حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عوام تي گئس بم ڪيرائي ڇڏيو، گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 190 سيڪڙو مهانگي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) اقتصادي ربطي ڪميٽي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس 190 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، حڪومت کي 500 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو ملندو، ڊسمبر ۾ قيمتن جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو. تفصيل موجب ناڻي واري وزير عبدالحفيظ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ گئس جي گهريلو واهپيدارن لاءِ قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي. فيصلي تحت گهريلو صاورفين لاءِ گئس 190 سيڪڙو تائين مهانگي ٿيندي. گيس جي قيمتن ۾ واڌ 15 کان 20 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب اوگرا طرفان پيٽروليم ڊويزن کي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري موڪلي وئي هئي جنهن ۾ ڪمرشل واهپيدارن لاءِ گيس 31 سيڪڙو، ماهوار پنجاهه يونٽن واري گهريلو واهپيدارن لاءِ 25 سيڪڙو، 100 يونٽ گهريلو واهپيدارن لاءِ 50 سيڪڙو، 200 يونٽن واري گهريلو واهپيدارن لاءِ 75 س يڪڙو، 300 يونٽ واري گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس جي قيمت 100 سيڪڙو، 400 يونٽن واري گهريلو واهپيدارن لاءِ 150 سيڪڙو ۽ 400 يونٽن کان وڌيڪ واري گهريلو واهپيدار لاءِ گيس جي قيمت 190 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته اوگرا طرفان گيس جي قيمتن ۾ تجويز ڪيل واڌ رد ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پيٽروليم ڊويزن اوگرا طرفان موڪليل سمري منظوري لاءِ اي سي سي کي موڪلي هئي ۽ اي سي سي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اي سي سي اوگرا طرفان گيس جي قيمتن ۾ تجويز ڪيل واڌ رد ڪئي آهي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ پندرنهن کان ويهه سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطه ڪميٽي سعودي عرب کان اڌار تيل جي طريقيڪار جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها سهولت پهرين جولاءِ کان شروع ٿي ويندي، ان پي پيپرا رولز لاڳو نه ٿيندو. اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جيمز جيولري ڪمپني کي ضمني گرانٽس فراهم ڪرڻ جي سمري به منظوري ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں