سنڌ اسيمبليءَ گورنر پاران واپس ڪيل 2002ع جو پوليس ايڪٽ ترميمن سان منظور ڪري ورتو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جو بائيڪاٽ

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ اسيمبلي سنڌ پوليس ايڪٽ 1861ع جي خاتمي ۽ 2002ع جي بحالي جو ترميمي بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، بل جي منظوري لاءِ ايوان ۾ جاري ڪارروائي ۾ اپوزيشن جي سياسي جماعتن جي اتحاد جي ڊي اي به ڀرپور حصو ورتو جڏهن ته اپوزيشن جي ٻن وڏن پارلياماني گروپن ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو اسرار هو ته بل جي منظوري کان پهريان وڌيڪ غور لاءِ ايوان جي سليڪٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، هنن جي اها ڳالهه نه مڃي وئي جنهن تي هو احتجاجن ايوان جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ٻاهر هليا ويا پر اپوزيشن جي ٻن ننڍن پارلياماني گروپن تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽  جي ڊي اي جا ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا ۽ انهن راءِ شماري ۾ حصو ورتو. ترميمي بل ۾ جي ڊي اي ميمبرن جون ڪجهه ترميمون به شامل ڪيون ويون ۽ ڪجهه کي وڏي وزير پاران يقين ڏيارڻ بعد واپس ورتو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڊي اي، ٽي ايل پي ۽ ايم ايم اي جي ميمبرن جي پارلياماني تعاون تي سندن شڪريو ادا ڪيو، ان کان پهريان ايوان ۾ پيش ڪيل نئين ترميمي پوليس ايڪٽ جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت سنڌ پوليس جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪرڻ نٿي چاهي پر ان جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ اسان جي ذميداري آهي، پوليس جي آزادي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، آزاد، ذميدار ۽ قابل احتساب پوليس تمام ضروري آهي. پبلڪ سيفٽي ڪميشن کي بااختيار بڻايو ويو آهي جنهن ۾ اهڙا ماڻهو شامل هوندا جن تي ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه هجي، سنڌ حڪومت اعليٰ عدليه جي احڪامات ۽ فيصلن تي ان تي اصل روح موجب عمل ڪندي. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته گورنر پنهنجي آرڊر ۾ ٽن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي، هن جو چوڻ آهي ته آءِ جي پوليس، سول سوسائٽي ۽ اپوزيشن کي پوليس آرڊر جي بحالي تي اعتراض آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان ان ايوان ۾ اهو واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته آءِ جي پوليس جو قانونسازي ۾ ڪو به ڪردار ناهي. هن چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ امل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ جي فاضل جج صاحب امل ڪيس ۾ پوليس جي ڪردار تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو ان ڪري پوليس جي نگراني تمام ضروري آهي. حڪومت سول سوسائٽي جي مشاورت سان پوليس آرڊر جي بحالي بل ۾ ترميم ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ اپوزيشن سان به مشاورت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جو مطالبو هو ته پوليس جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ پبلڪ سيفٽي ڪميشن هجڻ گهرجي. مان ايوان کي يقين ٿو ڏياريان ته پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو جنهن تي ڪنهن جو به ڪو اعتراض نه هجي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته آئون تازو جيل اسپتال جي دوري تي ويو هئس، قيدين پوليس جي رويي جي شڪايت ڪئي، هڪ قيدي کي ٻنهي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو پنهنجو پاڻ سزا ڏئي، سزا ڏيڻ جو اختيار صرف عدالتن کي حاصل آهي پوليس کي نه، اسان هڪ جمهوري پارٽي سان تعلق رکون ٿا جنهن جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسين ڪنهن سان به سياسي انتقام وٺڻ ۾ يقين نٿا رکون پر افسوس آهي جو اڄڪلهه گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. وڏي وزير ياد ڏياريو ته اسان جي گذريل دورِ حڪومت جي 10 سالن ۾ ڪو اهڙو هڪ به واقعو نه ٿيو جنهن سان سياسي انتقام جو تاثر ملندو هجي، پوليس آفيسرن جون اهڙيون ڪيتريون ئي مثالون موجود آهن جيڪي غلط ڪمن ۾ ملوث رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪو به ڪم ٿيندو اهو گڏيل مشاورت سان ٿيندو. هن چيو ته گورنر جو شڪريو جو هن پوليس آرڊر بحالي بل ٻيهر غور ويچار لاءِ واپس ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي هڪ دفعو ٻيهر ان جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو. وڏي وزير واضح لفظن ۾ چيو ته سنڌ حڪومت پوليس جي خودمختياري ۾ دخل ڏيڻ نٿي چاهي پر ان جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ اسان جي ذميداري آهي. هن چيو ته پوليس جي آزادي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، آزاد، ذميدار ۽ قابل احتساب پوليس تمام ضروري آهي، اهڙي پوليس سنڌ ۾ يقيني طور تي بڻائي ويندي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ جي مقرري جي مدت جو تحفظ ممڪن هجي. هن جو چوڻ هو ته پبلڪ سيفٽي ڪميشن کي بااختيار بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت اعليٰ عدليه جي احڪامن ۽ فيصلن تي ان جي اصل روح موجب عمل ڪندي. وڏي وزير چيو ته 2007ع ۾ صوبي جون جيڪي حالتون هيون ان بابت سڀني کي علم آهي، ان وقت ڏينهن ۾ به ماڻهن جو سفر ڪرڻ مشڪل هوندو هو، هاڻي صوبي ۾ ڏوهن جي شرح نه هجڻ جي برابر آهي، هڪ دور هو سفر پوليس جي ڪانوائي ۾ ڪيو ويندو هو. هن چيوته پوليسنگ جي نئين قانون تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو، قانونسازي جو اختيار اسيمبلي کي آهي، سنڌ صوبو سڄي پاڪستان ۾ سڀني کان بهتر آهي، اسان صوبي جي ماڻهن کي امن امان وارو ماحول ڏينداسون. وڏي وزير اپوزيشن جي ايوان مان ٻاهر هليو وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته بغير ڪنهن سبب جي ڇا ايوان مان هليو وڃڻ ٺيڪ آهي. هن چيو ته پوليس ڏوهن جي خاتمي ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پوليس ۽ پنجاب سان ملندڙ سرحدي ضلعن ۾ مسئلا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن به قانون جي مسودي تي غور ۽ توثيق لاءِ 10 ڏينهن جو وقت هوندو آهي. هن چيو ته وڏي وزير کان بغير گورنر ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. 10 جون تي مون پنهنجي اسٽاف کي چيو ته گورنر کي چئو ته هو اجلاس گهرائڻ جي سمري منظور ڪري، گورنر سيڪريٽريٽ مان جواب مليو ته گورنر 3 وڳي کان پهريان دستياب ناهي، ماضي ۾ ڪڏهن به گورنرز ائين نه چيو، ڪڏهن ڪڏهن ان جي ڳالهين تي مٿو ديوار سان هڻڻ تي دل چوندي آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسپتالون اسان محنت ڪري 7 سالن ۾ ٺاهيون، هي ماڻهو اسپتالون ته کڻي ويا پر فنڊز ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اسپتال هلائڻ لاءِ صلاحيت به هجڻ گهرجي. بجيٽ تقرير ۾ ٻڌائيندس ته وفاقي حڪومت اسان سان ڪهڙي حالت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به شيءِ کان ڊڄڻ وارا ناهيون، صوبي جي عوام اسان تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪيو آهي ان تي پورا لهنداسون. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي دوران انسٽيٽيوٽ آف افٿلمولوجي سائنس بل 2019ع ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو جنهن تي وڌيڪ غور ڪرڻ لاءِ بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں