اسلام آباد(بيورو) اي پي سي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ ۽ 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي قانونسازي ڪرڻ، ججن خلاف ريفرنس واپس وٺڻ، علي وزير، محسن داوڙ جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو، انڪوائري ڪميشن رد، پارليامينٽ تي حملو قرار، رهبر ڪميٽي قائم. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، اي پي سي ۾ شهباز شريف، بلاول ڀٽو، يوسف رضا گيلاني، اسفند يار ولي، محمود خان اچڪزئي، مريد نواز، ميان افتخار، فرحت الله بابر، شيري رحمان، نيئر بخاري، اياز صادق، احسن اقبال، مهتاب عباسي، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اي پي سي حڪومتي فيصلن کي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اي پي سي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مهانگائي سبب غريب عوام جي چيلهه ڀڄي پئي آهي، ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، قرضن جو بار، غربت، بک ۽ بيروزگاري ملڪي سلامتي لاءِ وڏو چيلينج آهي، حڪمرانن جي ايجنڊا ملڪي مفادن بدران سازش جو حصو آهي، ملڪي حالتون سيڪيورٽي رسڪ آهن، ڊالر جو وڌندڙ اگهه ۽ رپئي جي قدر ۾ لاٿ سان برآمدات گهٽ ٿيندي. بيروني واپار ۽ بيروني ادائگين جو خسارو وڌندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ملڪ دشمن قوتن جي چرچ تي معاشي طور تي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، معيشت آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي وئي آهي. اي پي سي ۾ مولانا فضل الرحمان اسيمبلين مان استعيفيٰ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته حڪومت عوامي نمائندگي ناهي ڪئي، اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏئي 25 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي. پ پ ۽ ن ليگ مولانا فضل الرحمان جي تجويز جي مخالفت ڪندي چيو ته استعيفيٰ ملڪي مسئلن جو حل ناهي، پارليامينٽ کان ٻاهر رهي پنهنجو موقف بهتر طريقي سان ڏئي نه سگهنداسين، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته هڪ زبان ٿي فيصلا ڪريون. اجلاس کي خطاب ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ ان کان بدترين بجيٽ نه ڏٺي، اسان اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته صادق سنجراڻي کي تبديل ڪرڻ گهرجي، اپوزيشن اهو قدم نه کنيو ته عوام اعتماد نه ڪندو. اي اين پي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي به تجويز ڏني، ميان افتخار جو چوڻ هو ته اسان تحريڪ بابت پلان تيار ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته سينيٽ ر۾ اپوزيشن پارٽين جي اڪثريت آهي، حڪومت ڪيرائڻ کان اڳ سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ وڃي، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ اپوزيشن جا هجڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اي پي سي ۾ اڃان بحث شروعاتي سطح تي آهي، اجلاس ۾ مختلف اڳواڻن تقريرن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ايجنڊا جي اهم نقطن تي ڳالهيون ٿيڻ باقي آهن. مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز شريف کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته اي پي سي ۾ ڪهڙا فيصلا ٿيا؟ ان جو جواب ڏيندي هن چيو ته اڃان ڳالهيون جاري آهن. ان کان پڇيو ويو ته ڇا حڪومت ويندڙ نظر اچي رهي آهي؟ ته مريم نواز انشاءَالله چوندي چيو ته اڄ اسان ڪجهه نه ڪيو ته عوام مايوس ٿيندو، اسان کي حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. آل پارٽيز ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ عوام جا نمائندا حڪمران موجود ناهن، نام نهاد حڪمرانن جو ٽولو 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي کانپوءِ مڙهيو، انهن چونڊن کي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين رد ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي حڪومت جي ايجنڊا ملڪي مفاد بدران ڪڌي سازش جو حصو آهي، پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ ملڪي سلامتي لاءِ چيلينج آهي، حڪومت 11 مهينن ۾ ڪارڪردگي جي اعتبار سان پنهنجي نااهلي تي مهر ثابت ڪري چڪي آهي. ٻئي طرف اپوزيشن پاران سڏايل ڪُل جماعتي ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ تي اتفاق ڪندي 25 جولا تي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اي پي سي بجيٽ کي عوام دشمن، قومي ترقياتي ڪائونسل کي غير آئيني ۽ قرضن بابت ڪميشن کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏيندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو. گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪري عدالت آڏو پيش ڪرڻ ۽ انهن بابت قانونسازي ڪرڻ ۽ قبائلي علائقن ۾موجود مبينا حراستي مرڪزن کي ختم ڪرڻ، پي ٽي ايم جي گرفتار ايم اين ايز علي وزير ۽ محسن داوڙ جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. اي پي سي بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ويو ته قبائلي علائقن ۾ چونڊن دوران پولنگ بوٿ ۾ فوج کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، قومي ترقياتي ڪائونسل کي به فوري ختم ڪيو وڃي ۽ ادارن جي ملڪي ساست ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي. آل پارٽيز ڪانفرنس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته اي پي سي ۾ بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪيو ويو آهي، بجيٽ خلاف اپوزيشن پاران پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سموريون اپوزيشن جماعتون عوامي رابطا مهم شروع ڪنديون، اي پي سي ۾ پارلياماني آئيني ۽ سول حڪمراني جي بالادستي تي زور ڏنو ويو آهي، هن چيو ته اي پي سي انڪوائري ڪميشن کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته 25جولاءِ 2019 تي ڌانڌلي سٽيل چونڊن خلاف ڪارو ڏينهن ملهائينداسين، 25 جولاءِ کانپوءِ سمورن صوبن ۾ گڏيل جلسا ڪيا ويندا، سينيٽ چيئرمين کي آئيني طريقي سان هٽايو ويندو، هن چيو ته هڪ رهبر ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اي پي سي جي فيصلن تي عملدرآمد ڪندي ۽ ايندڙ حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ نئين سينيٽ چيئرمين لاءِ متفقه اميدوار آڻيندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اي پي سي ۾ ججز خلاف ريفرنس کي عدليه تي حملو قرار ڏيندي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، عدليه ۾ سڌارا آڻي ججز جي مقرري تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قانونسازي ڪري انهن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پارلياماني نظام ۽ 18 هين ترميم خلاف ڪوششن جي مذمت ڪئي وئي، اهڙين ڪوششن خلاف مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اي پي سي نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل غير آئيني قرار ڏيندي ان کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ چونڊن دوران فوج کي پولنگ بوٿ ۾ مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملڪي ساست ۾ ادارن جي مداخلت نه ڪئي وڃي، علي وزير ۽ محسن داوڙ جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. قبائلي علائقن ۾ موجود حراستي مرڪزن کي به ختم ڪيو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟