سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم جو لساني جن ٻيهر بوتل مان نڪري آيو، ڌرتي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن سان جنگ جوٽبي: پ پ

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ جي نئين مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ تي عام بحث وارو سلسلو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ ڌرتي ماءُ جي ورهاست جي جيڪو ڳالهه ڪندو اسان جي ان سان جنگ آهي اسان سنڌ جي وحدت کي تسليم ڪريون ٿا، هڪ دفعو پاڻ کي سنڌي چورائي ته ڏيکاريو، هن انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 34 هزار استاد آهن پر انهن مان هڪ لک ٽيچرز کي پڙهائڻ نٿو اچي، اپوزيشن واعدو ڪري ته هو استادن کي ڪڍڻ تي احتجاج نه ڪندي ته اسان اهڙن استادن جي ٻيهر ٽيسٽ وٺي اهڙن ٽيچرز کي نيڪالي ڏيون جن کي پڙهائڻ نٿو اچي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس روايت موجب 2 ڪلاڪ دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ايوان ۾ بجيٽ تي بحث کان پهريان اسپيڪر ميمبرن کي درخواست ڪئي ته هو هڪٻئي کي برو ڀلو نه چون ۽ ايوان ۾ غير پارلياماني زبان جي استعمال کان پرهيز ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان ٻاهر غلط پيغام وڃي ٿو. هن تنبيهه به ڪئي ته جيڪڏهن ايوان اندر ٻنهي طرفن کان غير پارلياماني لفظ استعمال ٿيا ته سڄي تقرير ڪارروائي مان هذف ڪرائي ڇڏيندس. ان کان پهريان دعا جي موقعي تي ڪوٽڙي ۾ ٿيل ريل حادثي ۾ فوتين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ برسات لاءِ پڻ دعا گهري وئي. ڪالهه ايوان ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث وارو سلسلو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو جنهن تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن حصو ورتو. بحث دوران مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال به نظر آئي. بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي تعليم واري وزير سردار شاهه اعلان ڪيو ته جيڪو به سنڌ ڌرتي ماءُ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندو ان سان اسان جي جنگ آهي، اسان سنڌ جي وحدت تسليم ڪريون ٿا، هو هڪ دفعو پاڻ کي سنڌي چورائي ته ڏسن. سردار شاهه ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول ناهن، ٻارڙن جي اسڪول نه هجڻ سبب داخلا جي شرح گهٽ رهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪراچي کي سنڌ جو حصو سمجهون ٿا، تعليم ۽ صحت تي سياست نه ڪنداسين بهتري آڻينداسون، نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ اعليٰ سوچ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ استادن جي کوٽ ناهي پر تعليم کاتي ۾ ٽيچرز جي مقرري ۾ خاميون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 34 هزار ٽيچرز آهن تعليم جي بهتري لاءِ روڊ ميپ سول سوسائٽي جي مشاورت سان تيار ڪيو آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته هر ڊوميسائل رکندڙ ٽيچر کي پنهنجي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته تعليمي بورڊز جڏهن سنڌ جي گورنر جي ماتحت هئا ته ان دوران تباهي آئي، اسان امتحانن ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏا قدم کنيا آهن. هن چيو ته دل گواره نٿي ڪري ته منهنجي نياڻي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهي مون پنهنجي ڌيءَ کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڪو احسان ناهي ڪيو. سردار شاهه چيوته اسڪول، ڪاليجز جي فرنيچر جي خريداري لاءِ ڪميٽي ۾ اپوزيشن ميمبر به شامل هجن، آئنده سال اسڪولن ۾ فرنيچر جي خريداري لاءِ 6 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. هن چيو ته تعليم جي بجيٽ جو 78 سيڪڙو پگهارن تي خرچ ٿيندو آهي، تعليم کاتي ۾ مختلف يونين مافيائون ٺهيل آهن، تجويز غور هيٺ آهي ته استادن جي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي جيڪو استاد ٽيسٽ پاس ڪري ان کي ملازمت تي برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک استاد نٿا پڙهائين پر اسڪولن ۾ پڙهائڻ وارا صرف 34 هزار استاد آهن جڏهن ته انهن جو تعداد هڪ لک 34 هزار آهي. هن چيو ته اپوزيشن ميمبر معاهدو ڪن ته نه پڙهائيندڙ استادن کي ڪڍڻ تي هو احتجاج نه ڪندا. هن چيو ته سنڌ جي 29 تعلقن ۾ ڪاليج ئي ناهن، 18هين ترميم بعد تعليم صوبي جو سبجيڪٽ آهي، ملڪ جون سڀ پارٽيون ان تي متفق آهن پر تعليم تي وفاق ۾ وزارت ڪم ڪري رهي آهي، ثقافت تي به وزارت ٺهي وئي آهي. هن چيو ته اسان جيڪو روڊ ميپ ٺاهيو آهي ان ۾ 3 مسئلا آهن ايڪسس، ڪوالٽي ۽ گورننس جا ٽي اشو آهن اسان جي پنهنجي کاتي وٽ پنهنجو ڊيٽا نه هو، اسان پنهنجي تمام مسئلن جي حل لاءِ ڊيٽا مڪمل ڪئي آهي جيڪا شايع ڪري سڀني جي آڏو آڻينداسون. هن چيو ته 43 هزار اسڪولن ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ ميٽرڪ تائين تعليم آئوٽ آف اسڪول ٻارڙن کي آڻڻ، ڊراپ آئوٽ روڪڻ اسان جي ترجيح آهي. سردار شاهه چيو ته 150 ارب جي 78 سيڪڙو بجيت پگهارن تي ويندي آهي هي ملازمتون پي پي ناهن ڏنيون، گذريل 10 سالن ۾ آڱوٺي ڇاپ ٽيچر جن کي پڙهائڻ نٿو اچي اهي ڀرتي ڪيا ويا. هن ايم ڪيو ايم ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڪراچي آپريشن ان شروع ڪيو جن جي هي جهولي ۾ ويٺل هئا. هن ايم ڪيو ايم تي طنز ڪندي چيو ته بادشاهه جي نه هلڻ ۾ وزيرن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، هڪ وزير اينڪر کي ماري ٿو ۽ هڪ وزير چائنا ايمبيسي پسٽل کڻي پهچي وڃي ٿو، نئون پاڪستان ڪهڙن بنيادن تي بڻجندو. فردوس عاشق اعواڻ اسان سان نئون پاڪستان نه ٺاهي سگهي توهان سان ڇا ٺاهيندي، حفيظ شيخ پهريان ئي ملڪ کي ڪرائسيز ۾ وجهي چڪو آهي، بجيٽ بحث تي حصو وٺندي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن چيو ته پي پي جو الميو آهي ته جڏهن هو وفاق ۾ هوندي آهي ته چئني صوبن جي زنجير جو نعرو لڳائيندي آهي ۽ جڏهن صوبي ۾ هوندي آهي ته وفاق کي اکيون ڏيکاريندي آهي، صوبائي حڪومت 8 هزار ارب رپين کان وڌيڪ 11 بجيٽون ڏنيون، هر سال 92 سيڪڙو ان ڊائريڪٽ ٽيڪس لڳايا، شهري علائقن صوبائي محصولات ۾ 94 سيڪڙو حصو ڏنو ۽ شهري سنڌ مان 288 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر ڪيو آهي، ڪراچي مان 48 ارب رپين جا نوان ٽيڪس وصول ڪيا ويندا. هن چيو ته ٽيڪسز ۽ غير ترقياتي بجيٽ ۾ واڌ ڪري چون ٿا عوام دوست بجيٽ آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي طنز ڪندا آهن اسان کي خبر آهي ته هنن جي اندر ۾ چور لڪيل آهي ۽ شر انگيز تقريرون ڪندا آهن. هن چيو ته ڪنهن جي سڃاڻپ تي آڱر نه کڻو توهان ڪير ٿيندا آهيو اسان جي سڃاڻپ تي آڱر کڻڻ وارا، اسان کي پنهنجو پاڻ تي پاڪستاني ۽ مهاجر هجڻ تي فخر آهي. هن چيو ته هجرت ڪرڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ ۾ واضح فرق آهي، پاڪستان ٺهڻ لاءِ تاريخ جي سڀ کان وڏي هجرت ٿي، ڪجهه ماڻهن اسان تي الزام تراشي ڪئي ۽ هڪ ميمبر چيو ته مهاجر کي نٿو مڃان، خواجه اظهار چيو ته جيڪو مهاجر کي نٿو مڃي ان کي اسان به نٿا مڃيون. وڏي وزير کي پنهنجي ميمبرن جي اشتعال انگيزي تي ڪنٽرول ناهي، بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري پارٽي ميمبرن جي اشتعال انگيزي کي روڪين اسان اڄ کان پوءِ پنهنجي شناخت تي ڪا به ڳالهه نه ٻڌنداسين. هن چيو ته توهان ڪير ٿيندا آهيو اسان کي پناهه ڏيڻ وارا اسان قائداعظم جي پاڪستان ۾ آيا آهيون، منهنجي ابن ڏاڏن ڪنهن کان پناهه ناهي ورتي. هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ريڊيو ٻڌي خبر پئي ته پاڪستان ٺهي ويو آهي، خواجه اظهار جي اهڙي رمارڪس تي پي پي ميمبرن پاران شديد احتجاج ۽ شور شرابو ڪيو ويو. خواجه اظهار تقرير جاري رکندي وڌيڪ چيو ته پهريان گهر پوليس ايندي شرمندگي محسوس ٿيندي هئي پر هاڻ ان تي فخر ڪيو ٿو وڃي، هن چيو ته نصرت سحر عباسي سنڌ جي نياڻي آهي پر ان جو بدلو سندس خاندان کان نه ورتو وڃي، وڏو وزير ان جو نوٽيس وٺي خواجه اظهار جي تقرير ڊيگهه ورتي ته پئنل آف چيئرمين گهور اسراڻ کيس تقرير ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر هن جاري رکي جنهن تي سندس مائيڪ بند ڪئي وئي. ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن پنهنجي نشستن تي اٿي بيهي احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ بجيٽ بحث تي ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت تي وڏي تنقيد ڪئي ٿي وڃي پر ڪنهن به اهو ناهي ٻڌايو ته پهريان سي ايم هائوس جو خرچ 2 ارب هو ۽ هاڻي 14 ارب ٿي ويو آهي اها منهنجي ڳالهه نه پر ڪتاب جو رڪارڊ آهي. هن چيو ته اسان چيو هو ته ملڪ مان ڪرپٽ ۽ لٽيرن کي پڪڙينداسون ڪجهه پڪڙيا آهن ڪجهه اندر آهن ۽ باقين لاءِ ڪميشن ٺهي رهي آهي. اسان ته چئون ٿا جن ملڪ کي لٽيو 1999ع کان احتساب ٿيڻ گهرجي، گذريل ڏينهن شهر ۾ وڏي زبردست ريلي ڪڍي وئي، سعيد غني کي شهر جو فڪر ٿي ويو پر حقيقت ۾ ائين نه ٿو، ڪراچي کي ڇڏيو لاڙڪاڻو جا 77 سيڪڙو ماڻهو گندو پاڻي پيئن ٿا، نصرت سحر تقرير ڪئي ته سندس گهر واري ۽ ٻئي مائٽ کي ڪڍي پري موڪليو ويو، سياست ۾ اهڙي روش نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ٽراما سينٽر جلد بازي ۾ ٺاهيا ويا گولاڙچي جو ٽراما سينٽر بند آهي ۽ سامان پرائيويٽ اسپتال ۾ آهي. هن چيو ته شهيد بي بي جي نالي جي ته لڄ رکو اسپتالون برباد ٿي رهيون آهن. حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم کي سليڪٽڊ چيو ويندو آهي، ها عمران خان سليڪٽڊ آهي جنهن کي الله پاڪ ۽ عوام ان منصب لاءِ سليڪٽ ڪيو آهي. تحريڪ لبيڪ جي ميمبر مفتي قاسم فخري بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ملڪ مقروض آهي ۽ اسان قرض مٿان قرض وٺندا پيا وڃون، اسان کي سود جي وبا ۾ ڦاسايو پيو وڃي، اهڙي طرح سان الله ۽ ان جي رسول صه سان جنگ ڪرائي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي 1218 ارب جي بجيٽ آهي ۽ اهڙيون 3 بجيٽ ملڪ جي هڪ قرض جو وياڄ ادا ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته انڪم ٽيڪس ختم ڪئي وڃي اهڙي ٽيڪس اسلام ۾ ناقابل قبول آهي، غريبن کان ٽيڪس وٺي اميرن کي پاليو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم کي چوان ٿو ته جيڪڏهن توکي دين کان واقفيت ناهي ته بي عقلي واريون ڳالهيون نه ڪر جيڪڏهن هن کان غلطي ٿي آهي ته قوم کان معافي وٺي، صحابه اڪرام تي الزام لڳائڻ زيادتي آهي. مفتي قاسم جي اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ تي پي ٽي آءِ جو سعيد آفريدي توائي ٿي ويو ۽ اٿي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳو پر مداخلت ڪري معاملو ٿڌو ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت خلاف احتجاج  ڪيو ويو جيڪڏهن اهڙي توانائي ڪراچي واسين کي پاڻي جي فراهمي تي خرچ ڪئي وڃي ته بهتر نتيجا ملن، اڄ روڊ رستا بند آهن ماڻهو پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي محمد عباس جعفري چيو ته سنڌ حڪومت به عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي پر عوام دشمني جو الزام وفاقي حڪومت تي لڳايو پيو وڃي پر پاڻ 5 سال وفاقي حڪومت ۾ رهيا ۽ 11 سال صوبائي حڪومت ۾ آهن پر هن وقت به حالتون ساڳيون آهن. پي پي جي غلام قادر چانڊيو بجيٽ بحث تي حصو وٺندي چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي بجيٽ ۾ ڪو به رليف ناهي ڏنو ان مشڪل حالتن ۾ سنڌ حڪومت بهتر ۽ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي. هن چيو ته سرڪاري ملازم پريشان آهن چون ٿا ته 40 هزار جي پگهار تي ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان انهن جي پگهار گهٽجي وڃي ٿي. غلام قادر چانڊيو چيو ته ڳالهائڻ سڀني کي ايندو آهي ڪنهن جو دماغ ۽ ڪنهن جو اخلاق ڳالهائيندو آهي، سياست ڪنٽينر ۽ گاريون ڪڏهن شروع ٿيون، تحريڪ انصاف وارن ايوان جو تقدس پائمال ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون تنظيمون به ان جون ڀاڱي ڀائيوار آهيو. هن چيو ته اسان 70 کان حساب ڏئي رهيا آهيون ڇا ٻيا کير ۽ گنگا مان ويهنجهي آيا آهن. آصف زرداري 11 سال پهريان به حساب ڏئي چڪو پر نتيجو ڇا کوٽيو پهاڙ نڪتو چوئو، فريال ٽالپر کان ته مشرف به پريشان هو اسان ان سان ڪم ڪيو ان سبب ماڻهو هن کي اڌيءَ جي نالي سان ڄاڻندا آهن. هن چيو ته نوابشاهه ۾ جلسي تي عوام ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو. جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اسان چوندا هئاسون ته وڏو وزير پي پي نه پر سڄي سنڌ جو هوندو آهي پر وڏي وزير ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي ماڻهن جو آهي، هن نصرت سحر عباسي جي گهر واري جي او پي ايس تي ٿيل بدلي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ۾ 29 ضلعا آهن صرف 10-10 ارب رپيا هر ضلعي لاءِ رکيا وڃن ها ته سڄي سنڌ خوشحال ٿي وڃي ها. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪا هڪ يونين ڪائونسل ماڊل نه ٺهي سگهي، 11 سالن ۾ صوبي ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ان سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اهو داستان اسان نه پر هاڻي عدالتن ۾ به بيان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽيڪس فري بجيٽ جو نالو پر هر شيءِ تي ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي. ايريگيشن لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن سنڌ جي درياءَ جي بند جي حالت ڇا آهي زمين تي جيالن جو قبضو آهي. پي ٽي آءِ جي ميمبر شاهنواز جدون پي پي ميمبرن تي الزام هنيو ته هي پختونن کي سنڌ مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، هن چيو ته ڪنهن چيو ته پختون هتي ڇا ڪري رهيا آهن پر مان چوان ٿو ته اسان هتي پيدا ٿيا آهيون، اسان سنڌي آهيون ۽ جيڪڏهن سنڌ تي ڪنهن ميري اک وڌي ته 7 لک پختون سڀني کان اڳيان هوندا. پي پي ۾ موجود پختونن کي چوان ٿو ته توهان کي پي پي ڇا ڏنو آهي، پختونن کي صرف جلسا ڪامياب ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. شاهنواز جدون جي اهڙي رمارڪس تي پي پي ميمبر ڪلثوم چانڊيو ۽ ڊاڪٽر سهراب سرڪي پنهنجي نشستن تي اٿي بيهي سخت احتجاج ڪيو. ڪلثوم چانڊيو جو چوڻ هو ته منهنجو نالو وٺي چيو ويو آهي ته مون پٺاڻ خلاف ڳالهه ڪئي آهي جيڪا غلط آهي جڏهن ته سهراب سرڪي چيوته رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي جيڪڏهن مون پٺاڻن خلاف ڪا ڳالهه ڪئي آهي ته رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيندس ۽ جيڪڏهن غلط ثابت ٿئي ته شاهنواز جدون کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. سهراب سرڪي چيو ته پيپلز پارٽي لسانيت تي يقين نٿي رکي. پي پي ميمبر ڄام مدد علي بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته ايوان ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسان جي قائد آصف علي زرداري ان مسئلي کي حل ڪندي ڪنارا مضبوط ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻي جي کوٽ آهي پر ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي وڃي پاڻي ڪٿي غائب ٿئي ٿو. هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جو بنيادي سبب بااثر ماڻهو آهن جن سان وڙهي به نٿو سگهجي، روهڙي ڪئنال کي پڪو ڪيو ويو جنهن سان پاڻي جي بچت ٿي آهي، نئين ۽ پراڻي جمڙائو ڪئنال کي گڏائي ۽ ان کي پڪو ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءَ ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي هڪ ڏاهائي کان وڌيڪ سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي پر هن وقت تائين عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو. پي پي ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو، ٻارڙن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن کي يقيني ناهي بڻايو حڪمران نااهلي تي استعيفيٰ ڏين. هن چيو ته ڪراچي جي ڪو سار لهڻ وارو ناهي، حڪمران چون ٿا ته حساب به نه ڏينداسون. اڄ جيڪي چور اسان پارٽي مان ڪڍيا اهي وزير بڻجي ويندا آهن. سيما ضياءَ ڪوئي شرم هوندو آهي، ڪوئي حياءَ هوندو آهي ته شعر به ٻڌايو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ناصر قريشي، پي ٽي آءِ جي شهزاد اعواڻ، محمد علي عزيز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ ان ڳالهه تي معذرت جو اظهار ڪيو آهي ته بجيٽ تجويزن ۾ ناڻي کاتي جي معمولي غلطي ٿي وئي ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هنڌ انگ اکر غلط بيان ڪيا ويا انهن کي درست ڪيو پيو وڃي، مان اهڙي غلطي تي ايوان ۾ معذرت خواه آهيان. ان کان پهريان ايوان جي ڪارروائي دوران اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پنهنجي هڪ اعتراض واري نقطي تي ان غلطي جي نشاندهي ڪئي هئي جنهن جو چوڻ هو ته مون کي هڪ ڪاپي موصول ٿي آهي جنهن ۾ بجيٽ جي انگ اکرن ۾ فرق آهي هي معمولي معاملو ناهي اسان کي ٻڌايو وڃي ته حقيقت ڇا آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں