اسلام آباد(بيورو) خاص عدالت غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جو دفاع جو حق ختم ڪندي چيو ته روپوش جوابدار وڪيل جون خدمتون حاصل نٿو ڪري سگهي قانون دفاع وزارت لاءِ وڪيلن جا نالا پيش ڪري قانون مطابق عدالت مشرف جي دفاع لاءِ پاڻ وڪيل مقرر ڪندي مشرف پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ته پنهنجي مرضي جو وڪيل ڪري سگهي ٿو جڏهن ته اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ ان جي وڪيل ٻڌايو ته هو ذهني ۽ جسماني طور تي مل۾ واپس اچڻ جهڙو نه آهي اربع تي جستس طاهره صفدر جي سربراهي ۾ خاص عدالت جي ٽن ميمبرن واري بئنچ پرويز مشرف جي خلاف سنگي غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پرويز مشرف ٻيهر پيش نه ٿيو ۽ ان جي وڪيل خاص عدالت کان مشرف جي پيشي لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي وڪيل چيو ته پرويز مشرف زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي تنهنڪري هو واپس نٿو اچي سگهي سندس وزن تيزي سان گهٽجي رهيو آهي هو ويل چيئر تي آهي ۽ پنڌ به نٿو هلي سگهي هر تاريخ ٻڌڻي تي ڪيس جي التوا جي اپيل تي اسان کي به شرمساري ٿي آهي سندس دل جي ڪيموٿراپي ٿي رهي آهي جنهن کان پوءِ صحت وڌيڪ خراب ٿئي ٿي کيس هڪ موقعو ٻيو ڏنو جو هو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي سگهي انساني همدردي تحت هڪ ٻئي موقعي جي اپيل ڪري رهيو آهيان استغاثا جي وڪيل ڊاڪٽر طارق حسن عدالت کي درخواست ڪئي ته مشرف جو بيان وڊيو لنڪ جي ذريعي قلمبند ڪرڻ جو موقعو ڏيو عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جو دفاع وارو حق ختم ڪري ڇڏيو عدالت چيو ته روپوش جوابدار وڪيل به نٿو ڪري سگهي. عدالت قانون واري وزارت کان مشرف جي دفاع لاءِ وڪيل جا نالا طلب ڪندي چيو ته قانون مطابق عدالت مشرف جي دفاع لاءِ پاڻ وڪيل مقرر ڪندي. عدالت مشرف جي بريت جي درخواست به نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟