سنڌ اسيمبلي ۾ بجيت تي بحث، قيادت خلاف ڳالهائڻ تان پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبر اُڀا ٿي ويا

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي صوبائي بجيٽ تي عام بحث ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر سدره عمران چيو ته سنڌ جي بجيٽ ڏسي لڳي ٿو جيئن صوبي ۾ هر طرف مونو ٽرين، هيليڪاپٽر ۽ خبراهي ڇا ڇا هلي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ٽرانسپورٽ تي رقم هڪ سيڪڙو رکي وئي آهي ۽ خواب ييلو لائن ۽ ريڊ لائن جا ڏيکاريا ويا آهن. اِي گورننس تي رقم ناهي، اسان ڪهڙي طرح سان شفافيت ۽ بهتر گورننس ريفارمز آڻينداسون. هن چيو ته صوبي جا 60 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ بجيٽ ايلوڪيشن صرف 7 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 288 ارب جي بجيٽ ۾ ترقي جون دعوائون ڪيون ويون آهن ۽ چيو ويو آهي ته 62 ميگا منصوبا رکيا ويا آهن پر ڪراچي لاءِ واٽر سپلاءِ لاءِ صرف 9 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته گڏاپ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج جي لاءِ جيڪا بجيٽ رکي وئي آهي ان کي ڏسي لڳي ٿو ته ترقي صرف پي پي جي تڪن ۾ ٿي رهي آهي. پي پي ميمبر شازيه عمر بجيٽ بحث تي حصو وٺندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جون 30 کان وڌيڪ اسڪيمون رد ڪيون آهن ان باوجود تنقيد سنڌ جي بجيٽ تي ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته وفاق جي ناانصافين باوجود سنڌ جي بجيٽ متوازن ۽ بهتر آهي هن بجيٽ ۾ صوبائي حڪومت تعليم، صحت ۽ امن امان کي ترجيح ڏني آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي، ميٽرڪ انٽر تائين فيس جي معافي، تعليمي شعبي جي بهتري ڏانهن هڪ انقلابي قدم آهي جيڪو بهتر نتيجا ڏيندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کان ڪراچي جون 3 وڏيون اسپتالون کسي ورتيون پر بجيٽ ۾ رقم مختص نه ڪئي. ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر منگلا شرما چيو ته بجيٽ ۾ هندن لاءِ گهٽ منصوبا رکيا ويا آهن، هندو ٻارن کي مذهب جي نالي تي ورغلائي مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، بک، غربت ۽ مصائب جي بهاني انهن ٻارن جو مذهب تبديل ڪرايو ويندو آهي. صوبائي حڪومت هن وقت تائين منارٽي ڪميشن ڇو نه ٺاهي، ننڍن ٻارڙن جي شادين کي روڪڻ جي قانون تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته هڪ طرف مسلم ٻارن کي ڪاروڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف هندو ٻارن کي پسند جي نالي تي هار پهرايا ويندا آهن. بلاول ڀٽو پاران هولي ملهائڻ سان هندن جا مسئلا حل ناهن ٿيندا. منگلا شرما سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر هن کي روڪي ورتو ۽ چيو ته توهان بجيٽ تي ڳالهايو، سنڌ جي تاريخ جي خبر توهان ناهي ته پوءِ ڪيئن ڳالهائي رهيا آهيو. پي پي جي ميمبر نويد انٿوني چيو ته وفاق جي ناڪام معاشي پاليسين تان توجهه هٽائڻ لاءِ ملڪ ۾ سياسي بيچيني جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اقليتن لاءِ سرڪاري ملازمتن ۽ تعليمي ادارن ۾ اضافي ڪوٽا مختص ڪئي وڃي. وزير بلديات کي درخواست ڪئي ته اقليتي عبادتگاهن جا مسئلا حل ڪري. جي ڊي اي جي ميمبر معظم عباسي بجيٽ تي پي پي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بجيٽ جا ڪتاب ڏسو ته ائين ٿو لڳي جيئن سنڌ دبئي يا سنگاپور بڻجي وئي آهي پر زميني حقيقتون ڏسو ته سنڌ ملڪ جي ٻين حصن کان 50 سال پوئتي هلي وئي آهي، موجوده حڪومت شهيدن جي شهر لاڙڪاڻو جو جيڪو حشر ڪيو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي. لاڙڪاڻي ۾ گندي پاڻي جون ڍنڍون آهن. بلاول ڀٽو اليڪشن کٽڻ بعد لاڙڪاڻي واپس پنهنجي چونڊ تڪ ۾ ناهي آيو، لاڙڪاڻي ۾ گندي پاڻي جو عذاب آهي، شهر جي مسئلن جي حل لاءِ سوچي رهيا آهيون ته گيت ڳائڻ سکي وٺون، معظم عباسي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي 11 سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، وفاقي حڪومت کان حساب گهري رهي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي ۽ ايل ڊي اي جا ملازم پگهارن کان محروم آهن. پي پي جي عورت ميمبر ڪلثوم چانڊيو پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ جي ڊي اي جي ميمبر معظم عباسي جي تقرير تي ڳالهائيندي چيو ته توهان جي خاندان تي پي پي جا احسان آهن توهان کي پي پي زمين تان کڻي آسمان تي پهچايو هو، هن ايوان ۾ غلط بياني کان ته ڪم نه وٺو، بلاول ڀٽو عيد تي لاڙڪاڻي ۾ هو ۽ هن اتي ڪارڪنن سان عيد به ملي ۽ عوام کان سندن مسئلا معلوم ڪيا. ڪلثوم چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ هنن کان هضم نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته تبديلي سرڪار جي وزيراعظم هائوس جي بجيٽ ۾ واڌ پر عوام لاءِ ڪجهه ناهي، کنڊ مهانگي ڇو نه ٿيندي آخر نااهل ترين جي اسٽاڪ کي به ته وڪرو ڪرڻو آهي. ڪلثوم چانڊيو وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پريشان آهي جيڪڏهن ڪو آرام ۾ آهي ته اهو اسان جو وزيراعظم آهي جيڪو اڌ رات جو قوم کي خطاب ڪندو آهي. هن سوال ڪيو ته ڪٿي آهن اهي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڪهڙي سياري تي ٺاهيا پيا وڃن، بلين ٽري ۽ پشاور ميٽرو جو ڇا ٿيو، سنڌ تباهه آهي ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب مان ماڻهو سنڌ ڇو ايندا آهن، هن چيو ته غريب عوام جي پئسن سان لنڊن ياترا ۽ مئچ ڏٺا پيا وڃن هاڻي ته عمري تي اڳوڻو مڙس به گڏ سفر جو ساٿي بڻايو پيو وڃي. پي ٽي آءِ ميمبرن ڪلثوم چانڊيو جي تقرير تي سخت اعتراض ڪندي شور شرابو شروع ڪيو پر ان باوجود هن وفاقي حڪومت تي تنقيد جاري رکي ۽ چيو ته مدينه جي رياست ۾ ائين ٿيندو آهي عوام بار برداشت ڪري ۽ حڪمران موجون ماڻين، پي ٽي آءِ جي شبير قريشي چيو ته اسان ڪراچي جي لاءِ پئسن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته چيو ٿو وڃي ته وفاق کان فنڊ نٿا ملن، ڪراچي کي خيرات طور رقم ڏني ويندي آهي چيو ويندو آهي ته ماڻهو ايندا آهن ۽ تقرير ان لاءِ ڪندا آهيون ته ٺاڪر خوش ٿيندو، جناب ٺاڪر خوش هتي نه پر ان طرف ٿيندو آهي جتي ڳالهائڻ سان وزارتون ملنديون آهن، اسپيڪر اپوزيشن ليڊر تي تنقيد ڪندو آهي ته اهڙو ليڊر ناهي ڏٺو، مان چوان ٿو اڄ ڪراچي ۾ اسان جا هي 30 ميمبر آهن اهي اپوزيشن ليڊر جي ڪري آهن پهريان ايوان ۾ صرف 3 ميمبر هئا. ايم ڪيو ايم جي ميمبر شاهانه اشعر چيو ته 11 سالن ۾ حڪومت ڇا ڪيو آهي نه پيئڻ جو پاڻي آهي نه بجلي آهي، روڊ تباهه آهن عوام پاڻي جي لاءِ اڃ مري رهيو آهي، حڪومت خامو ش آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جي وڏي تعريف ڪئي ويندي آهي ٻڌايو وڃي ته ڪڏهن صبح جي وقت صحت جي صوبائي وزير اسپتال وئي آهي جڏهن مريض تڙپندا آهن ۽ ڊاڪٽر گپ شپ ۾ مصروف هوندا آهن، سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ٺهي پر اهي پنهنجي ٻارن کي پاس ڪري رهيا آهن. پي پي ميمبر پير مجيب الحق چيو ته وڏو وزير ۽ پي پي حڪومت مبارڪباد جي لائق آهن جن اهڙين حالتن ۾ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت عوام تي ٽيڪسن جو وڏو بار وڌو آهي. پي پي حڪومت ۾ پرڏيهي قرض 16 ارب ڊالر ۽ (ن) ليگ دور ۾ 20 ارب ڊالر ورتو ويو پر هاڻ 11 مهينن ۾ 36 ارب قرض وڌايو ويو آهي، ڪميشن ٺاهڻ وارا ٻڌائين ته 11 مهينن ۾ 11 ارب ڪيڏانهن ويا، ڊالر جي وڌندڙ قيمت تي مشڪل حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جي ڊي اي جي عورت ميمبر نسيم راڄپر چيو ته سنڌ ۾ جيڪا خراب صورتحال آهي ان تي حڪومت جي ڪابه ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي، تعليم ۽ صحت تي اربين رپيا بجيٽ قوم جا ٻار تعليم کان محروم ۽ علاج ميسر ناهي، ماڻهو ايڊز ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي راشد خلجي چيو ته شهري سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي، ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد چوندڙ وزير ٻڌائين ته آصف زرداري ووٽ وٺڻ لاءِ نائن زيرو تي ڇو ويو هو. هن سوال ڪيو هو ته پي پي سنڌ ۾ ڪا به هڪ ماڊل يونين ڪميٽي آهي پي ٽي آءِ جي عديل احمد چيو ته اسان ڪي پي ڪي ۾ لوڪل گورنمينٽ جو نظام آهي، 30 سيڪڙو 40 ارب رپيا لڳايا جيڪي نظر به اچي رهيا آهن، سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ لاءِ هڪ کان 2 سيڪڙو رقم رکي ويندي آهي، ڪورنگي ۾ 31 اسڪيمون رکيون ويون پر هڪ به مڪمل نه ٿي. پي پي جي شاهد ٿهيم چيو ته گذريل 10 مهينن ۾ جهڙي انداز ۾ حڪومت هلي رهي آهي ڇا مديني جي رياست ائين هلندي هئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ عوام هن وقت به انهن مان بيزار آهي. پي ٽي آءِ جي ڪريم بخش گبول چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي سان لاڳاپيل اسپيڪر چيمبر کي سب جيل بڻائڻ جي مذمت ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته سڀاڻي ائين نه ٿئي ته هنن معزز ايوان کي ئي سب جيل قرار ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته اسپيڪر جي چيمبر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو حڪم واپس ورتو وڃي. پي پي جي ميمبر تاج محمد ملاح بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي امن ۽ سڪون ڏنو. هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم حقن تي ڌاڙا هڻي ايوان ۾ پهتيون آهن. پي پي ميمبر حزب الله ٻگهيو فريال ٽالپر کي لاڙڪاڻي لاءِ (ڇانوَ ڏيندڙ وڻ) قرار ڏنو ۽ چيو ته آصف علي زرداري مرد مجاهد آهي جيڪو جيلن کان گهٻرائڻ وارو ناهي. پي پي عورت ميمبر فرحت سيمي جو چوڻ هو ته پي پي لاءِ سياسي آزمائشون ڪا نئين ڳالهه ناهي، اسان جي ليڊر شپ جيلن ۽ ڪيسن کان گهٻرائڻ واري ناهي. پي پي جي هڪ ٻي عورت ميمبر شاهينه شير علي به بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو ورتو ۽ چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ڀرمار عوام کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي پر افسوس پي ٽي آءِ جا اتحادي اهڙي ظلم تي خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ انهن جي زبان مان وفاقي حڪومت جي عوام دشمني خلاف هڪ لفظ به نٿو نڪري، بحث هلندڙ ئي هو ته اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس اڄ اربع ڏينهن صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں