ڇا اصغر خان ڪيس ملٽري اٿارٽيز ڏانهن موڪليو ويو، تفصيل فراهم ڪيو: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اصغر خان فيصلي تي عملدرآمد ڪيس ۾ ايف آءِ اي مهربند تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته ججز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آرمي آفيسرن جو معاملو آرمي ايڪٽ تحت ريفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ڪيس ۾ ڪيترائي اهم سوال سامهون آيا آهن حڪومت اهم سوالن تي پنهنجو موقف پيش ڪيو اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان فيصلي تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي ايف آءِ اي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي پاران مهربند تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي ويئي آهي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ جو 25 سيپٽمبر جو هڪ حڪم ناموآهي سپريم ڪورٽ حڪم مطابق ڇا ڪيس ملٽري اٿارٽيز ڏانهن موڪليو ويو ڪيس ڪهڙي تاريخ تي موڪليو ويو تفصيل فراهم ڪيو جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ڏسڻو آهي ته ڇا آرمي ايڪٽ تحت ڪيس موڪليو ويو يا نه جيڪڏهن هڪ اشو ۾ ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلي رهيو ڇا سويلين تي به هي قانون لاڳو ٿيندو جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ممڪن آهي ته هن ڪيس جو ئي هي حل هجي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ آرمي آفيسرن جو معاملو آرمي ايڪٽ تحت ريفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ڪيس ۾ ڪيترائي اهم سوال سامهون آيا آهن عدالت چيو ته حڪومت اهم سوالن تي پنهنجو موقف پيش ڪري سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت آرمي آفيسرن جي خلاف ڪيس هلائڻ جو تفصيل طلب ڪري جسٽس اعجازالحسن چيو ته پهريان معلومات ته اچڻ ڏيو عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں