اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ڪابينا ميمبرن کي بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ ٽينشن نه ڪرڻ ۽ مخالف ڌر جي ڪنهن بليڪ ميلنگ ۾ نه اچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن توهان کي ڪنهن هنڌ ڳالهائڻ نٿي ڏئي ته توهان به ڳالهائڻ نه ڏيو، پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽو ۽ سر جو جواب پٿر سان ڏيو جيڪڏهن مخالف ڌر احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته سئو ڀيرا ڪري، عوام جي زندگي ۾ خلل وڌو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت مخالف ڌر کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي، وزيراعظم سمورن وزيرن کي اپوزيشن جي زبان ۾ جوابڏيڻ جي هدايت ڪئي، اسيمبلي سان گڏ ميڊيا تي به پنهنجي موقف تي قائم رهو ۽ ڀرپور جواب ڏيو، ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته مان ڊڄڻ ناهي سکيو ۽ نه ئي بليڪ ميل ٿيندو آهيان توهان کي صلاح ڏيان ٿو ته ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيو ۽ سر جو جواب پٿر سان ڏيو. ٻئي طرف حڪومت نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان بجيٽ کانپوءِ قوم کي خطاب ۾ 10 سالن دوران اڳوڻي حڪومتن لاءِ قرضن جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا قرضن جي استعمال ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪندي. ذريعن موجب نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر اڳوڻو پوليس آفيسر آهي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنجاب سميت ايف آءِ اي ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.ذريعن موجب حڪومت ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر کي جاچ ڪميشن جو سربراهه بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر کي ڪميشن جو چيئرمين بنائڻ جو فيصلو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جڏهن ته امڪان آهي ته حسين اصغر ڊپٽي چيئرمين نيب جو عهدو ڇڏي ڏئي. ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌسماءُ واري صلاحڪار فردوس اعواڻ چيو ته اجلاس ۾ احتساب بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي انڪوائري ڪميشن جوڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو حڪومتون اينديون وينديون رهنديون پر ڪميشن ڪم ڪندي رهندي ماضي ۾ وزيراعظم پيرن کان وڌيڪ چادر ڦهلائيندا رهيا ڪرپشن سبب جيل ويندڙ پاڻ کي سياسي قيدي سڏائي رهيا آهن ان موقعي تي شهزاد اڪبر چيو ته نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي انڪوائري ڪميشن سربراهه بڻائڻ جي منظوري ڏئي وئي آهي انڪوائري ڪميشن آئين ۽ قانون آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟