ملڪ جي جمهوري قيادت قيد ۽ دهشتگردن جا سهولتڪار وزير آزاد گهمي رهيا آهن: بلاول

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي جمهوري قيادت قيد ۾ آهي دهشتگردن جا سهولتڪار وزير آزاد گهمي رهيا آهن هڪ بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جاماڻهو ۽ گڊ طالبان آزاد گهمي رهيا آهن پ پ پ چيئرمين چيو ته جمهوري عوامي آواز کي ڌٻائڻ ۽ انتهاپسند دهشتگردن جا نخرا ۽ انگل مڃي کين پنهنجو ڪري ڇڏڻ رياست جي ترجيح نظر اچي رهي آهي. ٻئي طرف پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊپ ۾ ورتل وزيراعظم اڌ رات جو قوم کي خطاب ڪيو عمران خان کي خوف آهي پي ٽي آ3 آءِ ايم ايف بجيٽ منظور نه ٿيندي ۽ حڪومت ڪري پوندي ڏاڍ ۽ جبر سان هاڻي ڪم نه هلندو هي بجيٽ اقتصادي آپگهات آهي. جيڪا اسان منظور ٿيڻ نه ڏينداسين اربع تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوبه پنهنجي هوش ۽ هواس ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ووٽ نٿو ڏيئي سگهي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي بجيت اقتصادي آپگهات آهي جيڪا اسان منظور نه ٿيڻ ڏينداسين.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں