اسلام آباد(بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نيب مخالف ڌر کي حراسان ڪري رهي آهي. عدليا تي به سازش تحت حملو ڪيو ويو. اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. اسان ضياءُ الحق ۽ ايوب خان جي آمريت جو مقابلو ڪيو آهي. سچ ته اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ئي سڀ ڪجهه هلائي رهي آهي. سي اسي جي ميٽنگ ۾ آئنده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. قانون آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبر جي گرفتاري کان پهرين قومي اسيمبلي جي اسيپڪر کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت قومي اسيمبلي جو اجلاس هلڻ نٿي ڏئي. پروڊڪشن آرڊر آصف زرداري جو حق آهي. لاڙڪاڻي مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر کي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. آصف زرداري جي سڀني دوستن کي جيلن ۾ وڌو ويو. سويلين ملڪن ۾ فوج بارڊر، بينڪر ۾ هوندي آهي. اسان ان ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. بار بار جمهوري سسٽم هلندو ته ادارا مضبوط ٿيندا. جهڙي طرح ناني ذوالفقار علي ڀٽو ۽ والده مقابلو ڪيو، مان به ڪندس، سچ ته اهو ئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت سليڪٽڊ ميڊيا، سليڪٽڊ مخالف ڌر ۽ سليڪٽڊ عدليا چاهي ٿي، بجيٽ ۾ غريبن تي ٻوجهه وڌو پيو وڃي. مون کي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي. گذريل اجلاس ۾ به مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. اڄ مون کي مائيڪ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو. حڪومت جي ٽن وزيرن اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي. حڪومت جمهوري، انساني حقن تي حملا ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي گهر حملو ڪيو ويو. چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي وزيرستان سان تعلق رکندڙ ٻن ميمبرن جي باري ۾ خط لکيو هو. وزيرستان جي ميمبرن جي پروڊڪشن آرڊر جو به مطالبو ڪيو هو. ڪوڙ ڳالهايو ويو ته خط ناهي مليو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي مستعفي ٿيڻ گهرجي. ٻنهين جي روين جي مذمت ڪريون ٿا. اڄ قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني ڏٺو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪي مسئلا وڌيڪ آهن، ڪا به هڪ پارٽي حل نٿي ڪر سگهي. جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جڏهن به اي پي سي سڏائيندو شرڪت ڪرڻ جي لاءِ وينداسين. بلاول چيو ته عليمه خان جو احتساب ڪڏهن ٿيندو، جن کي ڃاهي ۽ بم ڌماڪان سان جهڪائي نهس گهيا اهي گرفتارين سان ڪيئن جهڪندا، آصف زرداري ڪيسن کي منهن ڏيندو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟