سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچيءَ مان گم ٿيل 16 ٻار بنا دير بازياب ڪرائڻ جو حڪم، پوليس تي ڪاوڙ

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻارڙا بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي  پوليس مٿان ڪاوڙ ظاهر ڪئي آهي. عدالت گم ٿيل ٻارڙن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران  ڊي آءِ سي آءِ اي عارف حنيف کان سوال ڪيو ته ڇا ڪو ٻارڙو بازياب ٿيو آهي جنهن تي عارف حنيف عدالت کي ٻڌايو ته هو ڪوشش ڪن پيا،  سيوهڻ ۽ فيصل آباد ۾ ڪجهه ٻارڙا موجود هئڻ جا اطلاع آهن. روشني هيلپ لائينجي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 16 ٻار گم آهن. جن جا والدين سخت پريشان آهن. عدالت آءِ جي سنڌ کي لاپتا ٻارڙن جو معاملو پاڻ ڏسڻ جي هدايت ڪندي گم ٿيل 16 ٻارڙن  کي بنا دير بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڊي آءِ جي سي آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 22 جون تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں