اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم جي انا سبب قومي اسيمبلي ۾ لفظ سليڪٽيڊ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيرن جي غير سنجيدا رويي تي قوم کان معافي گهران ٿو، بلاول پشتون تحفظ موومينٽ جي قومي اسيمبلي ميمبر محسن داور ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ورجايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قدمن سبب ملڪ سڙي رهيو آهي، سندس هر فيصلو غلط ثابت ٿئي ٿو، سياست، معيشت ۽ حڪومت سميت وزيراعظم جنهن کي هٿ لڳائي ٿو اهو خراب ٿي وڃي ٿو، سندس هر فيصلو ايئن آهي جيئن باهه تي تيل هاري رهيو آهي، حڪومت ٻٽي پاليسي بند ڪري پنهنجي بجيٽ واپس وٺي، حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ لفظ سليڪٽيڊ تي پابندي تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ سال اڳ منهنجي تقرير ۾ جنهن لفظ تي وزيراعظم ڊيسڪ وڄائي اڄ اهو ئي لفظ منع قرار ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ عوام، صحافت ۽ سياست ڪجهه به آزاد ناهي، سليڪٽيڊ ڪو غير پارلياماني لفظ ناهي پر وزيراعظم جي انا جي ڪري اها پابندي لڳائي وئي ۽ تاريخي سينسرشپ ڪئي پئي وڃي، اها ڪهڙي آزادي آهي جو اسيمبلي ميمبر جا لفظ حذف ڪيا وڃن ٿا، نئون پاڪستان سينسرڊ پاڪستان آهي جيڪو نامنظور آهي، حڪومت باهه تي وڌيڪ تيل هاري رهي آهي، اپوزيشن جي آواز کي دٻائڻ سان ڪاوڙ ٻئي ڪٿي نڪرندي. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم نيرو جي بانسري وڄائي رهيو آهي، غريبن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، نيب گردي ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، جيڪي ادارا پارليامينٽ جي ماتحت آهن ناهي احتساب ڪيئن ٿا ڪري سگهن حڪومت ن ليگ جو رڪارڊ ڪوڙي ڇڏيو روزانو 15 ارب قرض کڻي رهي آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟