اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ ٿيل واقعي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيوآهي ته ڪجهه دشمن عنصر قبائلي علائقن جي غيرتمند عوام کي ورغلائي رهيا آهن وزيراعظم عمران خان جي آفيشل فيس بوڪ پيج تي اتر وزيرستان واقعي بابت بيان مطابق وزيراعطم وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قربانين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪجهه دشمن عنصر قبائلي علائقن جي غيرتمند عوام کي ورغلائي رهيا آهن پر رياست انهن عنصرن کي امن ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي وزيراعظم عمران خان اتر وزيرستان ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جي ٽن آفيسرن ۽ جوان شهادت ماڻي وزيراعظم عمران خان شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمي جوانن جي جلد صحتياب ٿيڻ لاءِ دعا ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خصوصي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ اتر وزيرستان واقعي جو ذميوار محسن داوڙ ۽ علي وزير کي قرار ڏئي ڇڏيو. اتر وزيرستان واقعي تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته هي هڪ مائنڊ سيٽ هو جنهن ان وقت دهشتگرد کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ٽولو ٺاهي اسان جي فورس مٿان حملو ڪيو ويو. هنن دهشتگردن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ان وقت اسان دهشتگردن تائين پهچي وڃو ها. ان دهشتگردن کي بچايو نه وڃي ها ته هي افسوسناڪ واقعو نه ٿئي ها. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ مخالف ڌر جا اهي نادان دوست ڪٿي آهن ۽ هو ڪهڙو جواب ڏيندا هي سانحو ٿيو جنهن ۾ قوم جا هيرو دهشتگردن جو نشانو بڻيا. گاڏين ۾ ڌماڪيدار مادو لڳايو ويو هو جنهن جي پويان علي وزير ۽ محسن داوڙ افغان ايجنڊا کڻي هلي رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جهڙي طرح علي وزير ۽ محسن داوڙ پاڪستان جي مخالفن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن اڄ جو هي واقعو مخالف ڌر جي ان پارٽين جي لاءِ اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي جيڪي دهشتگردن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ هر دفعي اهو پيغام ڏئي رهيا آهن انهن کي اسيمبلين ۾ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هن واقعي جا ذميوار محسن داوڙ، علي وزير ۽ ان جي ٽيم تي ٿئي ٿي. جيڪڏهن انهن انهيءَ وقت آپريشن کي نه روڪيو هجي ها ته ۽ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري رياست جي رٽ کي ڪمزور نه ڪيو هجي ها ۽ ان علائقي مان دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ ڏين ها ته هي واقعو نه ٿئي ها. هن چيو ته قوم جي پٽن پنهنجي جان ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر حڪومت جي سياست کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ رياست جي مفادن کي داءَ تي لڳائي رهي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ دشمن قوتن جي بزدلانه قدم اسان جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته امن جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رهندي ۽ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟