اسلام آباد(بيورو) مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو سرٽيفائيڊ نااهل آهي ته اهو نواز شريف آهي، جنهن ريڊيو، ايئرپورٽ سميت سڄو پاڪستان گروي رکي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي مراد سعيد چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاريندو آهي، ٿر سميت 50 سيڪڙو ٻار سنڌ ۾ غذائي کوٽ جو شڪار آهن، سنڌ ۾ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب مري رهيا آهن، ڇا اهي ڪنهن جا ٻار ناهن؟ ٿر ۾ 104 ارب پاڻي تي خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر ملڪ جو پئسو فالودي واري جي اڪائونٽ ۾ وڃي رهيو هو، پ پ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو، سپريم ڪورٽ به سنڌ کي ڪرپٽ ترين صوبو قرار ڏنو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ريڊيو ۽ ايئرپورٽ سميت سڄو پاڪستان گروي رکي ڇڏيو، ان لاءِ اسان کي قرض وٺڻو پيو ۽ نواز شريف جو هڪ دورو عمران خان جي 6 دوران کان مهانگو هو، نواز شريف پنهنجي دور ۾ 110 ڪروڙن کان وڌيڪ جا ٻاهريان دورا ڪيا هئا ۽ رڳو پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو، جڏهن عمران خان آيو ته هن ٻاهرين دورن ۾ رڳو هڪ ڳالهه ڪئي ته مون کي پورهيت جو خيال رکڻو آهي، اهو منهنجي دل جي گهڻو ويجهو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان قطر ويو، اتي هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي، ملائيشيا جهاز موڪلي 300 پاڪستانين کي واپس گهرايو ۽ او آءِ سي ۾ وزيراعظم کي سٺي موٽ ملي، ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو سرٽيفائيڊ نااهل آهي ته اهو نواز شريف آهي، نواز شريف جا ٻار به جهاز استعمال ڪندا هئا، رائيونڊ گهر جي سيڪيورٽي لاءِ 100 ڪروڙن کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو. مراد سعيد چيو ته مريم نواز پنهنجي پيءُ نواز شريف جون سڀ بيماريون ٻڌايون ۽ چيو ته انهن جو علاج ٻاهر آهي، اهي هڪ اهڙي اسپتال به نه ٺاهي سگهيا، جتي سندن علاج ٿئي. وفاقي وزير مراد سعيد ايوان ۾ ڪونڊوليزا رائيس ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما جا ڪتاب به ڏيکاريا. هن چيو ته بينظير ڀٽو ڪونڊوليزا رائيس جي پيرين پئي چيو ته مون کي ٻيهر وزيراعظم بڻايو، آمريڪا اختيارين کي ان چيو ته آصف زرداري تي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائي آزاد ڪرايو وڃي، اهي اين آر او لاءِ آمريڪا جي پيرن تي ڪريا. سندس چوڻ هو ته بار بار سليڪٽڊ چوڻ وارا انهن طريقن سان اقتدار ۾ آيا، بلاول کي فورسز تي حملو ڪرڻ وارن جي پروڊڪشن آرڊر جو فڪر آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي تعريف ڪئي هئي، ن ليگ ۽ پ پ وارا مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو حساب ڏين، آصف زرداري حسين حقاني سان گڏ سي آءِ اي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي، آصف زرداري سي آءِ اي ڊائريڪٽر کي چيو ته اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملن جو ڪو به فڪر ناهي، نواز شريف پنهنجي علاج لاءِ سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اهي پروڊڪشن آرڊر تي ايوان ۾ اچن ٿا ۽ غريب جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، سنڌ ۾ 50 سيڪڙو ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار آهن، سنڌ جي حڪمرانن پئسو جعلي اڪائونٽن ۾ وجهي ڇڏيو، سنڌ جا 52 سيڪڙو ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟