اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ قطر ۾ مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ ۽ ڳجهي ڄاڻ جي مٽاسٽا وارن يادداشت نامن تي صحيحون. تفصيل موجب قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، قطر جي امير کي پاڪستان پهچڻ تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ مهمان وزيراعظم هائوس پهتو، وزيراعظم عمران خان سندس گاڏي پاڻ هلائي. قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وزيراعظم هائوس آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جي ايف 17 ٿنڊر جهازن معزز مهمان کي سلامي ڏني. قطر جي امير وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو لڳايو، وزيراعظم معزز مهمان جو وزيرن سان تعارف ڪرايو، جڏهن ته قطر جي امير پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وچ ۾ نويڪلائي ملاقات ٿي، جڏهن ته وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون. پاڪستان پاران قيادت وزيراعظم عمران خان ۽ قطري وفد جي قيادت تميم بن حمد الثاني ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ تقريب دوران پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون. مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ، ڳجهي ڄاڻ جي مٽاسٽا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي ترقي لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت نامن سميت واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار لاءِ ورڪنگ گروپ جي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون. تقريب دوران قطر جو امير ۽ وزيراعظم پڻ موجود رهيا. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته قطر جو امير اڄ ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪندو، قطر جو امير ايوان صدر ۾ سيڙپڪاري تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، سندس مان ۾ ايوان صدر ۾ آجياڻو ٿيندو، جنهن ۾ وزيراعظم سوڌو اعليٰ سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ 6 کان 8 ارب ڊالر جا معاهدا غور هيٺ ايندا، توانائي ۽ پٽرو ڪيميڪل جي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، سياحت، زراعت، انجنيئرنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني ويندي. قطر جي سيڙپڪارن کي فوڊ پراسيسنگ، پيڪجنگ ۽ انفرا اسٽرڪچي جي شعبن تي پڻ بريفنگ ڏني ويندي، ان سان گڏوگڏ سي پيڪ سان سلهاڙيل روڊن ۾ خانگي شعبي جي حصيداري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽن وڏن هوائي اڏن تي سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟