اسحاق ڊار جي ملڪ واپسي بابت اهم اڳڀرائي، پاڪ-برطانيه وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

0Shares

اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پاڪستان حوالگي جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه لاءِ برطانيه ۽ پاڪستان ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن.مفاهمت جي يادداشت تي برطانوي عهديدار گرائم بگر ۽ پاڪستان جي طرفان وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر صحيحون ڪيون. رپورٽ موجب ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار جي پاڪستان حوالگي بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي.وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن. هن چيو ته ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار جي پاڪستان حوالگي جي ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون آهن، دستاويز تي برطانوي گهرو وزير جي فول پرسن گرائم  بگر صحيحون ڪيون.ذريعن موجب مفاهمت جي يادداشت جوابدارن جي حوالگي جي ٺاهه جي عدم موجودگي ۾ قانوني بنياد فراهم ڪندي. مفاهمتي يادداشت جي متن موجب پاڪستان ۽ برطانوي حڪومتون اسحاق ڊار جي پاڪستان حوالگي لاءِ هم آهنگي تي پهچي ويون آهن ۽ مفاهمت جي يادداشت جو مطلب آهي ته اسحاق ڊار کي قانوني ڪارروائي لاءِ پاڪستان حوالي ڪيو وڃي. متن موجب مفاهمت جي يادداشت ڏوهه کي منهن ڏيڻ ۾ وڌيڪ متحرڪ سهڪار فراهم ڪندي.ياد رهي ته اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي خلاف احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ هو پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ ڪجهه عرصي بعد علاج جي حوالي سان لنڊن هليو ويو جنهن کان پوءِ ملڪ واپس ناهي آيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هدايت تي حڪومت جي طرفان سندس ۽ سندس گهر واري جا پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن ۽ هو هن وقت بغير پاسپورٽ جي لنڊن ۾ رهي رهيو آهي.01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں