سنڌ اسيمبلي ۾بجيٽ تي بحث ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ منهن ماري، مائيڪ بند ڪرڻ تي اپوزيشن جو احتجاج

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي عام بحث چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، بحث ۾ حصو وٺندي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخچيو ته سنڌ جو بجيٽ عوامي امنگن جو ترجمان آهي. هن بجيٽ ۾ عوام جي ڪاروباري طبقن، سرڪاري ملازمن ۽ ٻين حلقن جي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. مستقبل ۾ ٿر ڪول ملڪي بجلي جي ضرورت پوري ڪندو جيڪڏهن ٿر جي ڪوئلي کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ان سان تيار ٿيندڙ بجلي جي قيمت گهٽ هوندي. هن ٻڌايو ته ٿر ڪول مائيننگ لاءِ شنگهائي اليڪٽرڪ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. توانائي جي کاتي جي ڪارڪردگي کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. ٿر ڪول بلاڪ 2 مان 660 ميگاواٽ بجلي جي نيشنل گرڊ کي فراهمي روشني جي پهرين لاٽ آهي تمام جلد وڌيڪ چارهزار ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ کي ٿر ڪول پروجيڪٽ مان ڏئي سگھبي. ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 1420 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. هن چيو ته ٿر ڪول منصوبا ڪاميابي جو هڪ روشن مثال آهي پر وزير اعظم پاڪستان دعوت ڏيڻ کان پوءِ به ٽرانسميشن جي افتتاحي تقريب ۾ نه فقط شرڪت نه ڪئي پر سنڌ حڪومت کي ان جي مبارڪ باد تائين نه ڏني. هن چيو ته اسان ٿر ڪول منصوبي مان هر سال 10 بلين ڊالر بچائي سگھون ٿا ڇو ته اسان هر سال 10 کان 15 بلين ڊالرز جو ٻارڻ خريد ڪندا آهيون. امتياز شيخ چيو ته پيپلز پارٽي ميرٽ جي اصولن تي اهليت رکندڙ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي ۽ عورتن ۽ معذورن ۽ مرحومين جي ڪوٽا تي روزگار جي فراهمي جو به هر ممڪن تحفظ ڪيو ويندو. امتياز شيخ سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندڙن کي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هتي ايندڙن کي اسان جي وڏن دل ۾ جڳهه ڏني انهن لاءِ نه صرف گهر پر دل جا دروازا به کولي ڇڏيا انهن ماڻهن جي منهن مان سنڌ ٽوڙڻ جون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن، سنڌ ۽ سڄي ڪراچي اسان جي آهي، اسان ان جو تحفظ ڪنداسيين. هن چيو ته ڊڄو ان وقت کان جڏهن سنڌي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ شروع ڪن جيڪڏهن سنڌين ائين ڪيو ته انهن کي هڪ به سيٽ نه ملندي انهن لاءِ مشورو آهي ته هو سنڌي بڻجي رهن، ملڪ کي ڪيڏانهن نيو پيو وڃي اسان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، امتياز شيخ وزيراعظم جي گهوٽڪي واري دوري جي حوالي سان چيو ته پهريان مرحوم جو لاڏاڻو ياد نه آيو هاڻي اليڪشن جي وقت تعزيت لاءِ پهچي ويا. هن چيو ته الله توهان کي موقعو ڏنو آهي ته توهان پنهنجو ڪم ڪريو پر افسوس جو حالت اها آهي ته بيورو ڪريسي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پوليس آرڊر پاس ڪيو آهي ان سان امن جي بهتري ۾ مدد ملندي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي عورت ميمبر ثروت فاطمه بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته صوبي ۾ ٻارن سان زيادتي تي چائلڊ پروٽڪشن ايجنسي نه ڪو قابل قدر ڪردار ادا ڪيو پر ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ ۽ ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. حڪومت سيوريج ۽ صحت جي نظام جي بهتري تي به توجهه ڏئي هن وزيراعظم جي صحابه اڪرام خلاف ڳالهائڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جڏهن لاعلمي هجي ته ڳالهائڻ دانائي ناهي، صحابه اڪرام نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم تي جان نڇاور ڪندا هئا. وزيراعظم اسلامي مملڪت جو سربراهه آهي ان جو اهڙي طرح صحابه جي حوالي سان ڳالهائڻ مناسب نه هو. پورهئي واري صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ جي عوام کي پي پي کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، سزا طور سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پاڻي جي کوٽ سان ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ ٺٽو بدين ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ مال اڃ ۾ مري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته هو سڀ کان پهريان غريبن جي بهتري بابت سوال ڪندو آهي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 9896 فيڪٽريون رجسٽرڊ آهن ۽ ڪل تعداد 3 لک 60 هزار آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته محنت واري کاتي پورهيتن لاءِ ليبر ڪالونين جي قيام، ڊسپينسرين کي اپ گريڊ ۽ 50 بسترن جي اسپتال ۽ سٽي اسڪين مشين نصب ڪئي آهي، لانڍي ۽ سکر ۾ اسپتالن کي بهتر ڪيو ويو آهي، 42 ڊسپينسريون ۽ 5 نيون اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ جي ارسلان تاج بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حالت اها آهي جو هاڻي جج به ڳالهائڻ لڳا آهن، جسٽس گلزار احمد پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، سنڌ جي فالودي واري، مالشي ۽ رڪشي وارن جي اڪائونٽن مان ته پئسا نڪري رهيا آهن پر عوام جا ڪم ناهن ٿيا. هن چيو ته وفاق کان پئسي جو مطالبو ته ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پي ٽي آءِ ميمبر چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حالت اها آهي جو موٽر وهيڪل ٽيڪس پڻ کوٽ جو شڪار ٿي آهي. حڪومت زڪوات واري کاتي کي به ناهي بخشيو ان جون ادائيگيون روڪيون ويون آهن جڏهن ته من پسند ٺيڪيدارن کي اضافي ادائيگيون ڪيون ويون، ڪوآپريٽيو کاتي ۾ ڪراچي کان هٽي ڪري 1180 سوسائٽيز مان صرف 6 جي آڊٽ ڪئي وئي ان جي پٺيان هڪ وڏي شخصيت ۽ وڏي هستي جو هٿ آهي. ارسلان تاج چيو ته مان سياسي ڪارڪن آهيان ۽ جرئت رکان ٿو ته جيڪو ڪرپٽ آهي ان کي ڦاهو ڏنو وڃي، عليمه باجي جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن پر ڇا پي پي وارا پنهنجي قيادت لاءِ اهڙو مطالبو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪراچي جون 8 اسڪيمون صرف ڏيکاءُ ۽ بجيٽ تقرير لاءِ رکيون ويون پر ياد ڪجهه ناهي، ڪراچي کي صرف ڏک ڏنا ويا آهن. هن چيو ته مراد علي شاهه اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي اعتراض ڪيو پر معنيٰ چيڪ ڪئي ته هو واقعي نامراد شخصيت آهي. ارسلان تاج جي اهڙي رمارڪس تي اسپيڪر کيس ويهي رهڻ جو چئي پي پي جي عورت ميمبر شميم ممتاز کي تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏني. شميم ممتاز عوذ بالله من شيطان الرجيم پڙهي پنهنجي تقرير جو آغاز ڪيو ان دوران ارسلان تاج رڙيون ڪندو رهيو. شميم ممتاز چيو ته حوصلو آهي ته ويهي رهو جيڪڏهن اسان به ڳالهايو ته رڙيون نڪرنديون جيڪي هاڻي نڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي کي ڪير اون ڪندو هو ڪنهن ڪراچي کي ڪراچي ٺاهيو، صحت، تعليم لوڪل گورنمينٽ ڪنهن وٽ  هئي، چوندا هئا لوڪل گورنمينٽ تعليم سنڀاليندي، ڪچرو سنڀالي نه سگهيا ۽ تعليم جو ٻيڙو غرق ڪيو جيڪڏهن توهان اهل هجو ها ته ساڍا 3 ڪروڙ جرمانو ڇو ڀريو ها. هن چيو ته ٻه ڏينهن پهريان چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته زرداري ۽ فريال ملزم ناهن. شميم ممتاز چيو ته جيڪڏهن هو غلام ناهن ته فساد چوڌري کي ڪابينه مان ڇو نه ڪڍيو جنهن صحافي کي سڄي محفل ۾ چماٽ هنئي. هن چيو ته قائداعظم لاءِ اسان جا ڀائر دعائون روز گهرندا آهن پڇان ٿي ته ڪهڙي پاڪستان جي قائد لاءِ نئون يا پراڻو. اسان جو ڪارڊ ته پراڻي پاڪستان جو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪمرانن کي هوش ته رات جو 12 بجي کان پوءِ ايندو آهي، اٿاري چيو ويندو آهي ته توهان وزيراعظم آهيو. شميم ممتاز دعويٰ ڪئي ته ڪربلا جي تاريخ بعد سڀ کان وڏي قرباني ڀٽو خاندان جي آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرباني ڏيندڙ ماءُ جي نسل مان آهي، مالشي ۽ فالودي واري جو ذڪر ته ڪيو ويو پر ڪي پي ڪي ۾ 49 جعلي اڪائونٽ ڪاڏي ويا، جهاز ڀري ڀري بني گالا کڻي ويندڙ ارب پتي نااهل ترين صرف هڪ لک ٽيڪس ڏيندو آهي. ڪالهه ڪي پي ڪي جي ڊي جي نيب ۽ آءِ جي پنجاب کي 3 دفعا ۽ نيب چيئرمين کي ڇو ڊيڄاريو ويو، هي غلامي ناهي ته ابن غلامي آهي، توهان جي ڪابينه ۾ ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي ڦاهو ڏيڻ جي لائق آهن. هن چيو ته وزيراعظم کي گهوٽڪي جي فاتحه ياد نه هئي پر هاڻ اوچتو ياد اچي وئي جڏهن اليڪشن مٿان آئي آهي. اسان عليمه باجيءَ کان پڇنداسين ته ڪهڙي اهڙي سلائي مشين آهي اسان جي سنڌ کي به اهڙيون مشينون ڏئي. ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر رعنا انصار کي جڏهن تقرير جو موقعو مليو ته هن ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ پئنل چيئرمين گهنور خان اسراڻ کي اسپيڪر جي نشست تي ويٺل ڏسي اشارو ڪندي چيو ته نوجوان چهري کي ويٺل ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جون سڀ بجيٽ ڏٺيون سواءِ ڪاپي پيسٽ جي وڌيڪ ڪجهه به ناهي، سنڌ جي ٽرانسپورٽ تي بجيٽ ڪيڏانهن ڪئي. 5 ڪروڙن جي ڳالهه ڪئي وئي اهي ڪيڏانهن ويا، ايجوڪيشن سٽي جو اعلان ڪيو ويو، ڪاري موري يونيورسٽي جا ربن ڪاٽيا ويا پر بجيٽ نه رکي وئي، ٿر ۾ يونيورسٽيون ٺهڻ گهرجن بلاول اعلان ڪيو پر حيدرآباد ۾ وزيراعظم اعلان ڪيو ته تڪليف ڇو ٿي، حالت اها آهي جو شڪارپور يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪيو ويو، استاد پريشان ۽ پگهارون نه ڏنيون ويون. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ جي انگن اکرن جي هيرا ڦيري کي هاڻي اسان سٺي طرح سمجهڻ لڳا آهن پر فڪر جي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته هاڻي آئي آئي نيب آئي وارو زمانو آهي. هن چيو ته وڏي وزير بجيٽ تقرير اردو يا سنڌي ۾ ان لاءِ نه ڪئي ته سنڌ دشمن بجيٽ عوام کي سمجهه ۾ نه اچي ڪڏهن مراد علي شاه پنهنجي مادري زبان ۽ اردو ۾ ئي بجيٽ پيش ڪري ها، هن چيو ته هن وقت اسان جي صوبي جي سڃاڻپ ايڊز جو مرض بڻجي وئي آهي، 11 سالن ۾ صاف پاڻي نه ڏنو ويو ڪيڏانهن ويو پئسو پوءِ الزام وفاق تي لڳايا ٿا وڃن، ڪوڙ جي به ڪا حد هوندي آهي. هن چيو ته ٽيڪس فري بجيٽ چئي غريب ماڻهن سان دوکو ڪيو ويو، سبزي، ثمر ۽ ڪچرو کڻڻ تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، عمري تي موڪل وٺي ويندڙن کان به پئسا وٺندا آهن. هن چيو ته جڏهن سنڌ جي نياڻين کي روڊن تي گهليو ويندو آهي ان وقت جمهوريت خطري ۾ نظر ناهي ايندي، نصرت سحر عباسي تقرير دوران آئي آئي نيب آئي جا نعرا لڳرايا، هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، هي پئسو انور مجيد، ايان علي، نونس ۽ مورائي وٽ ويو، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ زبردستي سان باهه لڳرائي وئي ان دوران سرڪاري بئنچن تان شور شرابو ڪيو ويو ته هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اڄ مون کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي ته اهڙو احتجاج ڪندس جو ياد رکندا ۽ پوءِ ڪو به تقرير نه ڪري سگهندو. هن سنڌ حڪومت کي 8 هزار ڳجهيون ڀرتيون ڪرڻ جو به الزام لڳايو ۽ سنڌ حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳايا جنهن تي پئنل آف چيئرمين جيڪو اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو تنهن نصرت سحر عباسي جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي جنهن تي اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ شور شرابو ڪيو ۽ اسپيڪر جي نشست آڏو جمع ٿي سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا لڳايا. ان موقعي تي فردوس شميم نقوي چيو ته نصرت سحر سينيئر ميمبر آهي ان کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي جنهن تي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا  چيو ته نصرت سحر عباسي اسان جي ڀيڻ آهي پر اها ڌمڪي نه ڏئي جنهن تي ان کي پنهنجي تقرير مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. نصرت سحر چيو ته پي پي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اومني گروپ کي نوازڻ لاءِ سنڌ جي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي. نصرت سحر جي تقرير بعد جڏهن پي پي جي منور وساڻ جي باري آئي ته هن نصرت سحر عباسي جو نالو وٺڻ کان بغير هن تي سخت ڇوهه ڇنڊيا، هن چيو ته سنڌ حڪومت تي الزام تراشي ڪئي پئي وڃي پر ”بل بتوڙي“ اڄ ڏينهن تائين صوبائي حڪومت جي سرڪاري گاڏي واپس ناهي ڪئي، اها سندس ئي استعمال ۾ آهي. هن چيو ته هي چوي ٿي ته آئي آئي نيب آئي اسان چئون ٿا ته آئي آئي ڏائڻ آئي. هن چيو ته نيب ڪيس صرف اسان تي نه پر پير پاڳارو، ذوالفقار مرزا ۽ حسنين مرزا تي به آهن نيب مرزا ۽ هن جي پٽن کي گرفتار ڇو نٿي ڪري، نيب آئي ته اها پير پاڳاري لاءِ به اچي سگهي ٿي. فواد چوڌري ڦوڪڻي وانگر آهي انصاف سڀني جي لاءِ آهي ته عليمه باجي جو ڪيس به ڪراچي ۾ هلايو وڃي. هن نصرت سحر عباسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”ماسي بل بتوڙي“ هاڻي اهو به ٻڌايو ته جهنگلات جي زمين تي ڪنهن قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن کان ڊنا آهيون نه جهڪنداسون. هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته رات پيٽ ۾ ڊالر جي قيمت وڌائي اربين رپيا ڪمايا ويا ۽ قوم کي آءِ ايم ايف جي بجيٽ ڏني آهي. پي پي جي ماروي راشدي چيو ته وفاقي حڪومت پي پي ۽ بغض ڀٽو ۾ سنڌ کي مالياتي شيئر نه ڏنو، وفاقي حڪومت روزانو 14 ارب رپيا قرض وٺي رهي آهي. 18هين ترميم کي اڏائڻ انهن جي وس ۾ ناهي فيصل واوڍا پنهنجي بي نامي اڪائونٽس جو حساب ڏئي. هن چيو ته وزيراعظم انهن چورن تي هٿ ڪيئن وجهندو جيڪي ڪابينه ۾ موجود آهن ۽ بني گالا جو خرچ سنڀالين ٿا. نيب گردي صرف مخالفن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ آهي، اسان جيل ڀريو تحريڪ هلائينداسون. هن چيو ته وزيراعظم چوندو هو ته ايم ڪيو ايم را جي ايجنٽ آهي پر هاڻي هو ”نفيس لوگ“ بڻجي ويا آهن. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ سڀ پي پي سان گڏ آهن. هن چيو ته منهنجو نالو تقرير لاءِ پڪاريو ويو ته هيڏانهن (اپوزيشن جي بئنچن ڏانهن اشارو) باهه لڳي وڃي ٿي اٿي بيهان ٿي ته تيلي لڳي وڃين ٿي جيڪڏهن ڳالهائڻ شروع ڪريون ته ڀنڀور ۾ باهه لڳي وڃي ٿي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لڳڻ وقت مخالف ميمبر جي ماٺ سمجهه کان ٻاهر آهي،وفاق کان پاڻي جو پورو حصو وٺرائي ڏيو پوءِ ڀلي اسان کان پاڻي جي کوٽ جو حساب ورتو وڃي،سندس چوڻ هو ته اڄ جي انگن اکرن موجب سکر بئراج 32.80 سيڪڙو کوٽ آهي .ڪوٽڙي بئراج تي 47 سيڪڙو کوٽ آهي بدين ۾ پاڻي کوٽ لاءِ تقريرون ٿين ٿيون پاڻي بدين جو حق آهي پر مٿان ئي پاڻي نه ٿو ملي ته بدين کي پاڻي ڪٿان ملندو،سندس چوڻ هو ته سنڌ سان واسطو رکندڙ وفاق ۾ حڪومت جي اتحادي ميمبرن سنڌ سان پاڻي بابت ٿيندڙ ناانصافي تي ڪڏهن به ناهي ڳالهايو،هتي چيو وڃي ٿو ته ڀڄو ڀڄو نيب آئي،ڪوبه سياسي ڪارڪن جنهن کي جمهوريت جي ٿوري به سمجهه هوندي ته ووٽ جي طاقت ڇا هوندي آ اهو ائين نه چوندو،ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائيندڙ عمران خان لاءِ چئو ته ڀڄو ڀڄو عمران خان آيو ،ڀڄو ڀڄو شميم نقوي آيو،هر باشعور ماڻهو سمجهي ٿو ته نيب ڇا آهي نيب هڪ آئيني ادارو آ جنهن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ کي درپيش مالي مشڪلات جي ذميدار وفاقي حڪومت آهي اهڙين حالتن ۾ ڪٽوتين باوجود سنڌ حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي اها تمام بهتر آهي ان کان بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ ممڪن نه هو. سنڌ ۾ صحت، تعليم، ڪئنال هر شعبي ۾ ترقي جي ضرورت آهي. پي پي جڏهن به آئي آهي هن ڊليور ڪيو آهي. اسماعيل راهو جي تقرير دوران ايوان ۾ لال بيگ جي آمد تي اپوزيشن بئنچن ۾ شور مچي ويو، اپوزيشن ميمبر راشد خلجي وڊيو بڻائيندو رهيو. پي ٽي آءِ جي عمران شاهه چيو ته تعليم جي بجيٽ وڌائي وئي آهي پر منهنجي تڪ ڪٽي پهاڙي واري علائقي ۾ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ٻار مٽي تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي بدترين اسڪولن ۾ جيڪڏهن نالو لکيو وڃي ته ٺٽي جي اگهيماڻي اسڪول آهي جتي نه دروازا نه کڙيون نه ئي ڪا سهولت موجود آهي، ماڻهو ٻار پڙهائڻ چاهين ٿا پر وسيلا موجود ناهن ڇا ديهي علائقن جي ٻارڙن جو تعليم تي حق ناهي. ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، صحت جو شعبو ڊزاسٽر جو شڪار آهي، ٿر ۾ ٻار اڃ ۽ بک سبب مري رهيا آهن، ٿر ۾ ڪمرشل بنيادن تي 660 ميگاواٽ بجلي ٺهي رهي آهي سڄي ٿر کي 50 ميگاواٽ بجلي جي ضرورت آهي پر حالت اها ڪئي پئي وڃي جيڪا بلوچستان سان ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ بيمار آهي اسان ان جو ئي علاج گهري رهيا آهيون. هن موجوده بجيٽ کي بيورو ڪريسي بجيٽ قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌ جي عوام تي 48 ارب رپين جي ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي. 90 سيڪڙو ٽيڪسز ۾ 14 ٽوٽل ٽيڪس آهن پر رورل ٽيڪس صرف 3 سيڪڙو آهي، ڪراچي وارن ڇا ڪيو آهي مان ٻڌايان ٿو. ديهي سنڌ جو تمام ٽيڪس معاف ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي تي چئوڻ تي ٽيڪس وڌائي وئي آهي. جاويد حنيف ڊگهي تقرير ڪرڻ تي بضد هو پر ڊپٽي اسپيڪر کيس پنهنجي ڳالهه مختصر ڪرڻ لاءِ چوندي رهي جنهن تي هن چيو ته مون کي تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي ته هتي ڪنهن ٻئي کي به تقرير ڪرڻ نه ڏبي، ان موقعي تي ايوان ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ميمبرن وچ ۾ گرما گرمي به ٿي. جاويد حنيف جي ڌمڪي بعد مڪيش چاولا اٿي بيٺو ۽ چيو ته توهان اسپيڪر کي ڌمڪيون نه ڏيو، هتي بدمعاشي نه هلندي، بجيٽ ۾ بحث تي پي پي جي سليم بلوچ به حصو ورتو جنهن بعد ايوان جي ڪارروائي ڇنڇر ڏينهن صبح تائين ملتوي ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں