مريم نواز شهباز شريف جو مذاق اڏايو، پنهنجي پارٽيءَ تي آپگهاتي حملو ڪيو آهي: فردوس اعواڻ

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ئي پارٽيءَ تي آپگهاتي حملوڪيو آهي، ان پاران ميثاق معيشت کي مذاق قرار ڏيڻ پنهنجي چاچي شهباز شريف جو مذاق اڏائڻ آهي. فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ردعمل ۾ مريم نواز کي راجڪماري چوندي چيو ته راجڪماري پنهنجي چاچي خلاف نوحو پڙهيو، ن ليگ ٻن موقفن ۾ پاسي پئي آهي ۽ تازي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مريم صفدر کي پنهنجي چاچي شهباز شريف کان پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ به طلب ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته انوکي لاڏلي راجڪماري رپورٽن تي رڳو سياست نه ڪئي پر ڪواليفائڊ ماڻهن کي به ٻڌايو ته پاڪستان جي جيلن ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو ان کان وڌيڪ سنجيده بيمارين جو شڪار نظر ايندا. سندس چوڻ هو ته توهان ڏوهاري عورت آهيو، اهو نه وساريو ته توهان جي سزا ختم ناهي ٿي، توهان ضمانت تي آهيو، توهان کي عدالت سمورن ڏوهن مان بري ناهي ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم جي سُڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گذريل ڏينهن ڪيل خطاب تي رد عمل ۾ چيو ته پاڻ کي ڀٽو جو جانشين سڏائيندڙ ٻارڙن وانگر ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. سماجي رابطي جي ويب سائيت ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق چيو ته پنهنجي ڳوڙهن جو حساب گهرڻ وارا سنڌ جي غريبن ۽ ٻارن جي رت، ڳوڙهن ۽ آهن جو حساب ڪڏهن ڏيندا.؟ سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايدز ۾ مبتلا معصوم ٻارن جون سسڪيون اوهان کي ڇو نٿيون ٻڌڻ ۾ اچن.؟ هن چيو ته سنڌ کي موئن جو دڙو ۽ آثا قديما جي کنڊرن ۾ تبديل ڪندڙن کي پاڪستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي معزز جج جا رمارڪس سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو صاحب عمران خان تي ناراض نه ٿيو، توهان جي والد تي ڪيس تن ٺاهيا جن جي گهر وڃي توهان دعوتون کائي رهيا آهيو، عمران خان جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پاڪستان ۾ برابري جو قانون ۽ عملداري يقيني بڻائي رهيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ابو جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ توهان جون ڌمڪيون ۽ ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته عمران خان جو نظريو کٽي رهيو آهي، سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته ڪرپشن سان ناتو ٽوڙيو نه ته سنڌ تائين محدود ٿيل پارٽي کي ڪجهه ضلعن ۾ به ڪير نه پڇندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں