عوام بجيٽ ۾ موجود ڪجهه ڪڙيون گوريون کائي، هر تڪليف مان نجات ملي ويندي: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بجيٽ عوامي امنگن جي ترجماني ڪندي آهي ۽ وزيراعظم هن بجيٽ ۾ جيڪي ترجيحون طئي ڪيون آهن اهي ايندڙ نسل ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ آهن پر ڪجهه ڪوڙيون گوريون ضرور آهن. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا انهن ڪوڙين گورين کي توهان ”شوگر ڪوٽڊ“ ڪري ڳِهي وڃو ته جيئن ڪوڙائپ محسوس نه ٿئي ۽ آرام ضرور ايندو، مون کي اميد آهي ته هيءَ بجيٽ نيٺ توهان کي تڪليف مان آرام ڏيارڻ لاءِ اهڙي دوا جو ڪم ڪندي جيڪا ڳِهندي ڪوڙائپ محسوس ٿيندي پر پوءِ هر قسم جي تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي ويندو، اهي گوريون معيشت سان جڙيل تڪليفن لاءِ آهن، سياست لاءِ گوريون الڳ آهن. هن چيو ته ڪالهه هڪ راج ڪماري نوڪرياڻين جي ميڙ ۾ جهڙي لهجي ۾ ڳالهايو، سندس تڪبر ۽ غرور اهو اشارو ڏئي رهيو هو ته شريف خاندان عبرت جو نشان بڻجي به ڪو سبق ناهي سکيو، اهو عبرت جو نشان آهي ته 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ پاناما جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ڪهاڻين جو شڪار ٿيو، 22 ڪروڙ عوام کي اها خبر پاناما ذريعي پئي ته ملڪ جو سربراهه ڪرپشن ۾ ملوث رهي ٻاهر پنهنجي خاندان جون ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مصروف رهيو. سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو سرڪاري فنڊ مان 70 ڪروڙ رپين جي چارديواري ٺاهرائيندا هئا پر ڪير پڇڻ وارو نه هو، وزيراعظم جو جهاز شهباز شريف استعمال ڪندو هو پر ڪير پڇڻ وارو نه هو، مريم نواز جا ڀائر هر قسم جو عيش، آرام ۽ ڪاروباري سودا ڪندا هئا ڪير کانئن پڇڻ وارو نه هو پر جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، اڄ نواز شريف جيل ۾ آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف مني لانڊرنگ ڪري مختلف ملڪن ۾ پنهنجي ٻارن کي فائدو پهچائيندو رهيو ۽ اڄ سندس ٻئي پٽ فخر سان چون ٿا ته اسان پاڪستاني شهري ناهيون، هو پاڪستاني شهري نه هجڻ جو اعلان ٿا ڪن، ن ليگ وارا نواز شريف سان جيل ۾ ملي ائين ڳالهائيندا آهن، ڄڻ جيل ڪو مقدس هنڌ هجي. هن مريم نواز کي مخالف ٿيندي چيو ته توهان پنهنجي اوقات ۾ رهو ۽ جيڪڏهن پنهنجو لهجو درست نه ڪيو ته گهڻو ڪجهه چوڻ لاءِ موجود آهي پر عمران خان چوندو آهي ته معاشري جا سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي قدر آهن، جن کي برقرار رکڻو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم طرفان اعلانيل ڪميشن جي سربراهه جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو ۽ ان جي ضابطي ڪار کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، حڪومت ۾ موجود ۽ ٻاهر رهندڙ هر شخص کي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير صاحبزادا محبوب سلطان چيو ته 1970 ۾ پاڪستان کي سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ رول ماڊل طور ڏسندا هئا ۽ اسان جي پيروي ڪندا هئا پر اڄ اسان ڪٿي ۽ اهي ملڪ ڪٿي پهچي ويا آهن، جنهن جو سبب گذريل حڪومتون آهن، جن ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، جيڪڏهن ايتري ڪرپشن باوجود هي ملڪ هلي رهيو آهي ته ان جو وڏو سبب رب پاڪ جو ڪرم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ 3 شعبا اهم آهن، پهريون زراعت، ٻيو تعيلم ۽ ٽيون صحت پر انهن تي ڌيان نه ڏنو ويو، زراعت جي شعبي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو پر وزيراعظم ان شعبي تي ڌيان ڏنو ۽ جيڪو وفاقي حڪومت جو شيئر هڪ ارب رپين تائين هو، هيل ساڍا 12 ارب رپيا مليا آهن، جڏهن ته 12 کان 18 اربن جي صوبائي بجٽ 50 اربن تائين هوندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں