آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا، مظاهرا، ڌرڻا، باهيون

0Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ جيالا روڊن تي نڪري آيا آهن ۽ پ پ ڪارڪنن طرفان سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ پ پ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ انهن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سردار شاهه، مرتضيٰ بلوچ، عبدالباري پتافي، سليم جلباڻي، اويس قادر شاهه، برهان چانڊيو به شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ جيالن جناح باغ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهر ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ پيٽرول پمپ بند ٿي ويا. نواب شاهه ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب ۽ سڪرنڊ سئنيما سامهون احتجاج ڪيو، سکر ۾ به دڪان بند ڪري پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. پني عاقل ۾ جيالن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ جيالن پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ٺٽي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ميرپورخاص ۾ پوسٽ آفيس چوڪ تي احتجاج ڪري دڪان بند ڪرايا ويا. ٽنڊي الهيار ۾ پ پ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، شهدادڪوٽ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته سجاول ۾ ٺٽو، چوهڙ جمالي، سجاول روڊ تي جيالن ڌرڻو هنيو. آصف زرداري جي گرفتاري خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي ٽائرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ ڪارڪنن ڊي سي چوڪ تي احتجاج ڪيو. خيرپور ۾ ڪارڪنن ڪچهري روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوشهري فيروز ۾ پ پ ليڊيز ونگ احتجاج ڪيو.پ پ ضلعي حيدرآباد پاران پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ڪالهه گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، پ پ ايم پي ايز حنا دستگير، ڪلثوم چانڊيو، ضلعي صدر صغير قريشي، امان الله سيال، عامر لغاري، صنم ٽالپر، دوست علي جيسر، آفتاب خانزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪندي پريس ڪلب سامهون پهتي، جتي جيالن ۽ جيالين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري عمران سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ قيادت کان ويندي ڪارڪنن تائين جيلن جون سختيون برداشت ڪيل ۽ ڪوڙا کاڌل آهن، جيل اسان کي ڊيڄاري نٿا سگهن، هنن چيو ته عمران سرڪار لاءِ اهڙن قدمن جا نتيجا خراب  نڪرندا، قيادت حڪم ڪيو ته اڌ ڪلاڪ اندر ملڪ جو نظام جام ڪري ڇڏينداسين، هنن  چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت اکيون بند ڪيون آهن، انهن عدالتن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو، عمران سرڪار، نيب ۽ ٻين ادارن سازش ڪري آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرايو آهي، پارٽي قيادت تي حڪومتي ظلم خلاف اسان ميدان تي نڪري چڪا آهيون، عمران خان ناڪام سياستدان آهي، آصف علي زرداري جي گرفتاري جا فيصلا ملڪي سالميت ۽ جمهوريت خلاف فيصلا آهن. اهڙي سازش سان بلاول ڀٽو کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر بلاول ڀٽو اقتدار ۾ اچي رهيو آهي ۽ عمران خان وڃي رهيو آهي. مظاهري ۾ پ پ اڳواڻن پاشا قاضي، فياض شاهه بخاري، يونس چانڊيو، غلام حسين راڄپر ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پ پ ضلعي حيدرآباد پاران پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ڪالهه گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، پ پ ايم پي ايز حنا دستگير، ڪلثوم چانڊيو، ضلعي صدر صغير قريشي، امان الله سيال، عامر لغاري، صنم ٽالپر، دوست علي جيسر، آفتاب خانزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪندي پريس ڪلب سامهون پهتي، جتي جيالن ۽ جيالين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري عمران سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ قيادت کان ويندي ڪارڪنن تائين جيلن جون سختيون برداشت ڪيل ۽ ڪوڙا کاڌل آهن، جيل اسان کي ڊيڄاري نٿا سگهن، هنن چيو ته عمران سرڪار لاءِ اهڙن قدمن جا نتيجا خراب  نڪرندا، قيادت حڪم ڪيو ته اڌ ڪلاڪ اندر ملڪ جو نظام جام ڪري ڇڏينداسين، هنن  چيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت اکيون بند ڪيون آهن، انهن عدالتن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو، عمران سرڪار، نيب ۽ ٻين ادارن سازش ڪري آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرايو آهي، پارٽي قيادت تي حڪومتي ظلم خلاف اسان ميدان تي نڪري چڪا آهيون، عمران خان ناڪام سياستدان آهي، آصف علي زرداري جي گرفتاري جا فيصلا ملڪي سالميت ۽ جمهوريت خلاف فيصلا آهن. اهڙي سازش سان بلاول ڀٽو کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر بلاول ڀٽو اقتدار ۾ اچي رهيو آهي ۽ عمران خان وڃي رهيو آهي. مظاهري ۾ پ پ اڳواڻن پاشا قاضي، فياض شاهه بخاري، يونس چانڊيو، غلام حسين راڄپر ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تلهار، شاهپورچاڪر، کڏڙو ۾ پ پ ڪارڪنن مظاهرا ڪيا، شاهپورجهانيان ۾ شٽر بند هڙتال بعد جيالن مظاهرو ڪيو. جهڏو، عمرڪوٽ، سڪرنڊ، گمبٽ، ٽنڊو محمد خان، چوهڙجمالي، شاهبندر، ٻانڌي، رتوديرو، نئون ديرو، ڪلوئي، بدين، سانگهڙ، گڏاپ، ملير، جمال شاھ، قاضي احمد سميت سڄي سنڌ ۾ جيالن احتجاجي مظاهرا ڪيا.  ان کان سواءِ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به جيالن مظاهرا ڪيا. ٻئي طرف نثار کهڙي چيو آهي ته اڄ پ پ پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں