“وزيراعظم اتر وزيرستان واقعي تي جواب ڏئي” ن ليگ پارليامينٽ جي خاص ڪاميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ن ليگ جي پارلياماني اڳواڻ خواجه محمد آصف اتر وزيرستان واقعي ۽ نيب چيئرمين جي وڊيو معاملي تي پارليامينٽ جون خاص ڪميٽيون جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي بويا واقعي تي جواب ڏيڻُ پوندو، نيب چيئرمين جي مبينا آڊيو ۽ وڊيو ظاهر ٿيڻ ۾ تحريڪ انصاف ملوث آهي، ن ليگ ۽ پ پ سميت سموريون مخالف پارٽيون نيب جي قانون جو شڪار آهن، نيب جي قانون ۾ ترميم نه ڪرڻ اسان سڀني جي ڪوتاهي آهي، تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي جاءِ وٺڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو ويٺا آهن، چاهين ٿا ته قومي حڪومت ٺهي ۽ اهو وزيراعظم بڻجي، سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدارتي خطاب تي بحث ڪندي خواجه محمد آصف چيو ته صدارتي خطاب تي بحث پراڻي ڳالهه ٿي وئي آهي، هن چيو ته نيب جو سلسلو هلي رهيو آهي ۽ ڪي پي ڪي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو ان تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسپيڪر خواجه آصف کي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، خواجه آصف الزام مڙهيو ته نيب چيئرمين جي مبينا آڊيو ۽ وڊيو ظاهر ڪرڻ ۾ تحريڪ انصاف ملوث آهي، حڪومت جيڪو ڪردار نيب چيئرمين جي معاملي ۾ ادا ڪيو اهو شرم جوڳو آهي، ڇو ته هن پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين تي حملو ڪري ان جي ساک کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته هي معاملو وڌي ويو آهي، جڏهن ته مان پنهنجي ۽ سمورين مخالف پارٽين پاران ايوان کي تجويز پيش ڪيان ٿو ته معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي ته جئين سڄو معاملو عوام اڳيان اچي، هن چيو ته حڪومت نيب جي قانون کان بچڻ لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي آهي ۽ نيب کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته حڪومت نيب کي ٽارگيٽ ڪري پنهنجي ماڻهن کي نٿي بچائي سگهي، هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ سميت سمورين مخالف پارٽيون نيب جي قانون جو شڪار آهن، هن اعتراف ڪيو ته نيب جي قانون ۾ ترميم نه ڪرڻ اسان سڀني جي ڪوتاهي آهي، هن چيو ته نيب انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، نيب جو ادارو ڪنهن ڇو ٺاهيو، اسان ڀوڳيو آهي، خواجه آصف چيو ته نيب جي ڪيسن کي نواز شريف ۽ شهباز شريف منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته مان، شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه سعد رفيق نيب جي نشاني تي آهيون، اسان جا ڪيترائي ماڻهو نيب جي قانون جو نشان بڻجي چڪا آهن، هن چيو ته تجويز ڪيل حڪومتي ترميمن موجب حڪومت پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ چاهي پئي، اهڙي ترميم اسان کي منظور نه هئي، خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن نيب جي قانون ۾ ڪجهه شڪون هڪ آمر جي دور ۾ سياسي حريفن کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ شامل ڪيون ويون، جڏهن ته اهي ختم ڪري نيب جي قانون ۾ تبديلي ڪئي وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر خواجه آصف سان گفتو ڪيو ته مون کي خبر آهي جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪ ڏنا ويا، فواد چوڌري جي حوالي سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته منهنجي ڀاءُ کان اهم وزارت وٺي هڪ اڻ چونڊيل شخص کي وزير بڻايو ويو آهي، هن چيو ته فواد چوڌري جڏهن کان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت ۾ آيو آهي سٺيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، يقين آهي ته جيڪڏهن درياءَ جي ڇولين جي ڳڻپ تي لڳايو وڃي ته هو اتي به ڪو ڪم ڪڍي وٺندو، ان جي هن جملي تي به ايوان ۾ ٽهڪ ڏنا ويا، هن چيو ته حڪومت نيب وڊيو ڪيس ۾ نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن هر چينل هي وڊيو هلائڻ کان پاسو ڪيو ته جهانگير ترين پارٽنرشپ واري چينل تان هلائي وئي، هن چيو ته طاهر اي خان تحريڪ انصاف جو ميڊيا ايڊوائيزر هيو آهي، نيب چيئرمين اشو تي پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جوڙي وڃي، هن چيو ته اسان اقتدار ۾ هئاسين ته اسان کي لڳو ته اقتدار وڃڻ وارو نه آهي، اسان به نيب قانون کي تبديل نه ڪيو، جيڪڏهن وقتي طور تي نيب کان ڪجهه ماڻهن کي بچايو وڃي ته سڀاڻي هي وقت نه رهندو، اسان جي سمورن فاٽا ميمبرن آئيني ترميم جي ضرورت زور ڀريو ته جيئن اتي آدمشماري ٿي وڃي، افسوس جو ڪجهه عنصر پنهنجي سينٽ مان ان جي گڏيل منظوري نٿا چاهين، اڄ فاٽا ڪي پي ڪي جو حصو آهي بلڪل اهڙي طرح جيئن پشاور، مردان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ڪي پي ڪي جا حصا آهن، هن چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو واقعو ٿيو ان جي تفصيل ۾ نه ويندس ڇو ته اهو واقعو افسوسناڪ آهي، رت ڪنهن جو به وهي هن ڌرتي تي ان جو ڏک ٿو ٿئي، هن چيو ته دهشتگردي جنگ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان ڪي پي ڪي جو ٿيو آهي ۽اتي فاٽا سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو. آمريڪا جي جنگ اسان 2 ڀيرا وڙهي آهي، هڪ نائين اليون کانپوءِ ۽ ٻي 80 جي ڏهاڪي ۾ وڙهي آهي، خبر ناهي ان آمريڪي جنگ جو نتيجو ڪيسيتائين ڀوڳينداسين. هن چيو ته اسان کي بيروني دشمن جي سامهون گڏجي بيهڻ جي ضرورت آهي، وقت آهي ته اسان ان طرف ڌيان ڏيون، ٻي صورت ۾ تاريخ معاف نه ڪندي، هن چيو ته هر دور ۾ اسان غلطيون ڪيون، اوڀر پاڪستان ۾ غلطيون ڪيون، بلوچستان ۾ اڪبر بگٽي جي شهادت سان هڪ الميو پيدا ٿيو، اسان تاريخ جي ان ڌارا تي بيٺا آهيون جيڪڏهن فالٽ لائين کي ٺيڪ نه ڪيو ته سلامتي کي خطرو آهي، خواجه آصف چيو ته اتر وزيرستان ۽ نيب چيئرمين وڊيو جي حوالي سان خاص ڪميٽيون جوڙيو، چيو پيو وڃي ته اتروزيرستان واقعي ۾ ايوان جو هڪ ميمبر گرفتار ۽ ٻيو روپوش آهي، هن چيو ته ٻن اسيمبلي ميمبرن جا نالا اچي رهيا آهن، بويا معاملي تي وزيراعظم کي بيان ڏيڻو پوندو، هن معاملي تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ۽ بچاءَ واري وزير کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان سڀني کي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي طرف مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ کان سوال ڪيو ته ٻڌائي سندس افغانستان انٽيليجنس ايجنسي اين ڊي ايس چيف سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد سعيد جو چوڻ هو ته وڊيوز موجود آهن ته ڪالهه ڪيئن فوج جي چوڪي تي حملو ڪيو ويو، هن ايوان جي ميمبر ماڻهن کي مڇرايو. مراد سعيد چيو ته ٻن ٽن ڏينهن کان پرامن ڌرڻو جاري رهيو، مطالبا مڃڻ جو وقت آيو ته ايم اين اي فون ڪري چوڪي تي حملو ڪرڻ جو چيو. هن چيو ته هڪ پارٽي چيئرمين جو بيان آيو، هڪ محترمه جو بيان به آيو، وزيرستان ۾ آپريشن ٿيو ته ڪنهن جي حڪومت هئي؟، نقيب الله محسود جي قتل کانپوءِ پي ٽي ايم ٺهي، رائو انوار ڪنهن جو بهادر ٻچو آهي؟ بلاول ڀٽو ٻڌائي سندس بهادر ٻچو رائو انوار ڪٿي آهي؟. سندس چوڻ هو ته محسن داوڙ ماضي ۾ ڊرون حملن جي حمايت ڪندو رهيو آهي، محسن داوڙ اچڪزئي کي گڏائي سرحد تي باڙ لڳائڻ جي به مخالفت ڪئي هئي، اڄ ادارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، محمود اچڪزئي 25 هزار افغانين جا جعلي ڪارڊ ٺهرايا. مراد سعيد چيو ته محسن داوڙ کان سوال ڪريان ٿو، طاهر داوڙ جو لاش اين ڊي ايس چيف ڇو چيو ته محسن داوڙ کي ڏيندس؟ محسن داوڙ ۽ اين ڊي ايس چيف جو ڪهڙو تعلق آهي؟. هن وڌيڪ چيو ته محسن داوڙ صاحب اين ڊي ايس اوهان کي ڪيئن سپورٽ ڪندي آهي، ان جو جواب ڏيو؟. وفاقي وزير ن ليگ ۽ پ پ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سندن غلط پاليسين جي ڪري اسان جا گهر تباهه ٿيا، اهي دشمنن جي بيانئي کي پروموٽ ڪندا آهن، مان آءِ ڊي پي به ٿيس، گهر ۽ ڪاروبار اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو. هن چيو ته گهڻي عرصي کانپوءِ علائقي ۾ خوشحالي آئي آهي، هاڻ اسان کي زخمن تي مرهم رکڻو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں