ڪراچي/ٺٽو/سجاول(اسٽاف رپورٽر+نمائندن وٽان) ڪراچي کان ڏکڻ طرفان سامو نڊي طوفان ”وايو“ شدت اختيار ڪري ويو. ان ڏس ۾ موسميات کاتي چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي ڪري خميس ۽ جمعي ڏينهن سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي طوفاني هوائن سان برساتون پئجيسگهن ٿيون، سنڌ جي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ۽ اختيارين کي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل سائيڪلون الرٽ موجب هوا جي گهٽ دٻاءُ سبب عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل طوفان ”وايو“ ڪيٽيگري ون ۾ تبديل ٿي ويو آهي سامونڊي طوفان ڪراچي کان ڏکڻ طرف 725 ڪلوميٽر جي فاصلي تي عربي سمنڊ ۾ موجود آهي ۽ تيزيءَ سان اُتر طرف وڌي رهيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان “وايُو” سڀاڻي ڀارتي گُجرات جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجي ويندو. ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين سامونڊي طوفان جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته طوفان جي ڪري خميس ۽ جمعي ڏينهن سنڌ جي سامونڊي علائقن بدين، ٺٽي ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ طوفاني هوائن سان برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي اختيارين الرٽ ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين هيٽ ويوَ جهڙي صورتحال برقرار رهي سگهي ٿي، ڏينهن جي وقت سامونڊي هوائون بند رهنديون ۽ هوا ۾ گهِم جو تناسب وڌيڪ هجڻ ڪري گرمي جي شدت محسوس ڪئي ويندي. موسميات کاتي موجب سمنڊ ۾ هوا جو دٻاءُ خميس ۽ جمعي تائين برقرار رهندو، جنهن جي ڪري هيٽ ويو جي لهر برقرار هوندي. اختيارين سنڌ جي مهاڻن کي اربع کان جمعي تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ واڳيل اختيارين کي خبردار ڪيو آهي ته سامونڊي طوفان ”وايو“ کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ ئي اپاءَ ورتا وڃن.هوڏانهن ضلعي انتظاميا سجاول طرفان سامونڊي پٽي ۾ الرٽ جاري ڪندي ماهي گيرن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي . ٻئي طرف بدين، ٺٽو ۽ سجاول ضعن ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪري عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ٽنهي ضلعن جي ڊي سيز، پاران لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان سان گڏجاڻيون ڪيون ويون، مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟