سنڌ سرڪار نئين مالي سال لاءِ پاڻي، رستن ۽ فلاءِ اوورز سميت 73 نيون رٿائون شروع ڪندي

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ جَرَ جو پاڻي گدلو ٿي چڪو آهي انهيءَ ڪري هو ماهرن ۽ ڊونر ايجنسين سان لهه وچڙ ۾ آهي ته هو انهيءَ جي روڪٿام لاءِ ڪجه ڪن. هن چيو ته کيس حڪومت صوبي جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون اسڪيمون ڏئي رهي آهي ۽ اهڙي ريت زمين هيٺ پاڻي جو معيار ۽ انهيءَ کي ريفريش ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ هڪ ٻئي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گدلي پاڻي جو سڀ کان وڏو ذخيرو منڇر ڍنڍ ۾ گڏ آهي ۽ اسان ورلڊ بينڪ ۽ يورپين ڊونر ۽ ماهر ايجنسين سان منڇر ڍنڍ کي ريفريش ۽ واش ڪرڻ بابت هڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن منڇر ڍنڍ جي شاندار ماضي کي بحال ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه ڪالهه ايندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي اسڪيمن کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي چئي. پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کاتي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات سعيد غني، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، سيڪريٽري پي ايڇ اي روشن شيخ، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، اسپيشل سيڪريٽري ناڻو آصف جهانگير، ميمبر (سروسز) پي اينڊ ڊي فتاح تنيو، پي ايڇ اي کاتي جو چيف انجنيئر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ سواءِ ڪجهه ضلعن جي جر جو پاڻي استعمال ٿئي ٿو  جيڪو مٺو ۽ تازو پڻ آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهيءَ جو معيار هاڻي خراب ٿيندو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت انهن کي آر او پلانٽ ۾ منتقل ڪيو ته جيئن ڳوٺاڻي علائقن ۾ گهرج آهر پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪري سگهجي. هن چيو ته ڄاڻايل مسئلن جو اٽل حل جر جي پاڻي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سائنٽيفڪ اپروچ کي اختيار ڪرڻ ۾ آهي جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ايجنسين سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان ته  جيئن جر جي پاڻي جي بحالي ۽ انهيءَ کي ريفريش ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته پي ايڇ اي کاتي صوبي جي ڳوٺاڻي علائقن لاءِ وڌيڪ اسڪيمون شروع ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري. سيڪريٽري پي ايڇ اي روشن شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال ۾ 169 اسڪيمون آهن، جنهن ۾ 96 هلندڙ اسڪيمون شامل آهن باقي نئين اسڪيمن کي مڪمل ڪيو ويندو جنهن تي لاڳت جو ڪاٿو 26.7 ارب رپيا آهي. هن چيو ته مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن ۾ 39 پاڻي جي فراهمي جون هلندڙ اسڪيمون ۽ 57 نيڪالي جون هلندڙ اسڪيمون آهن جيڪي هلندڙ سال ۾ مڪمل ٿيون آهن. پاڻي جي فراهمي جون 28 نيون اسڪيمون ۽ 15 نيڪالي جي اسڪيمون ايندڙ مالي سال ۽ هلندڙ ڪلينڊر سال ۾ مڪمل ٿينديون. صوبائي وزير بلديات سعيد غني وڏي وزير کي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ بلديات کاتي 13.5 بلين رپين جون 100 اسڪيمون مڪمل ڪندو. وڏي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ هو ڪراچي کي ڪجهه اهم اسڪيمون ڏيندو جنهن ۾ روڊ، فلائي اوور ۽ اهم جاين جي خوبصورتي جون اسڪيمون شامل آهن. هن چيو ته ڪراچي جي ڳوٺاڻي علائقن کي پڻ ايندڙ اي ڊي پي ۾ اهميت ڏني ويندي. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي هڪ ٻئي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته کاتي جي 349 اسڪيمون هيون، جنهن ۾ 33.5 بلين رپين جي هڪ نئين اسڪيم پڻ شامل آهي لاءِ 26.5 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ جاري ٿيندڙ فنڊز جو 90 سيڪڙو استعمال ٿي چڪو آهي. صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڄاڻايل 349 اسڪيمن ۾، 326 هائي ويز جون آهن، 14 ٿرڪول جون آهن. ٿرڪول جون اسڪيمون جيڪي ٿرڪول ورڪس کاتي کي منتقل ڪيون آهن انهن مان ٽي اسپيشل انيشيٽو ڊپارٽمنٽ ۽ ڇهه بلڊنگز جون عمل هيٺ آهن. هن چيو ته 349 اسڪيمن مان 108 اسڪيمون بشمول بلڊنگ کاتي جي هڪ هلندڙ مالي سال جي آخر تائين مڪمل ٿيندي ۽ باقي بچيل ايندڙ سال جي ۾ مڪمل ٿي وينديون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته کاتي جي 18.1 بلين رپين جي 56 اسڪيمون آهن جيڪي هلندڙ مالي سال جي آخر تائين مڪمل ٿي وينديون. هڪ سوال تي صوبائي وزير آبپاشي سيد ناصر حسي شاهه چيو ته ڪجهه اسڪيمون جيڪي مڪمل ڪيون وينديون انهن ۾ وسطي ڪوهستان ۾ واقع ، انگئي –II نئين سان گڏ ريچارج ڊيم جي تعمير، ڊيلان، نيگ ۽ مزراڻي ۾ ٽي ريچارج ڊيمن جي تعمير، بالائي ڪوهستان جي علائقي ۾ ريچارج ڊيم جي تعمير، اسر سيلار ڳوٺ بن قاسم ۾ ٻن ننڍن ڊيمن جي تعمير، روهڙي ڪينال ويجهو راڻي پور ۾ اسٽون پچنگ جي تعمير، ايل بي او ڊي مين سم نالي جي مٿان پل جي تعمير ۽ حاجي علي احمد مهري کان وٺي ٽي ايم خان تائين نالي جي تعمير ۽ ٻيون مختلف اسڪيمون شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هو بجيٽ منظور ٿيڻ کانپوءِ جلد چند اسڪيمن جو اوچتو دورو ڪندو.03

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں