ڪراچي ۾ “ يوم علي” عه جي جلوس تي دهشتگرد حملي جي سازش ناڪام، آپگهاتي جيڪٽ هٿ، 20 گرفتار

0Shares

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي پوليس حضرت علي عه  جي شهادت ڏهاڙي واري ماتمي جلوس تي  دهشتگرد حملي جي سازش ناڪام بڻائيندي هڪ آپگهاتي جيڪٽ هٿ ڪري 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي آءِ جي ڪراچي اوڀر  عامر فاروق موجب پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري شهر جو امن تباھ ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. هن ٻڌايو ته دهشتگردن حضرت علي عه جي شهادت ڏهاڙي  واري ماتمي جلوس تي حملو ڪري ڪيترن ئي بي گناهن کي رت ۾ وهنجارڻ جي سازش تيار ڪئي هئي. جيڪا ناڪام بڻائي وئي. هن ٻڌايو ته خودڪش جيڪٽ جو وزن 60 ڪلو آهي جنهن کي موقعي تي ڊي فيوز  ڪيو ويو. عامر فاروق موجب جيڪڏهن ۾ بارود کان علاوه نٽ بولٽ به استعمال ڪيا ويا جنهن سبب وڌيڪ جاني نقصان ٿي پئي سگهيو ڪارروائي جناح روڊ جي ڀرسان واري آبادي لائينز ايريا ۾ ڪئي وئي آهي جنهن دوران 20 شڪي  ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں