قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ ۽ فنانس بل منظور، اپوزيشن جو احتجاج، هنگامو، نامنظور جا نعرا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ڪجهه ٽيڪنيڪي ترميمن سان گڏ ايندڙ مالي سال 20-2019 جي بجيٽ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي. مالي سال 20-2019 جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ بجيٽ ۽ فنانس بل جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته مخالف ڌر ايوان ۾ سراپا احتجاج. ايوان ۾ گذريل ڏينهن مخالف ڌرين جي سموري بجيٽ ۾ ڪٽوتي جون سموريون تحريڪون ردٿيڻ کان پوءِ ايوان ۾ فنانس بل 2019ع جي منظوري ڏني وئي. بجيٽ جي منظوري جي لاءِ ايوان ۾ مرحلي وار ووٽنگ ڪرائي وئي، جڏهن ته ان کان اڳ مخلاف ڌر ميمبر پنهنجو هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ۽ پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون. ايوان کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ان بجيٽ کي مڪمل طور تي مسترد ڪيون ٿا. هڪ ٻئي ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان جي وزير اعظم ئي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ ترقي جي خلاف آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري غربت ۽ ٻهراڙي کڻي آيا . احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته ان پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪيو آهي جڏهن ته بجيٽ دستاويز ٻڌائن ٿا ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رڳو وزير اعظم آفيس جي خرچن جي لاءِ هڪ 1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن . هن وزير اعظم جي سفري خرچن تي ڳالهائيندي چيو ته جيترو وزير اعظم بني گالا وڃڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر استعمال ڪندو آهي ايترو ته ماڻهو اوبر ٽيڪس به استعمال ناهن ڪندا. احسن اقبال مطالبو ڪيو ته ان سليڪٽڊ بجيٽ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي وڃي. مخالف ڌر جي خطاب تي رد عمل ڏيندي ماحولياتي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته مخالف ڌر ميمبر غلط انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪري رهيا آهن جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته هن صحيح سان بجيٽ دستاويزن کي ناهي پڙهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف ايوان کي خطاب ڪندي چيو ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته بجيٽ جي باري ۾ ڪير ڳالهائي رهيو آهي، پر حقيقت اِها آهي ته سمورا ماڻهو بجيٽ جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. مخالف ڌر جي فنانس بل 2019 جو نالو تبديل ڪرڻ تي غور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف فنانس بل 2019ع جو نالو تبديل ڪري آءِ ايم ايف فرمانبرداري ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب مخالف ڌر طرفان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ تجويز جمع ڪرائي وئي جنهن تي ٻين مخالف ڌر ميمبرن جي صحيح به موجود هئي. پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان بجيٽ جي نالي تي اعتراص کنيو ويو ۽ دلچسپ ترميم جي تجويز جمع ڪرائي ڇڏي. تجويز ۾ چيو ويو ته فنانس بل 2019 جا لفظ ” آءِ ايم ايف تابعداري بل 2019 (IMF Obedience Bill 2019) ۾ تبديل ڪيا وڃن. ڄاڻايل تجويز تي مسلم ليگ ن جي 9 ميمبرن صحيح ڪئي جن ۾ خواجا محمد آصف، مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، محمد برجيس طاهر، مرتضيٰ جاويد عباسي، خرم دستگير خان، عائشه غوث پاشا، محسن نواز رانجها ۽ شيزه فاطمه خواجا شامل آهن. خيال رهي ته فنانس ايڪٽ 2019ع سڄي پاڪستان تي لاڳو ٿيندو جنهن کي 30 جون تي رات جو ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳو ڪندو . قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وزير اعظم جي لاءِ لفظ ”سليڪٽڊ“ استعمال نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي . اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته هي دنيا جو واحد پارليامينٽ آهي جتي لفظ ” سليڪٽڊ“ جو استعمال ناهي ڪيو ويندو. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي سندس چوڻ هو ته هر ڪو چئي رهيو آهي ته هي سليڪٽڊ حڪومت آهي ۽ وزير اعظم به سليڪٽڊ آهي پر هتي ايوان ۾ اسان اِهو نٿا چئي سگهون، تڏهن کان هن ايوان ۾ اِهو لفظ استعمال ناهي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل کي به شق وار اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو جڏهن ته اپوزيشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي جون سموريون تحريڪون رد ٿي ويون. حڪومتي ميمبرن طرفان فنانس بل جي منظوري تي وڪٽري جا نشان ٺاهيا ويا جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن طرفان فنانس بل جي منظوري  تي نو نو جا نعرا هنيا ويا. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن سالياني بجيٽ منظور ٿيڻ تي احتجاجي طور تي پنهنجي سيٽن تي بيهي ويا. بجيٽ دستاويزن موجب وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي لاءِ هڪ ارب 17 ڪروڙ مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل سال 98 ڪروڙ 60 لک روپيا هئا. دستاويزن موجب ايندڙ سال لاءِ وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي بجيٽ ۾ 18 ڪروڙ 59 لک روپين کان وڌيڪ مقرر ٿيا. بجيٽ دستاويزن موجب بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 8 هزار 238 ارب رپيا ۽ سخارو 3 هزار 151 ارب رپيا آهن، دفاعي بجيٽ 1150 ارب رپيا برقرار رکي وئي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، روينيو اوڳاڙي جو ٽارگيٽ 5550 ارپ رپيا آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجورو ساڍا 17 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ روينيو بابت مملڪتي وزير حماد اظهر جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن پاران سخت گوڙ ۽ نامنظور جا نعرا لڳايا ويا جنهن تي حڪومتي ميمبرن جوابي نعرا لڳايا جنهن سان ايوان جو ماحول هڪ دفعو بيهر گرم ٿي ويو قومي اسيمبلي اسپيڪر حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن کي سيٽن تي ويهي نعرا نه هڻڻ لاءِ چوندو رهيو جڏهن ته حماد اظهر احسن اقبال جي تقرير تي وضاحت ڪندي چيو ته الله پاران ڪوڙن تي لعنت هجي جنهن تي مخالف ڌر ميمبرن پاران آمين آمين جا آواز بلند ٿيندا رهيا حماد اظهر جي تقرير دوران شهريار آفريدي ۽ مرتصيٰ جاويد عباسي وچ ۾ منهن ماري ٿي حمايت اظهر جي تقرير کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي وضاحت جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. اجلاس دوران حماد اظهر مالي سال 20-2019 جو فنانس بل پاس ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو ته مخالف ڌر ميمبرن پاران نامنظور جا نعرا هنيا ويا نئين مالي سال جي فنانس بل تي بحث شروع ڪندي سيد نويد قمر چيو ته فنانس بل منظور ٿيڻ جو ڏينهن آهي وزيرستان جي ٻن ميمبرن کي هتي هئڻ گهرجي ها هن چيو ته مخالف ڌر جي مطالبي جي باوجود پروڊيڪشن آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا ايڏو اهم ڏينهن هجي ۽ ميمبر موجود نه هجن ته اسان سڀني لاءِ شرم جي ڳالهه آهي هن چيو ته ايوان مڪمل ناهي اڄ اهي ٻه موجود نه آهن سڀاڻي ڪوئي ٻيو به ٿي سگهي ٿو هن چيو ته پاڪستان جي مشڪل قرضن جي نه اوهان جي نااهلي ۽ نالائقي آهي جنهن جي ڪري عوام کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي هن چيو ته شاهد خاقان جي تقرير تي حماد اظهر مداخلت ڪئي ته شاهد خاقان عباسي چيو ته مان تنهنجي پيءُ کي سڃاڻيندو هيس هو سٺو ماڻهو هو شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري 1400 ارب رپين کان وڌيڪ قرض صرف 10 مهينن ۾ وڌي ويو جيڪا ان جي نااهلي آهي هن چيو ته هي واڌ ڪل دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي هي آهي ان حڪومت جي ڪارڪردگي. هن چيو ته هي دنيا جي واحد اسيمبلي آهي جنهن تي سليڪٽڊ لفظ تي پابندي لڳائي ويئي آهي پر اسان ايوان ۾ سليڪٽڊ نٿا چئي سگهون ۽ اسان نه پيا چئون ٻار ٻچو ٻچو چئي رهيو آهي وزيراعطم جي حڪومت سليڪٽڊ آهي شاهده اختر علي چيو ته اسپيڪر لفظ سليڪٽڊ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي اسپيڪر ٻڌائي ته اسان لفظ سليڪٽڊ جي بدران ڪهڙو لفظ سليڪٽ ڪيون منهنجي تربيت اهڙي آهي جو اسان ڪو غيرپاليماني لفظ استعمال نٿا ڪريون نه ئي ڪراس ٽاڪ ڪريون ٿا پر ٻڌايو ته اسان لفظ سليڪٽڊ جي بدران ڪهڙو لفظ استعمال ڪريون هن چيو ته بجيٽ ۾ اوهان عوام کي ڇا ڏنو آهي جو اوهان چئو ٿا ته 8 هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا هئا پر ساڍا 5 هزار ارب وصول ڪنداسين. احسن اقبال خيالن جو اظهار ڪندي چيو جيڪو وزيراعظم پاڻ چوي ته اسان جي معيشت جوڏيوالو نڪري چڪو آهي ته پوءِ ان کي ملڪ کي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه آهي هن چيو ته هي منفي گروٿ بجيٽ آهي جيڪا بيروزگاري وڌائيندي مهانگائي وڌائيندي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعطم آفيس جو خرچ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪيو ويو ٻڌايو ته اوهان بجيٽ ۾ ڪهڙي ڪٽوتي ڪئي آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي بجيٽ ۾ لڪي وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر جو ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن هڪ پاسي اسپيشل سيڪريٽريز جي پگهارن ۾ واڌ ۽ غريب سرڪاري ملازمن جي پگهار گهٽائي ويئي آهي اوهان ماڻهن لاءِ گيهه کنڊ تي ٽيڪس لڳائي جيئڻ جو حق کسي رهيا آيو هن چيو ته پرائمري، پري پرائمري ۽ هائر ايجوڪيشن بجيٽ ۾ ڪٽ لڳايو ويو هن چيو ته اسان زرعي ملڪ آهيون پر افسوس هاري لاءِ ڪوئي رليف ناهي ڏنو ويو. احسن اقبال جي تقرير تي حماد اظهر وضاحت ڪندي چيو ته الله جي ڪوڙن تي لعنت هجي جنهن تي مخالف ڌر ميمبرن پاران آمين آمين چيو ويو حماد اظهر چيو ته اسان 10 هزار ارب اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو جون 2018 ۾ ماضي جي حڪومت جو قرض 31 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي هن چيو ته هلندڙ سال موجوده حڪومت 950 ارب ڊالر قرض ادا ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي خرچن کي 550 ارب جو ٽيڪس لڳايو آهي هن چيو ته اسان خرچن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي وزيراعظم هائوس جي خرچن کي 98 ڪروڙ مان گهٽائي ان جي بجيٽ ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي هي جنرل جيلاني جو دور نه آهي اپوزيشن اهڙو رويو اختيار نه ڪري حماد اظهر جي تقرير دوران شهريار آفريدي ۽ مرتصيٰ جاويد عباسي وچ ۾ منهن ماري ٿي حماد اظهر جي تقرير کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي وصاحت جي اجازت نه ڏيڻ تي اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته انهن اوهان جو نالو ناهي ورتو مان غور سان ٻڌي رهيو هيس.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں