پي ٽي ايم تي پابندي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، گهرو وزارت کان جواب طلب

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ پشتون تحفظ موومينٽ(پي ٽي ايم) تي پابندي لڳائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ادارا پنهنجي قانون تي سختي سان مڪمل عمل ڪرائين. عدالت گهرو وزارت کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو جڏهن ته ٻين ڌرين سميت منظور پشتين، علي وزير ۽ محسن داوڙ کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي 3 جون تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  عدالت حڪم ڏنو ته گهرو وزارت، پي ٽي ايم ۽ پيمرا پنهنجي قانونن تي عمل يقيني بڻائين.04

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں