اتر وزيرستان حملي جو ڪيس محسن داوڙ ۽ علي وزير سميت 9 ڄڻن تي داخل، پاڪ فوج جو زخمي جوان شهيد

0Shares

راولپنڊي  / پشاور (م ڊ ) اتر وزيرستان  ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جو ڪيس محسن داوڙ ۽ علي وزير سميت 9 ڄڻن  تي دفاخل، پاڪ فوج جو زخمي نوجوان شهيد. خبر موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي حملي جو ڪيس محسن داوڙ سميت 9 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزير کي 8 ڏينهن جي لاءِ سي ٽي ڊي جي حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن پاڪ آرمي جي چيڪ پوسٽتي حملو ڪندڙ پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزير کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بنون ۾ پيش ڪيو ويو جتي اي ٽي سي جج علي وزير کي 8 ڏينهن جي لاءِ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ علي وزير کي پشاور منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ ۽ علي وزير جي قيادت ۾ خار قمر چيڪ پوسٽ حملي ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان زخمي ٿيا هئا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ حملو ڪندڙ تي ڄڻا مارجي ويا هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو، پيٽرولنگ دوران بويا جي علائقي ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن، هي لاش گذريل ڏينهن حملي جو نشانو بڻيل خڙقمر چيڪ پوسٽ کان ڏيڍ ڪلوميٽر کان پري مليا آهن، واضح رهي ته گذريل ڏينهن محسن جاويد ۽ علي وزير جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽولي اتروزيرستان جي خڙقمر چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، ڄاڻايل ٽولي جي فائرنگ ۾ 5 فوجي زخمي ٿيا هئا. هوڏانهن وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ زخمي ٿيل سپاهي گل خان شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب سپاهي گل خان شهيد جمرود ڪوڪي خيل جو رهواسي هو، آءِ ايس پي آر موجب سپاهي گل خان شهيد کي 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں