اسلام آباد (بيورو) پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو اهي ته مون کي پڪڙڻ سان فرق نه پوندو حساب ڪتاب بند ڪيو وڃي ۽ اڳتي جي ڳالهه ڪئي وڃي سڀ روئي رهيا آهن ڪو ته سبب آهي سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن. ان کان وڌيڪ ٽيڪس وڌايو ويو آهي. سيڙپڪار خوف ۾ آهن ته پنج لک واري چيڪ تي حساب ڏيڻو پوندو ڪير ڪير حساب ڏيندو ايئن نه ٿئي جو مهانگائي کان تنگ اچي عوام روڊن تي نڪري اچي ۽ سياسي پارٽيون پوئتي رهجي وڃن. ايئن نه ٿئي جو سياسي طاقتن کان به اها راند هٿن مان نڪري وڃي جيڪي طاقتون کڻي آيون آهن انهن کي به سوچڻ گهرجي خميس تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پروڊيڪشن جاري ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته پهريان ته پراڊيڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيان ٿو هن چيو ته مان اختر مينگل، ايم ڪيو ايم ۽ اپوزيشن ليڊر ۽ ٻين پارٽين جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي پروڊيشڪشن آرڊر لاءِ ڪوشش ڪئي هن چيو ته سانگهڙ تي ان وقت ڪپهه جي فصل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت پاران ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويئي هن چيو ته شايد ايئن نه ٿئي جو هن وقت تائين ته سعودي عرب کان امداد اچي ٿي ملڪ جو معاشي مسئلو سڀني جو گڏيل آهي هن چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي بجيٽ انهن جي بڻايل نه آهي هن چيو ته ملڪ جي معاشي مسئلي کان سڀ واقف آهن پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون پاڪستان نه آهي ته ڪجهه به نه آهي هن چيو ته مان نه کپي جي نعري وقت پاڪستان کپي جي ڳالهه ڪئي هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان پئسو ملي رهيو آهي ته ماڻهو ڇو روئي رهيا آهن. هن چيو ته اچو ته حڪومت اپوزيشن گڏجي معيشت تي ڪوئي معاهدو ڪيون هن چيو ته بجيٽ جون ڳالهيون ڪيون ويون ته سڀ روئي رهيا آهن ڪو ته سبب آهي. هن چيو ته حساب ڪتاب کي ڇڏي اڳتي وڌو هن چيو ته منهنجي پڪڙڻ سان پارٽي مضبوط ٿيندي. هن چيو ته ماڻهو سوچين ٿا ته جيڪڏهن زرداري کي پڪڙي سگهجي ٿو ته پوءِ ٻين کي ڇو نه. هن چيو ته مان پهريان به جيل ۾ ايندو ويندو رهيو آهيان ۽ اڄ ٻيهر ياد تازيون ٿي ويون آهن. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته اسان حڪومت جي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون، ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام دشمن بجيٽ منظور نه ٿي. هن چيو ته اسپيڪر ڪمزور آهي، ويچاري وٽ ڪو به اختيار ناهي، اي پي سي ۾ سمورين پارٽين سان گڏجي فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ حڪومت کي وڃڻ گهرجي، ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي تنهن تي غور ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ تي ڳالهيون جاري آهن، 80 ورهين جي شخص کي هٿڪڙين ۾ آندو ويو آهي، ٻاهران آيل ناڻي واري صلاحڪار کي اندازو ئي ناهي، اسان بجيٽ جي مذمت ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو ته پ پ دٻاءَ وڌو ته پراڊڪشن آرڊر جاري ٿيو، اسپيڪر ۽ انساني حقن جي چيئرمين کي خط لکيو، هائوس مڪمل نه هوندو ته اها ڌانڌلي هوندي. هن چيو ته بجيٽ افرار تفري پکيڙي ڇڏي آهي، اهڙي نموني ملڪ نه هلندا آهن، آخر اسان کي ئي ملڪ سنڀالڻو آهي، هي ملڪ نه ٿا سنڀالي سگهن اسان کي ڳڻتي رهندي آهي. سندس چوڻ هو ته سمورن معاملن تي اي پي سي ٿيڻ گهرجي، سياسي اداڪار هٿ لوڌي بڪواس ڪندا رهندا آهن، اسان جي سياسي تحريڪ نه هلندي ته ڪا ٻي طاقت ايندي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، اهڙين معاشي پاليسين سان ملڪ نه هلندو، موجوده حڪومت کي ڪڍڻ جي لاءِ سياسي طاقتن کي آگاهه ڪرڻو پوندو سياسي طاقتون نه اينديون ته ٻيو ڪوئي ايندو. اسان جيل وڃي نه ٿڪيا آهيون ۽ هي ٻاهر رهي ڪري به ٿڪجي پيا آهن. هن چيو ته اسان جيل ۾ وڃي نه ٿڪيا آهيون ۽ هي ٻاهر رهي ڪري به ٿڪجي پيا آهن. ان موقعي تي هڪ صحافي پاران اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان کي حسين اصغر کي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه بنائڻ تي اعتراض آهي جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته اسان کي مٿي کان هيٺ تائين سڀني تي اعتراض آهي هن چيو ته موجوده حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ سياسي طاقتن کي آگاهه ڪرڻو پوندو آصف زرداري چيو ته ٻاهران کان ايندڙ ناڻي واري وزير کي ملڪ جي معيشت جي خبر ئي نه آهي هن چيو ته مون تي جيترا به ڪيس هلايا وڃن هلائين منهنجو خير آهي پاڪستان جو خيال رکيو وڃي 80 سال جي بزرگن جو خيال رکيو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟