ججن خلاف ريفرنس: سپريم ڪورٽ بار پاران اڄ هڙتال ۽ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله ڪنراڻي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس ليڪ ڪري صدر ۽ وزيراعظم آرٽيڪل 6 موجب نااهلي ۽ آئين سان غداري ڪري چڪا آهن، جاچ ٿيڻ گهرجي، اڄ جمعي تي سڄي ملڪ جا وڪيل احتجاج ڪندا، جيستائين ريفرنس جي ڪارروائي نه ٿيندي، تيسيتائين احتجاج تي ويهنداسين، اسان جو ڌرڻو حڪومت جي خلاف نفرت تي آهن، ٻيون به 350 شڪايتون آهن، رڳو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، خميس تي امان الله ڪنراڻي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ريفرنس جي مزمت ڪئي، هن چيو ته مان 7 تاريخ تير ڪوئيٽا ويس ڪوئيٽا بار به مزمت ڪئي، بلوچستان بار به ساڳيو مطالبو ڪيو آهي ته ريفرنس ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪجهه ٿئي ٿو ته بلوچستان چيف جسٽس کان محروم ٿي ويندو، هن چيو ته ڪراچي جا سمورا وڪيل اسان سان گڏ آهن، اسان پاڪستان بار ڪونسل جي احتجاج جي حمايت ڪنداسين، هن چيو ته اسان انهن سمورن وڪيلن جيڪي احتجاج ڪري رهيا آهن کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جمعي تي سڄي ملڪ ۾ وڪيل احتجاج ڪندا، عدالت کان بائيڪاٽ ڪندا، امان الله ڪنراڻي چيو ته مون کي به سپريم ڪورٽ بار جي صدر بڻجو موقعو بلوچستان ڏنو آهي، هن چيو ته اڄ جمعي تي بلوچستان جا سمورا وڪيل سپريم ڪورٽ جي ٻاهران پهچندا، اسان کي سپريم جوڊيشل ڪونسل ۽ ججن تي اعتماد آهي، پهريان به افتخار چوڌري جي خلاف بدنيتي تي ٻڌل ريفرنس ختم ڪيو ويو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں