ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس مطالبو ڪيو آهي ته صاف شفاف احتساب لاءِ بنا دير سنڌ حڪومت کي هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي موجودگي م احتساب وارو عمل سخت متاثر ٿيندو ,جي ڊي اي ملڪ م وڌندڙ مهانگائي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي جي ڊي اي جي سربراه پير پاڳاري جي صدارت ۾ جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ,اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاه راشدي , سيد غوث علي شاه ,غلام مرتضي جتوئي ,ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ,سردار عبدالرحيم ,ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا,سيد ظفر علي شاه ,ڊاڪٽر صفدر عباسي ,ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاني شهريار مهر,سيد شفقت حسين شاه چيتن مل آرواڻي ,مخدوم فضل حسين ,سيد جلال شاهه ڄاموٽ عرفان الله مروت ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو ته سنڌ م ڪرپشن ۽ زرعي تباهي جي ذميدار پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ,حڪمرانن ۽ ڪامورن کي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو ,سنڌ جي عوام سان انصاف جي ڊي اي جي حڪومت ڪندي هاڻي سنڌ ڪارڊ نه هلندو، صحافين کي بريفنگ ڏيندي پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته قرباني واري عيد کان اڳ گهڻيون قربانيون ٿينديون , سنڌ جا سمورا وسيلا بي دردي سان لٽيا ويا آهن ,سنڌ کي بهتر گورننس جي ڊي اي ڏيندي ,سنڌ جا ماڻهون هاڻي ڪرپشن ء ڦرمار خلاف اٿي کڙا ٿين پوري سنڌ سڪي ويران ٿي ويعي آهي ۽ پيپلز پارٽي بيان ڏيڻ م پوري آهي ,هن چيو ته ڪرپٽ ماڻهون پنهنجن ٻارن کي پروموٽ ڪرڻ چاهين ٿا پر انهن جي اولادن پويان ڪير به احتجاج نه ڪندو ۽ نه وري لٺيون کائيندو ,اياز لطيف پليجو چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي سخت ڳڻتي آهي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ,هن چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاري ڪافي نه آهي انهن کي سزا به ڏيڻ گهرجي ,هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪنداسين سنڌ حڪومت سمورن ادارن کي ڪرپشن وسيلي تباهه ڪري چڏيو آهي سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز تباهي ڪري چڏي آهي پر حڪمران چون ٿا ايڊز وڏي بيماري نه آهي ,هن چيو ت پوليس آرڊر کي اسان قبول نٿا ڪيون آء جي کي بي اختيار ڪري سنڌ پوليس کي مرضي موجب استعمال ڪيو ويندو ,هن چيو ته صوبن کي قرضن جي مد م ملندڙ رقم جو به حساب ڏيڻو پوندو ,ان موقعي تي ذوالفقار مرزا چيو ته وڏين گرفتارين کانپوءِ ماڻهون مهانگائي کي وساري ويٺا آهن چور ۽ ڦورو پنهنجن جيلن م قيد آهن بلاول ڀٽو چئي ته اسان جي حڪومت سياسي انتقام تي يقين نٿي رکي مون سميت سوين بدين واسين خلاف ڪيس سياسي انتقام نه آهي ته ٻيو ڇا آهي ,هن چيو ته چوڌري نثار جي ڪاوش سان زرداري جي ڪرپشن سامهون آئي آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟