ميثاق معيشت مذاق معيشت آهي، مينڊيٽ چوري ڪري آيل جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي: مريم نواز

0Shares

لاهور(بيورو) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نه هي مصر اهي ۽ نه ئي وري اسان ميان صاحب کي مرسي بنجڻ ڏينداسين. جعلي حڪومت کان نه رليف گهري رهي آهيان ۽ نه ئي وري هو ڏئي سگهي ٿي، جيڪي پاڻ ڪنهن جا محتاج هجن اهي ڇا رليف ڏيندا. ميثاق معيشت مذاق معيشت بڻجي ويو آهي. (ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي چيو ته نوازشريف جي صحت جو ڪيس عوام جي عدالت ۾ رکڻ چاهيان ٿي. ڪجهه اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي عوام آڏو سامهون ناهن آنديون ويون. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اڊيالا جيل ۾ دل جو دورو پيو آهي پر کين آگاهه نه ڪيو ويو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف کي دل جو مرض 15 سال پراڻو آهي، کيس ٽي ڀيرا دل جا دورا پئجي چڪا آهن. هن چيو ته مان نواز شريف کي صحت جو معاملو عوام سامهون رکڻ چاهيان ٿي. سندس چوڻ هو ته اڊيالا جيل ۾ نواز شريف کي دل جي دوري کانپوءِ کيس سيل ۾ اچي اطلاع ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ تي راضي ڪريو. مريم نواز چيو ته مان چيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي مون کي ٻڌايو پر چيو ويو ته گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عدنان کيس آگاهه ڪيو ته نواز شريف کي دل جو دورو پيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيل واپسي تي نواز شريف کي دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي سهولت ڏني وئي آهي، ميان صاحب کي ڪهڙو علاج ڏنو ويو کيس ڪابه ڄاڻ ناهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته نواز شريف جي علاج ۾ حڪومت ۽ جيل انتظاميه غفلت ڪئي، جيڪڏهن نقصان ٿئي ها ته ڪير ذميوار هجي ها. مريم نواز چيو ته  ميان صاحب جو باءِ پاس سندس وزيراعظم جي عهدي تي هئڻ دوران ڪيو ويو، کيس وڌيڪ هڪ باءِ پاس جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميان صاحب جي دل جي وڏي رڳ 95 سيڪڙو بند آهي، سندس دل ۾ ست اسٽنٽ آهن وڌيڪ ڪنهن اسٽنٽ جي ضرورت ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جون ٽي هارٽ سرجريز ٿي چڪيون آهن، خبر ناهي ڇو سپريم ڪورٽ سندس طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست رد ڪئي آهي. مريم نواز چيو ته جعلي حڪومت مان کين ڪنهن انصاف جي اميد ناهي پر خبرناهي ڇو اعليٰ عدليه ۾ انصاف جا در ڇو بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نواز شريف جو ڪيس عوام عدالت ۾ رکي رهي آهيان، جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته سڀ ذميوار هوندا جڪي معاملي ۾ ملوث آهن.  سندس چوڻ هو ته نالائق وزيراعظم کي سمجهائڻ آهي ته هو شڪست کائي چڪو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جون ڪيتريون ئي سرجريون ٿيڻيون آهن، کيس پيس بيٽري به لڳڻي آهي، هي ڪو کنگهه جو علاج ناهي جو ڇهن هفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان نه مصر آهي ۽ نه وري نواز شريف کي محمد مرسي ٿيڻ ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته  مان ڪو رليف نه گهري رهي آهيان پر 22 ڪروڙ عوام کي شاهد بڻائي رهي آهيان، جعلي حڪومت نه ڪو اين آر او نه ٿي ڏئي سگهي جيڪو پاڻ ڪنهن جو محتاج هوندو ٻئي ڪنهن کي ڇا ڏئي سگهندو.  مريم نواز چيو ته ميثاق معيشت جي آڇ مذاق معيشت آهي، جعلي نموني، ووٽ چوري ڪري ۽ چوري ڪري ايندڙ سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون ۽ ڪو ميثاق نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته وزيراعظم جي نااهلي معيشت ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٻوڙي ڇڏيو، مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم سان ميثاق معيشت کيس اين آر او ڏيڻ برابر هوندو، هو پنهنجي ناڪامين تي اپوزيشن جي مهر لڳائڻ چاهي ٿو، جيڪو به حڪومت سان ٺاهه ڪندو اهو به ڏوهي هوندو. سندس چوڻ هو ته معيشت کي تباهه ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اينجيو گرافي جي لاءِ ڊاڪٽر ڪنهن به سياسي دٻاءُ ۾ نه هجن، نوازشريف سياسي قيدي آهي، نوازشريف جا گردا به فيل ٿي سگهن ٿا. ميان صاحب جي علاج لاءِ ڪيترائي مهينا ۽ سال به لڳي سگهن ٿا. مريم نواز چيو ته عالمي مالياتي اداري کان آڊٽ ڪرائي وڃي، اهو سلسلو 2008 کان نه پر 1999ع کان شروع ڪيو وڃي، تجويز ڪميشن نه، اها جي آءِ ٽي آهي، جنهن مقصد لاءِ ٺاهي پئي وڃي، سڀني کي خبر آهي، آڊٽ رپورٽ وزيراعظم بدران پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وڃي، ڪنهن سياسي پارٽي کي ان ڪميشن ۾ پيش نه ٿيڻ گهرجي، جيڪي حدف حاصل ناهن ٿيا، اهي ان ڪميشن ذريعي حاصل ڪيا ويندا، ڊالر جي وڌڻ سان قرض ڪيترا وڌيا، ان جي به جاچ ٿيندي، سوال انهن قرضن جي باري ۾ به ٿيندو، جيڪو نالائق اعظم جي نااهلي جي ور چڙهي ويو. هن چيو ته عليمه خان وٽ ڪو به آمدني جو ذريعو ناهي، ڇا ان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس نٿو ٺهي؟ مان آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جي سامهون پيش ٿي سگهان ٿي ته عليمه خان ڇو نه، مون جي آءِ ٽي ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرايو، اهو احتساب نه پيو ٿئي، اسان ته ٽن نسلن جو حساب ڏنو پر ڪجهه به نه نڪتو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں