سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي شديد گوڙ دوران زرداري جي گرفتاري خلاف مذمتي ٺهراءُ پاس، نعرا، اسپيڪر ڊائس جو گهيراءُ

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ اسيمبلي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي، اپوزيشن پاران شديد شور شرابو ۽ هنگامه آرائي، پلي ڪارڊ کڻي زوردار نعريبازي ڪري اسپيڪر جي نشست جو گهيراءُ ڪيو ويو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، پي پي ميمبرن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي عوام دشمن بجيٽ تان عوام جي توجهه هٽائڻ لاءِ آصف زرداري کي گرفتارڪيو ويو، نيب انهن قوتن جي اشاري تي سياسي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيو آهي جيڪا حق جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته اسان جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻ جا عادي آهيون، پي ٽي آءِ وارن ۾ ته گرمي برداشت ڪرڻ جي به همٿ ناهي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول صه سان ڪئي وئي. ايوان ۾ وزيرستان ۾ پاڪ فو جي شهيد آفيسرن ۽ جوانن، ملڪ جي ناليواري شيعه عالم علامه عباس ڪميلي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار علي محمد خان مهر، سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي فوت ٿي ويل نوجوان پٽ جي مغفرت لاءِ فاتحه پڙهي وئي جڏهن ته جي ڊي اي ميمبر نصرت سحر عباسي جي گهر واري جي صحتيابي ۽ پي پي ميمبر شميم ممتاز پاران شهلا رضا جي صحتيابي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي متحده جي محمد حسين شديد گرمي کان نجات ۽ برسات جي لاءِ به دعا گهرائي وئي. ايوان ۾ ڪارروائي شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي اجلاس گهرائڻ تي اعتراض واريندي چيو ته ميمبرز جي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏايو ويو آهي، اُن تي 50 لک رُپيا خرچ ڪيو ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هي اجلاس غيرقانوني نه پر رولز تحت سڏايو ويو آهي. فردوس شميم نقوي جذباتي انداز ۾ مخالفاڻي تقرير شروع ڪئي ته آغا سراج دراني سندس مائيڪ بند ڪرائي سوالن جي وقفي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن تي اپوزيشن ميمبر آپي مان نڪري ويا ۽ هنن ايوان ۾ پلي ڪارڊ کڻي زبردست نعريبازي ڪئي جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اپوزيشن طرفان ”ظالمو جواب ڏيو، عوام کي حساب ڏيو“ جا نعرا هنيا ويا. حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر ۽ سندس وچ ۾ منهن ماري ٿي، اسپيڪر آغا سراج دُراني طرفان کيس پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ هنگامو ٿي ويو. اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي نشست جو گهيراءُ ڪيو، هنگامه آرائي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو ۽ شور شرابي دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر ڄام مدد علي خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف هڪ مذمتي قرارداد پيش ڪئي جنهن کي ايوان متفقه طور منظور ڪري ورتو. ان موقعي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ وقفي وقفي سان وڏي جذباتي ۽ پرجوش انداز ۾ سياسي نعرن جو مقابلو به ٿيندو رهيو. اپوزيشن ميمبر نعرا لڳائي رهيا هئا ته سنڌ کي پاڻي ڏيو، ڪرپشن جو حساب ڏيو، پي ٽي آءِ ميمبر پاڻ سان گڏ ڪارڊ ليس مائيڪ ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ پلي ڪارڊ به ايوان اندر کڻي آيا هئا جنهن تي مختلف نعرا درج ٿيل هئا. پي ٽي آءِ ميمبرن پاران جڏهن گلي گلي شور هي جو نعرو بلند ڪيو پئي ويو ته جواب ۾ حڪومتي بئنچن ڏانهن فوري طور تي نعرو لڳايو پئي ويو ته عليمه باجي چور هي، ان کان پهريان اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي ميمبرن جي درخواست تي اڄ گهرايل هي اجلاس غير آئيني طريقي سان طلب ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني آهي ڇاڪاڻ ته ريڪيوزيشن جي درخواست جي پهرين صفحي تي صرف چئن ميمبرن جون صحيحون آهن باقي 50 ميمبرن جون صحيحون بعد ۾ ڪرايون ويون آهن اسان کي اهڙي طريقي سان اجلاس گهرائڻ تي اعتراض آهي. هن چيو ته توهان کي مٿان کان جهڙي طرح سان فراڊ ڪرڻ جا طريقا سيکاريا ويندا آهن اهي ئي هتي به لاڳو ڪندا آهيو، اپوزيشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته ريڪيوزيشن جو سبب بيان ڪيو ويو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ نمايان واڌ ٿي وئي آهي ۽ ايوان ان تي ڳالهائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته حڪومتي ميمبرن کي معلوم آهي ته سنڌ اسيمبلي جي هڪ ڏينهن جي اجلاس تي 50 لک رپيا خرچ ايندو آهي. هن جو چوڻ هو ته ميمبرن جي صحيح تي اسان کي شڪ آهن، سيڪريٽري کان صحيحن واري ڪاپي گهري ته جواب مليو ناهي، صحيحن جي تصديق ڪرڻ چاهي ته چيو ويو ان جي اجازت ناهي تنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اڄوڪي ٿيندڙ هي اجلاس بلڪل درست ۽ قانوني آهي ۽ ان حوالي سان مان رولنگ ڏئي رهيو آهيان ان سان گڏ ئي هن اپوزيشن اڳواڻ جي مائيڪ بند ڪري سوالن جو وقفو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر اپوزيشن جي شديد احتجاج ۽ هنگامه آرائي سبب جي ڊي اي جو عارف مصطفيٰ جتوئي هڪ اڌ سوال ڪري سگهيو ته مڪيش ڪمار چاولا ان جا جيڪي جواب ڏنا اهي به ايوان اندر شور شرابي سبب ٻڌڻ ۾ نه اچي سگهيا، ان موقعي تي اپوزيشن ميمبر اسپيڪر جي نشست آڏو جمع ٿي ويا ۽ ان جو گهيراءُ ڪري شديد نعريبازي شروع ڪري ڇڏي ۽ هٿن ۾ مختلف پلي ڪارڊز کڻي بيهي رهيا جنهن تي سياسي نعرا ۽ سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جون تصويرون هيون. اپوزيشن ميمبر ٻڏي مرو پاڻي ڏيو، گلي گلي مين شور هي سارا ٽبر چور هي جا نعرا لڳائيندا رهيا جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اپوزيشن اڳواڻ بابت چيو ته مون اڄ ڏينهن تائين توهان جهڙو ليڊر آف اپوزيشن ناهي ڏٺو. هن چيو ته هي وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن اسيمبلي ۾ باني پاڪستان قائداعظم ويٺو هجي اتي ميمبر ايوان جو تقدس پنهنجو پاڻ پائمال ڪري رهيا آهن ۽ ايوان جي نشستن تي جوتا پائي بيهي رهيا آهن. اپوزيشن جي گوڙ دوران اسپيڪر قائدن ۽ ضابطن نرمي ڪندي پيپلز پارٽي جي ميمبر ڄام مدد علي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف هڪ مذمتي قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اڳوڻي صدر ۽ موجوده ميمبر قومي اسيمبلي آصف علي زرداري جي نيب پاران جڙتو ۽ سياسي بنيادن تي قائم ڪيسن ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ هي ايوان ان جي اڻ ڳڻيل خدمتن ۽ قربانين کي ساراهي ٿو جيڪي هن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڏنيون آهن. ايوان آصف علي زرداري جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪندي هي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته نيب انهن قوتن جي اشاري تي سياسي ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي جيڪي حق جو آواز دٻائڻ چاهين ٿيون. ڄام مدد علي قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته آصف علي زرداري ان کان پهريان به 11 سال جيل ڪاٽيو آهي پر هن تي ڪو به الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو هن دفعي به هو سرخرو ٿيندو. هن چيو ته پنڊي جو رويو سنڌ سان ٺيڪ ناهي، پهريان ذوالفقار علي ڀٽو جو اتي جڊيشل قتل ٿيو پوءِ ان ئي شهر ۾ بي بي کي شهيد ڪيو ويو ۽ ٻيهر سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به اتان ئي گرفتار ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته اسان جي سنڌ جي ماڻهن سان لاڳيتو زيادتي ڇو پئي ڪئي وڃي ۽ اسان کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي قيادت اسان کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڄام مدد علي وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري جا ڪيس سنڌ مان پنڊي ڇو منتقل ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي تقرير دوران اپوزيشن جي شور شرابي تي چيو ته انهن کي ايوان جي تقدس جو ڪو به خيال ناهي ۽ ائين محسوس پيو ٿئي ته هي ماڻهو هتي صرف دادا گيري ڪرڻ ايندا آهن. هن چيو ته اسان جيلن ۽ صعوبتن کي نٿا ڊڄون هي ته گرمي به برداشت نٿا ڪري سگهن جيل جي سختي ڇا برداشت ڪندا. پي پي ميمبر ذوالفقار شاهه قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته آصف علي زرداري جي گرفتاري عوام دشمن بجيٽ جي ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جڏهن ملڪ جو عوام ننڊ ڪندو آهي ته هو قوم کي خطاب ڪندو آهي. هن چيو ته ڪوڙا ڪيس پيپلز پارٽي کي دٻائي نٿا سگهن، توهان پنهنجو خير گهرو ايندڙ باري توهان جي آهي. هن چيو ته ڊالر جو ريٽ ڪٿي پهچي چڪو آهي، پيٽرول جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ ڪري رهي آهي پر اسان وٽ پيٽرول جي قيمتن کي وڌايو پيو وڃي. پي پي ميمبر گهنور خان اسراڻ، بهران چانڊيو ۽ شميم ممتاز به قرارداد تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. شميم ممتاز آصف زرداري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ته سندس زبان ترڪي پئي ۽ غلطي ۾ چئي وئي ته مان آصف علي زرداري جي حق ۾ پيش ڪيل قرارداد جي مذمت ڪريان ٿي، بعد ۾ هن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ اصلاح ڪري ورتي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت سمجهي ٿي ته شير کي پڃري ۾ بند ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو. شميم ممتاز چيو ته هن وقت سياست ۾ هي طريقو لاڳو آهي ته ڪرپشن ڪيو، پي ٽي آءِ جوائن ڪيو انهن وٽ ته ڪرپٽ ماڻهن جي واشنگ مشين آهي جيڪو ڪرپٽ هجي انهن وٽ وڃي صاف ٿي وڃي ٿو. شميم ممتاز چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته جنهن شخص ملير ۾ مني بيگم جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي نيب ان جي به تحقيقات ڪري، سابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ موجوده صوبائي وزير شهلا رضا ايوان ۾ وڏي جذباتي انداز ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسيمبلي کي ڌوٻي گهاٽ بڻائيندڙ ٻڌي وٺن هتي بجيٽ اسٽروڪ جا مريض سامهون اچي ويا آهن. نيب جي چيئرمين خلاف پي ٽي آءِ مهم هلائي ته جيئن پي ٽي آءِ وارن تي ڪو به هٿ نه کڻي. هن چيو ته هن حڪومت 10.5 ارب ڊالر قرض ورتو اهو ڪٿي خرچ ٿيو؟ هي سمجهن ٿا ته آصف زرداري کي گرفتار ڪري وٺنداسون ته قوم کي ڊالر جي ريٽ جي خبر ئي نه پوندي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ وارن ميمبرن ايوان ۾ زوردار نعرا لڳايا گلي گلي شور هي ان کان پهريان جو هو پنهنجو جوابي نعرو هڻن شهلا رضا برجستو جواب ڏيندي چيو ته ها وزيراعظم ۽ ان جي باجي عليمه خان چور آهن بعد ۾ ايوان آضف علي زرداري جي گرفتاري خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس خميس ڏينهن منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں