اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ مڪمل طور تي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ بجيٽ جو هڪ پئسو به صوبي ۾ خرچ نه ٿيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي برو حال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوئي به پڇڻ وارو نه آهي خميس جي ڏينهن تي سپريم ڪورٽ ۾ سکر پريس ڪلب ايراضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس گلزار احمد جي اڳواڻي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي. هن چيو ته سنڌ صوبو مڪمل طور تي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ بجيٽ جو هڪ رپيو به سنڌ ۾ خرچ نه ٿيو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي ماڻهن جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته هاڻي اهو ايترو وڌندو جو سمورو لاڙڪاڻو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. هن چيو ته دنيا جو اهڙو ڪوبه شهر نه آهي جتي 50 ڊگري جي باوجود وڏيون عمارتون موجود هجن هن چيو ته سکر جي گرم شهر ۾ وڏيون عمارتون ته بڻايون ويون آهن پر سهولتون نه آهن هن چيو ته ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي ۽ رات جو بجلي جي بغير ماڻهو سمهي رهيا آهن بنيادي ضرورتن کان محروم ماڻهو تشدد واري طرف مائل ٿيندا آهن ۽ ڪرائيم ريٽ وڌندو آهي هن چيو ته سکر جي ميئر کي به جاڳڻ گهرجي سکر جي ميئر چيو ته اسان ماسٽر پلان مرتب ڪيو آهي جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان جو ماسٽر پلان ڇا آهي جتي به وڃو توهان جي ماسٽر پلان جي ڪابه اهميت نه آهي. هن چيو ته توهان سڀ ماڻهو سسٽم جو حصو آيو ۽ ڄاڻون ٿا ته سسٽم ڇا آهي صحافي به ايندا آهن توهان کي خبر آهي ته توهان ڇا ڪري رهيا آهيو ۽ سکر پريس ڪلب وارا ڇا ڪري رهيا آهن پنهنجي مرضي واريون خبرون ڇپرائين ٿا سکر پريس ڪلب وارن کان ڪو پڇڻ وارو ئي نه آهي. هن چيو ته صحافي به غريب ۽ حقدار جي خبر نٿا ڇپرائين. هن چيو ته اسان پهريان به وقت ڏيئي چڪا آهيون ۽ 15 ڏينهن جو وقت سکر جي وڪيل انتظاميه گهريو آهي ان کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟