وفاقي سرڪار هلندڙ مالي سال ۾ معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، بجيٽ غريب دشمن نه هوندي: حفيظ شيخ

0Shares

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اقتصادي سروي سومر جي ڏينهن جاري ڪيو ويندو. هلندڙ مالي سال ۾ ڪو به معاشي هدف حاصل نه ٿي سگهيو آهي. رپورٽ موجب هلندڙ سال صنعتي ترقي جو هدف 7.6 سيڪڙو رکيو ويو هو. لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.8 سيڪڙو هدف کان وڌيڪ ترقي ٿي آهي. ٻين فصلن ۾ شرح نمو 3.5 سيڪڙو بدران 1.9 سيڪڙو رهي. دستاويزن موجب زرعي شعبي جي ترقي 3.3 سيڪڙو بدران 0.8 سيڪڙو رهي. هلندڙ مالي سال جي ڊي پي جي شرح 3.3 سيڪڙو رهي. صنعتي ترقي جي شرح 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. دستاويزن موجب پيداواري شعبي جي شرح نمو جو هدف 7.8 سيڪڙو رکيو ويو هو. ماهيگيري ۾ شرح نمو 1.8 سيڪڙو جي حد سان هڪ سيڪڙو گهٽ رهي. ٻيلن ۾ شرح نمو 8.5 سيڪڙو بدران 6.5 سيڪڙو رهي. هلندڙ سال مهانگائي جي شرح  9.1 هڪ سيڪڙو رهي، جاري کاتن جو خسارو 11 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي ٽرانسپورٽ ۽  مواصلات جي شعبن ۾ واڌ ويجهه جي شرح 3.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي خدمتن جي شعبي ۾ واڌ ويجهه جي شرح 4.7 سيڪڙو رهي هول سيل ۽ ريٽيل  جي شعبي ۾ واڌ ويجهه  جي شرح 7.8 بدران 3.1 سيڪڙو رهي ٻئي طررف ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ غريب دشمن نه هوندي ايندڙ بجيٽ معيشت دوست هوندي غريبن تي مهانگائي ۽ ٽيڪس جو بار پوڻ  نه ڏينداسين ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ هرممڪن ڪوش ڪنداسين، روزگار جا موقعا پيدا ڪدا ويندا هن چيو ته ڪفايت شعاري سان خرچ بچائينداسين خسارو گهٽائڻ لاءِ غيرضروري خرچ گهٽائينداسين معيشت غيرضروري خرچن جي سٽ نٿي سگهي سگهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں