ڀيرو ٻيهر هير سوهو ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر وارا ڀلي احتجاج ڪن ڪارروائي هلائي وڃي، هن چيو ته عورتن کي گندي ڪم ٿي لڳايو ويو آهي، عورت ميمبرن جو احترام نه ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي، مخالف ڌر جي گوڙ دوران ڊپٽي اسپيڪر جي جاءِ تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيئر سنڀالي ايم ڪيو ايم ايم جي خواجااظهارالحسن ڳالهائيندي چيو ته حليم عادل شيخ جيڪو ڳالهايو ان تي هن وضاهتي بيان به ڏنو، يقين ڏياريان ٿو ته هو ايوان ۾ اچي سوري ڪندو، ان تي اسپيڪر چيو ته سليڪٽ ڪيمٽي ٺاهيون ٿا، جيڪڏهن هو اچي سوري ڪري ٿو ته معاملو ختم ٿي ويندو، مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ٻنهي پاسن جون عورتون باعزت آهن، بحث ڪندا آهيون، ذاتيات تي نه اچو، موشن ايندو ته پوءِ روز اهڙا موشن ايندا. جنهن تي  صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته عورتن لاءِ ڳالهه ايندي ته سڀ گڏ هونداسين، حليم عادل جي ڳالهه کي معمولي نه وٺو، معاملو سليڪٽ ڪميٽي کي موڪليو وڃي، حليم اچي معافي وٺي، ان ۾ شرم جي ڳالهه نه آهي، هن چيو ته افسوس پيو ٿئي، مخالف ڌر اڳواڻ کي اپيل ٿو ڪيان ته اهڙن کي تحفظ نه ڏئي، بجيٽ دوران گاريون به ڪڍيون ويون پر اسان معاملي کي نه کنيو، مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته  ڪيمٽي جو حصو نه ٿينداسين، سليڪٽ ڪميٽي ٺهي ته پوءِ روز ٽي وي پروگرامن ۽ ڳالهه ٻولهه مان 5 موشن ايندا رهندا،  هتي چون ٿا پر  ملڪ جي وزيراعظم جو ڪو به خيال نه ٿو ڪيو وڃي، تنهن بعد صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سليڪٽ ڪيمٽي جو موشن پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت راءِ سان  منظور ڪيو ويو، استحقاق بابت قائم ڪيل سليڪٽ ڪيمٽي ۾ قاسم سومرو،گنهور اسراڻ ،فياض ٻٽ، پير مجيب ،ثروت فاطمه عبدالرشيد،قاسم فخري ۽ ٻين کي کنيو ويو، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي موشن جي مخالفت ڪئي،  ان دوران پي ٽي آءِ ميمبر سيما ضيا چيو ته ايوان ۾ مخالف ڌر جي اڪثريت آهي، ووٽنگ ڪرائي وڃي، ميمبرن پاران پنهنجي طور ڳڻپ دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سلڪيٽ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي ڳڻپ وري ڇا جي ڪئي پئي وڃي، هن اجلاس اڄ  اڱاري ڏينهن 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں