پ پ چيئرمين جو ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو، نيب هڪ ڪارو قانون آهي: بلاول

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس پارٽي جي ڪارڪنن ٿي ٿيندڙ لٺبازي ۾ گهرو وزير اعجاز شاهه جو طريقيڪار نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس طريقيڪار واپس اچي رهيا آهن. جڏهن ته وزيراعظم مخالفن خلاف رياست کي استعمال ڪري رهيو آهي.زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قانون ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ڪنهن به پارٽي جا ڪارڪن پارٽي اڳواڻن سان گڏ پرامن طريقي سان نٿا وڃي سگهن . بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هن پارٽي ڪارڪنن کي مظاهري جو سڏ نه ڏنو هو، جڏهن کين اها خبر پئي ته قومي احتساب بيورو وڃي رهيو آهيان ته هو پاڻ ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي هر اداري تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته حڪومت پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته تبديلي جي نالي تي ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو ويو جڏهن ته ملڪ ۾ ماڻهن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. پ پ چيئرمين ڀٽو زرداري وزيراعظم پنهنجن سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ رياست جو استعمال ڪري رهيو آهي.   پنهنجي نيب پيشي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مون کان اهڙي ڪمپني بابت سوال ڪيا پيا وڃن جيڪا ان وقت وجود ۾ آئي جڏهن آئون هڪ ننڍڙو ٻار هئس ۽ اسڪول ويندو هئس. هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چئون پيا ته نيب قانون هڪ ڪارو قانون آهي. پنهنجي خلاف ڪيسن بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته اسان ٻٽو نظام برداشت ڪري رهيا آهيون، اسان ڪيسن ۾ پهريان به سرخرو ٿيا هئاسين ۽ اڳتي به ٿينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت هن ملڪ ڪو به بيورڪريٽ ۽ بزنس مين ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڇاڪاڻ جو هنن ڏٺو آهي ته لاهور جي ڊاڪٽرز ۽ اسپتال هلائڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو . اسلام آباد ۾ عورت ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن سان روزي ۾ اهڙو سلوڪ ڪيو ويو، ڇا هيءَ مديني جي رياست آهي؟ هن چيو ته اسان پنهنجي جيالن جي گرفتاري ۽ هنگامي جون ويڊيو گهرائي رهيا آهيون ۽ انهن کي ڏسڻ کان پوءِ قانوني ڪارروائي تي غور ويچار ڪيو ويندو. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي انٽرويو بابت هڪ ڪالم تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نيب چيئرمين جيئن چيو ته نيب حڪومت ڪيرائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي ته ان بيان جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار جي چئنل تان نيب چيئرمين جي ذاتي ويڊيو جاري ڪئي وئي. هن چيو ته هن سڄي صورتحال ۾ سازش نظر اچي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ به پيپلز پارٽي جي ريلين ۾ به نعرا لڳندا هئا ته ” هيءَ جا دهشتگردي آ ان جي پويان وردي آ“ پر اڳوڻي وزيراعظم سدائين هدايت ڪئي ته اهڙا نعرا نه هنيا وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي جي الزام ۾ گرفتار ايم اين اي علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان قانون مطابق هلي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهڙي نموني جهموريت تي حملا ٿي رهيا آهن، جنهن طريقي سان انساني حقن تي حملا ٿي رهيا آهن ته ان صورتحال ۾ هر سياسي پارٽي ۽ هر پاڪستاني جو حق آهي ته هو ٻاهر نڪري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواٽ ئي عيد کان پوءِ روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير جي گرفتاري بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ ايم اين اي علي وزير جا ترت پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو جمعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ اچي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ۽ قوم کي خبر پئي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته قومي اسيمبلي کي وضاحت ڪرڻي پوندي ته ڪهڙي قانون تحت قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي بنا اطلاع جي گرفتار ڪيو ويو .  هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي آهي تنهنڪري ايوان بابت نه ڳالهائيندس، جيستائين تحريري طور پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت لکڻ جو تعلق آهي ته اسان اهو ڪم ڪري سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر مسنگ آهي ۽ هڪ گرفتار آهي، وزيراعظم ۽ خيبر پختونخوا جو وڏو وزير ان معاملي تي ڇو چپ آهن؟  کين قوم کي ٻڌائڻ گهرجي ته اتر وزيرستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جڏهن ته جهموريت سمجهوتو ڪيو ته ملڪ کي نقصان پهتو، اسان جي دعا آهي ته پاڪستان هڪ وفاق جي صورت ۾ قيامت تائين قائم دائم رهي ۽ جيستائين جهموريت رهندي تيستائين هن ملڪ کي ڪو به خطرو نه هوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں