اسلام آباد (بيورو) بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل اپوزيشن پارٽي جي اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چاهيون ٿا ته جمهوريت مضبوط، شفاف اليڪشن ۽ عدالتون آزاد هجن، حڪومت جا اتحادي نه آهيون، ڪجهه قطن تي ووٽ ڏنو، سياسي پارٽين کي جمهوريت جي بحالي لاءِ واضح اينجنڊا کڻي اچڻو پوندو، انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ته جمهوريت کي وڌندي ويجهندي نٿو ڏسي سگهجي، اڱاري تي اختر مينگل مولانا فضل رحمان سان ملاقات ڪئي، سينيٽر جهان زيب جمال الديني ملاقات ۾ موجود هو، جي يو ف آءِ پاران مولانا عبدالفغفوري حيدري، مولانا اسد محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مولانا پاران اختر مينگل کي اپوزيشن جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل رحمان چيو ته اي پي سي تي صلاح مشورن جي شروعات ٿي چڪي آهي، ايندڙ هفتي ۾ اي پي سي جو احتمام ٿي سگهندو، هن چيو ته اختر مينگل جو هاڪاري جواب ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ پيدا ٿيندڙ سوچ جا بهترين نتيجا نڪرندا، سڄي قوم کي هڪ صف ۾ اچڻو پوندو تڏهن ئي هدف حاصل ٿيندا، اپوزيشن قيادت جيل ۾ هئڻ سبب ئي اي پي سي جلد ٿي رهي آهي، اختر مينگل چيو ته بي اين پي ۽ جي يو آءِ ف جا پراڻا لاڳاپا آهن، منهنجو والد بلوچستان ۽ مولانا جو والد ڪي پي ڪي جو وڏو وزير هو، هن چيو ته بلوچستان اڄ به ٻئي پارٽيون اتحادي آهن، مولانا اي پي سي لاءِ دعوت ڏني هئي، ملڪ ۾ سياست ۾ اسان جو ڪردار ۽ ذميواريون آهن، هن چيو ته سياسي پارٽي طور اي پي سي ۾شرڪت ڪنداسين، جلد پارٽي جي گڏجاڻي گهرائي مولانا کي هاڪاري جواب ڏينداسين، ملڪ ۾ ڪيتريون ئي چونڊيل ۽ غير چونڊيل حڪومتون آيون ۽ ويون، ڪيتريون ئي بجيٽون آيون پر ملڪ جي قسمت سنوارجي نه سگهي تنهنڪري سياسي پارٽين کي جمهوريت جي بحالي لاءِ واضح ايجنڊا کڻي اچڻو پوندو. هن چيو ته سياسي اشو ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، هن چيو ته بلوچستان وارن کي خدشو آهي ته ترقي جي نالي تي ڊيمو گرافڪس تبديل نه ٿين، هن چيو ته ڪيتري ئي ڪوشش حڪومت کي بلوچستان جي مسئلن کان آگاهه ڪيان، جيڪڏهن ڪير مئسلن کي نٿو سمجهي ته ڇا ٿو ڪري سگهان، هن چيو ته غائب ماڻهن جو مسئلو رڳو بلوچستان نه پر سنڌ ۾ به آهي، بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لسٽ حڪومت کي ڏني، جمهوريت جو بنياد انساني حق آهن.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟