آصف زرداري ۽ حمزا شهباز جي گرفتاري بنا جواز آهي، عمران خان جلد انجام تائين پهچي ويندو: نواز شريف

0Shares

لاهور(بيورو) مسلم ليگ ن جي تاحيات اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مان ڪو ولي يا قسمت جو حال ٻڌائيندڙ نه آهيان پر عمران خان جلد انجام تي پهچڻ وارو آهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقاتين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عمران خان ۽ عليما خان خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن، سندن جلد سخت احتساب ٿيندو هن چيو ته عمران خان اهڙو کلاڙي آهي جنهن کي تماشائي جلد اسٽيڊيم کان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندا، سندس بني گالا ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، امپائر جي آڱر جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي، هو راند دوران هوڏ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان عوامي مئنڊيٽ کڻي آيا آهيون ۽ هي عوامي مئنڊيٽ کان وانجهيل آهي، مان ولي يا پير نه آهيان پر عمران خان انجام تائين پهچڻ وارو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان بدانتظامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ حڪومت تي الزام هڻي رهيو آهي، سندس نااهلي ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ ڀارتي وزيراعظم پاڻ هلي پاڪستان پهتو، ڀارتي وزيراعظم کي ڪنهن به قسم کڻڻ جي تقريب ۾ نه گهرايو، اسان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته دنيا کي پاڪستان جي اهميت جو اندازو ٿي ويو، جڏهن ڪو پاڻ وڃڻ وارو هوندو آهي ته پهريون ٻين کي اندر ڪندو آهي، موجوده حڪومت بنا ڪنهن سبب وڏن سياستدانن کي جيل موڪلي رهي آهي.  هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف کي الوداع ڪيو پر هي سندن سامهون جهڪي رهيا آهن، مسلم ليگ ن ڀريل خزانا ڇڏيا، موٽروي ٺاهيا، اسان دهشتگردي ۽ مهانگائي گهٽ ڪري ملڪ ۾ بجلي جو سسٽم بهتر ڪيو، عمران خان چوندو هو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس، هن آپگهات نه ڪيو پر قوم کي آپگهات تي مجبور ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ ڊالر ڪنٽرول ۾ رهيو، ملڪي ناڻو وڌيو، اسان جي دور ۾ ترقي جي دور ۾ ترقي جي شرح پنج ڏهائي 8 سيڪڙو تائين پهتي، هاڻي سندن دور ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو به نه رهي آهي. هن چيو ته عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم نه هجي ها ته اڄ ملڪ جون حالتون بهتر هجن ها. هن 10 مهينن دوران قوم کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي دور ۾ کائڻ پيڻ جون شيون سستيون هيون پر اڄ هن عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں