حيدرآباد ۾ ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين جو مال گاڏي کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

0Shares

حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد جي ڀرسان مڪي شاهه ڦاٽڪ وٽ 2 ريل گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي  ويون جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. حيدرآباد اسٽيشن جي سپريٽنڊنٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس پنهنجي ئي پٽڙي تي پهرين کان بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ريل جي انجڻ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته ڪيتريون ئي بوگيون به پٽڙي تان لهي ويون. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٽرين ڊرائيور سميت 3 ڄڻا فوت  ٿي ويا. جڏهن ته ٻين زخمين کي به اسپتال اماڻيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد کي مسافرن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ٻڌايو ته هن وقت جي اطلاعن موجب حادثي ۾ مسافر ريل جو ڊرائيور، اسسٽنٽ ڊرائيور ۽ هڪ گارڊ به فوت ٿي ويو. هن چيو ته حادثو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ پيش آيو جنهن ۾ ڪنهن به مسافر جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن. ايس ايس پي ريلوي پوليس شهلا قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ جناح ايڪسپريس معمول جي موجب پنهنجي پٽڙي تي هئي پر مال گاڏي پٽڙي تان لهي وئي جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں