يقين ڏياريان ٿو ته ٽيڪس جو پئسو عوام تي خرچ ٿيندو: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام سوچي ٿو ته ٽيڪس نيٽ ۾ اچي وياسين ته کين تنگ ڪيو ويندو، يقين ڏياريان ٿو ته ڪو به ادارو ماڻهن کي تنگ نه ڪندو. خانگي ٽي وي چينل جي خاص ٽرانسمينشن ۾ ناڻي واريصلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، ايف بي آر جي اعزازي چيئرمين شبر زيدي ۽ مملڪتي وزير حماد اظهر شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پن ٽرانسمينشن ۾ خاص طور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جي ٽيڪس انهن تي ئي خرچ ٿيندي، ملڪ اڄ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جيترو قرض اڄ وٺي رهيا آهيون، ان جو اڌ پراڻن قرضن جي وياج تي هليو وڃي ٿو، ملڪي ترقي لاءِ پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته بدعنواني سبب اڄ ملڪ ان حال ۾ پهتو آهي، ڪرپشن سبب ماڻهو ٽيڪس ناهن ڏيندا، حڪومت وزيراعظم هائوس جو خرچ 35 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيو، ڪابينا ميمبرن جون 10 سيڪڙو پگهارون گهٽائي ڇڏيون آهن ۽ پاڪ فوج پنهنجي خرچ ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ۾ هر سطح جا سڌارا آڻينداسين. ٻئي طرف ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته اثاثا ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ٽيڪس قسطن ۾ به ڏئي سگهجي ٿو. حماد اظهر چيو ته هڪ لک 52 هزار آف شور اڪائونٽس جي ڊيٽا اسان وٽ اچي چڪي آهي، جيڪي اثاثا ڊڪليئر ڪندا، انهن جي ڊيٽا جو تحفظ ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں