احتساب جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهيا آهيون، جاچ ڪميشن کي مڪمل اختيار ڏنا ويندا: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قرضن کان آزاد ٿي وياسين ته ملڪ جي ترقي جو سفر ڪو ئي نه ٿو روڪي سگهي جاچ ڪميشن کي مڪمل اختيار ڏنا ويندا، فيڪٽ فائنڊنگ کانپوءِ عوام جي ڏوهارين کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو ذريعن موجب گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان سان بابر اعواڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهيا آهيون ۽ جاچ ڪميشن کي مڪمل اختيار ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو معاشي استحڪام پهرين ۽ آخري ترجيح آهي ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙن کان جاچ قومي گهرج آهي جاچ ڪميشن پنهنجي نموني جي پهرين مقصد واري ڪميشن هوندي ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي فيصلي کي عوامي سطح تي ڪافي مڃتا ملي. عوام کي بڌائڻو پوندو ته ان جي نالي تي ورتل اربين ڊالرز جو قرض ڪيڏانهن ويو بابر اعواڻ چيو ته قرض کائيندڙ مني لانڊرنگ ڪندا رهيا قوم غريب ٿيندي رهي قومي وسيلا بي رحمي سان لٽيندڙن جو احتساب اڻٽر آهي احتساب جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻو پوندو هن چيو ته احتساب ادارا ڪن ٿا سڌارا ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي جنهن تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سڌارا جي ايجنڊا تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں