نواز شريف پنهنجي ڌيءُ مريم نواز کي ووٽ کي عزت ڏيو، عدليه بچايو تحريڪ هلائڻ ۽ اي پي سي ۾ شرڪت جي هدايت ڪري ڇڏي

0Shares

لاهور (بيورو) گهرو کاتي جي خاص اجازت تي محمد نوازشريف سان سندس گهرڀاتين ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي ذاتي ڊاڪٽر عدنان به نوازشريف سان ملاقات ڪري کيس چڪاسيو تفصيل موجب عيدالفطر جي موڪلن سبب شريف خاندان جي ماڻهن جي ملاقات لاءِ رکيل خميس جو ڏينهن نوازشريف سان ملاقات نه ٿي سگهي جڏهن ته گذريل ڏينهن گهرو کاتي جي خاص هدايت تي گهرڀاتين کي نوازشريف سان ملاقات جي اجازت ڏني ويئي نوازشريف سان مريم نواز، محمد صفدر، سندس ناٺي راحيل منير، مريم نواز جي ڌيءَ مهرنساء ۽ ڊاڪٽر عدنان ان سان ملاقات ڪري کيس عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خيريت معلوم ڪئي نوازشريف منجهنمد جي ماني پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ کاڌي جڏهن ته ڊآڪتر عدنان نوازشريف جي چڪاس به ڪئي شريف خاندان جا ماڻهو ڪوٽ لکپت جيل اچڻ جي موقعي تي ليگي ڪارڪنن سندس گاڏين تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ حق ۾ نعرا هنيا. ٻئي طرف  محمد نوازشريف مريم نواز کي ووٽ کي عزت ڏيو ۽ عدليه بچايو تحريڪ هلائڻ ۽ اپوزيشن جي اي پي سي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪندي چيو ته هاڻي ووٽ کي عزت کان وڌيڪ (ن) ليگ جو ڪوئي ٻيو نعرو نه آهي ميڊيا رپورٽس مطابق نوازشريف چيو ته هاڻي ووٽ کي عزت کان وڌيڪ (ن) ليگ جو ڪوئي ٻيو نعرو نه آهي آ3 ايم ايف کان قرض وٺڻ جي باوجود عوام کي ڪوئي رليف ناهي ڏنو ويو غريب عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندي نٿو ڏسي سگهان ان جي خلاف هاڻي اٿڻو پوندو. جيڪي چوندا هئا نوازشريف واپس نه ايندو هاڻي اهي منهن لڪائي گهمندا پيا وتن نوازشڙيف چيو ته مان هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ان جي باوجود جيل ۾ آهيان مون کي پنهنجي صحت جي ڳڻتي نه آهي پر ملڪ جي معاشي صورتحال ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي نوازشريف وزيرستان ۾ دهشتگردن پاران پاڪ آرمي جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته گذريل ڏهن مهينن ۾ هر پاڪستاني 30 سيڪڙو غريب ٿي چڪو آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو  10 دوران مهينن ۾ بيروزگار ٿي چڪا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومتي پاليسين سان مهانگائي جو عذاب اڃا ته هاڻي شروع ٿيو آهي، بجيٽ کان پوءِ ته مهانگائي جي سونامي ايندي. سندس چوڻ هوته عمران نيازي پاڪستان جي معاشي خودمختياري کي سرانڊر ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف پئڪيج جون شرطون غريبن جو ئي نه پر وچين طبقي جو به حشر نشر ڪري ڇڏينديون. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته نااهل، ناتجربيڪار، بي سمجهه، ۽ غيرسنجيدا حڪومت ملڪي سلامتي لاءِ شديد خطرو بڻجندي پئي وڃي، عوام کي ريليف ته ٺهيو کانئن جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں