سنڌ اسيمبلي مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ منظور ڪري ورتي، اپوزيشن جو شديد احتجاج

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي نئين مالي سال 20-2019ع جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اپوزيشن جي ڀرپور مخالفت ۽ احتجاج باوجود ايوان سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل 11 کرب، 86 ارب 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ 159 ناڻي مطالبن کي به منظور ڪري ورتو ۽ اپوزيشن جي 543 ڪٽوتي وارين رٿن کي رد ڪيو ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نئين مالي سال 20-2019ع بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. سنڌ جي بجيٽ 12 کرب 17 ارب رپين کان وڌيڪ هوندي جڏهن ته بجيٽ خسارو زيرو آهي. .منظور ٿيل بجيٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 5 کان 15 سيڪڙو واڌ، بک مٽايو پروگرام جي آغاز، پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17 هزار 500 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي اسپتالن لاءِ گرانٽس جو اعلان به شامل آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان کان فنانس بل جي منظوري اڄ خميس ڏينهن ورتي ويندي. اپوزيشن جي ميمبرن پنهنجون ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ پهريان ئي سنگين مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي ان لاءِ صوبائي حڪومت کي مطالبات زر جي منظوري اکيون بند ڪري نه ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جنهن وٽ ناڻي جو قلمدان به آهي، اپوزيشن جي ميمبرن پاران پيش ڪيل ڪٽوتي وارين تمام رٿن جي مخالفت ڪئي ۽ هن جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال ۾ اسان 7 ارب رپين جي بچت ڪئي آهي ۽ آئنده به سنڌ جي عوام جي مفاد کي هر شيءِ تي اهميت ڏينداسون. ان موقعي تي وڏي وزير طنزيه انداز ۾ چيو ته ماڻهو اسيمبلي مان شيون غائب ٿيڻ جو الزام لڳائيندا آهن پر مون گذريل ڏينهن ايوان ۾ ٻن رپين جو سڪو ڇڏي ويو هئس اهو اڄ به ساڳي طرح سان هتي موجود آهي، هاڻي هي ڏٺو وڃي ته ڪلهه ۽ اڄ ڪير ايوان ۾ ناهي، بعد ۾ اسپيڪر اجلاس اڄ خميس ڏينهن صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں